پاڪستانسنڌ

بدين ۾ ايڊز جا 122 مريض،ڊي سي ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

بدين :ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جي روڪٿام لاءِ اهم گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ايڇ آئي وي ايڊز کي روڪڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. انجيڪشن لاءِ نئين سرنج جو استعمال ڪيو وڃي. حجام وٽ پڻ نئون بليڊ استعمال ڪيو وڃي. ان کان علاوه جنسي تعلق ۾ پنهنجي جيون ساٿي تائين محدود رهجي. هن ڊي ايڇ او کي هدايتون ڏيندي چيو ته ايڇ آئي وي تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏجي ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا وقتن به وقتن گڏجاڻي ڪري ايڇ آئي وي ايڊز جي روڪٿام بابت پروگريس رپورٽ ڏيندي رهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي پڻ پابند ڪن ته هو نشي آور انجيڪشن هرگز وڪرو نه ڪن. گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي صوبائي ڪوآرڊينيٽر نئين زندگي ڊاڪٽر غوث بخش چيو ته ضلعي بدين ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جا 122 مريض رجسٽرڊ آهن، انھن مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته 122 ايڇ آئي وي مريضن مان گهڻا مريض تعلقي بدين ۽ ماتلي سان تعلق رکندڙ آهن. هن چيو ته بدين ڊسٽرڪٽ جيل ۾ 59 شڪي قيدين جون ايڇ آئي وي ٽيسٽ ڪيون ويون جنهن مان هڪ قيدي ايڇ آئي وي پازيٽو نڪتو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شير محمد نھڙيو، ايڇ آئي وي فوڪل پرسن سول اسپتال بدين ڊاڪٽر عديل ميمڻ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ذاڪر علي، ڊسٽرڪٽ مئنيجر ھينڊز حيدر علي پنھور، ڊسٽرڪٽ مينيجر آغا خان ليبارٽري شعيب احمد، رھنما انچارج امتياز شيخ، سارنگ جوڻيجو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button