اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردن ۽ انهن جي حامين جو ناپاڪ ڳٺ جوڙ ٽوڙينداسين:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي حامين، ۽ همدردن جو ناپاڪ ڳٺ جوڙ ٽوڙينداسين. ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي. ڪالهه اهڙو اظهار سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائيندي ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته شمسي توانائي وقت جي اهم ضرورت آهي، معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ امپورٽ بل ۾ گهٽتائي لاءِ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. خانگي سطح تي شمسي توانائي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن. شمسي بجلي گهرن جي حوالي سان بڊنگ جو ڪم تيز ۽ شفاف بنائڻ جي حوالي سان سمورا لاڳاپيل کاتا ضروري قدم کڻن. گرمي جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. شمسي توانائي تي منتقل ٿيڻ سان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. خميس تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته شمسي توانائي صاف ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي. اجلاس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ مهانگي ٻارڻ جي جڳهه سمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان فريم ورڪ منظور ڪري چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button