پاڪستانسنڌ

ڄامشوري لڳ فوتي عورت جون آخري رسمون ادا ڪرڻ نه ڏنيون ويون،فائرنگ، ڌرڻو

ڄامشورو: ڄامشوري جي ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ ڀرسان ويٺل اقليتي تماچي برادري جي هڪ عورت فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش وارث کڻي قبرستان پهتا ته کين لاش جون رسمون ادا ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ ڪانڌين مٿان مبينا فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ڪانڌين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ متاثر لاش واپس تماچي ڳوٺ کڻي ويا. ان موقعي تي لونگ خان تماچي، نبن تماچي، عمران تماچي، دادن تماچي ۽ ٻين ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو ته ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ جي ڀرسان اسان جي اڌ برادري رهائش پذير آهي، اسان جو اتي قديمي قبرستان آهي، جنهن تي هن وقت بااثر بلڊر سني ڀٽي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اسان جي قبرستان تي قبضو ڪري رھائشي اسڪيم ٺاهي اتي پلاٽ وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي قبرستان تي قبضو ڪري رهيو آهي، قبرستان ۾ اسان ننڍن ٻارڙن کي پوريندا آهيون، جڏهن ته وڏن جي لاشن کي ان قبرستان ۾ ساڙيندا آهيون، اتي شمشان گهاٽ به موجود آهي، اسان جي 65 سالا پيرسن دولهاري فوت ٿي وئي، ان جو لاش کڻي قبرستان وياسين ته بااثر بلڊر سني ڀٽي جي سيڪيورٽي گارڊن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني، اسان سر بچائي نڪتا آهيون ۽ اسان لاش کڻي گهر پهتا آهيون، هن وقت هتي دانهي رهيا آهيون ته قبرستان تان قبضو ختم ڪري اسان کي اتي وڃڻ ڏنو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان جي قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي لاش دفنائڻ ڏنو وڃي. هوڏانهن مسلسل 15 ڪلاڪن تائين ضلعي اختيارين پاران ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو، جنهن بعد متاثرن پيرسن عورت جو لاش مزده گاڏي ۾ کڻي لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ وٽ پهچي لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم علي جلباڻي پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس پهري هيٺ لاش کڻائي مذڪوره قبرستان ۾ پهتا، جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button