آخري پنا هري موٽواڻي جي آتم ڪٿا آهي. هري جو تعلق جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي سان آهي پر هو انهن سنڌي ليکڪن مان ناهي جن کي ورهاڱي جي ڪري سنڌ مان لڏڻو پيو هو. پر سندس خاندان جيڪو لاڙڪاڻي ۾ رهيل هو اهو لڏي ڀارت ويو هو. هو اڳ ئي پنهنجي نانا سان هردوار ۾ ڪپڙي جي دوڪان تي ڪم ڪندو هو. هي هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن رسمي تعليم باقاعدگي سان حاصل نه ڪئي هئي. پر هڪ ڊگھي عرصي تائين هو ڪونج رسالي سان لاڳاپيل رهيو، ناول لکيا، شاعري ڪئي، ڪونج پبليڪيشن پاران ڪتاب ڇپرايائين ۽ جهولي لال فلم ٺاهيائين.
ليکڪ پنهنجي عشق، لکڻين، دوستن جي بيوفائين ۽ رولاڪين متعلق ڳالهايو آهي. هردوار ۾ سندس لا هڪ ته گنگا هئي ۽ ٻيو سندس پيار مڌو هئي. هردوار جي گنگا ۽ اتي ٿيندڙ ڪنب جي ميلي جي حوالي سان هڪ پوتر حيثيت آهي. اتان جي واپار جو دارومدار اتي ايندڙ ياترين تي آهي. ٻاراڻي وهي ۾ سندس واقفيت هڪ پاڻ جيڏي ڇوڪري سان ٿي جنهن جو هن پنهنجي هن ڪتاب ۾ اصلي نالي بجائي مڌو جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي.
هري جا مائٽ سندس شادي ننڍي هوندي ئي پنهنجي پسند سان ڪرائين ٿا ۽ هو اهو نه چاهيندي به ان جي مزاحمت نه ٿو ڪري سگھي. پر سندس محبت مڌو سان ئي رهي ٿي ۽ هو آخر تائين پنهنجي زال سان محبت نه ٿو ڪري.ِ ان جو هو کليل نموني اظهار به ڪري ٿو. نه رڳو اهو ته سندس زال کي ساڻس اها شڪايت رهي پر هو ان جو ڪو تدارڪ به نه ٿو ڪري. زال جي زندگي جي آخري ڏينهن هو سندس اصرار تي گھر کان ٻاهر نه ٿو وڃي ۽ ان ڏينهن ئي هو دل جي دوري ۾ گذاري وڃي ٿي. اتم جهڙا سندس مخالف ان ڳالهه کي هلائيندا رهيا ته هري پنهنجي زال سان محبت نه ٿو ڪري.
ورهاڱي کانپو سندس خاندان بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو هڪ ڀيري پنهنجي ناني سان ڪاوڙجي هردوار مان هليو وڃي ٿو. ناني جي ليکي ته هو پنهنجي ما پي وٽ بمبئي ويو هوندو پر هو لکنو هليو وڃي ٿو. وٽس جيڪا ٿوري گھڻي رقم هجي ٿي اها ڪجھه ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اتي سندس ملاقات هڪ مسلمان يوسف سان ٿئي ٿي جنهن جو خاندان ته پاڪستان لڏي ويو هو پر هو پنهنجي وطن کي ڇڏڻ لا تيار نه هو. ان کي ڏسي کيس اهو خيال ٿئي ٿو ته آخر هن ڇو سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو اتي گھڻا ڏينهن گذاري ٿو. ڪڏهين ڪنهن سستي هوٽل ۾ ته ڪڏهين ڌرمشالا ۾ رهي ٿو. ڌاريون ماڻهو هئڻ ڪري اتي ڪير کيس نوڪري ڏيڻ لا تيار نه ٿو ڏئي. نيٺ کيس هڪ بس اڏي تي ڪم ملي ٿو. جيتوڻيڪ اتي هو پنهنجو نالو بدلائي رهي رهيو هو پر سندس پي جو واقف هڪ پوليس وارو کيس سڃاڻي وٺي ٿو جيڪو سندس پي کي ٻڌائي ٿو جيڪو اچي کيس بمبئي وٺي وڃي ٿو.
هو ان وقت جي الهاس نگر، جتي سنڌ مان گھڻا شرنارٿي رهيل هئا، جي صورتحال ٻڌائي ٿو. گندگي جا ڍير، ڪوئا، پاڻي لا ماڻهن جون قطارون ۽ بمبئي وڃڻ لا صبوح جو سويل اٿي ريلوي اسٽيشن تائين ڊگھو پنڌ ڪرڻ وغيره. بمبئي ۾ هن پڪوڙن ۽ مٺائي وغيره وڪڻڻ جو ڪم به ڪيو.
ڪتابن پڙهڻ جو شوق کيس هردوار ۾ هئڻ وقت کان هو. فارغ وقت ۾ هو ڪو نه ڪو ڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس نانو ان جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو ته ڌنڌي جي جا تي ڪتاب پڙهڻ سان اتان برڪت هلي ويندي آهي. پر ان جي باوجود هو پنهنجي ڪرت سان لڳل رهيو.
هند جي سنڌي ليکڪن ۾ نظرياتي حوالي سان ٻه واضح گروهه هئا جيڪي هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪندا هئا. هڪ پاسي اتم، گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جي ٽه مورتي هئي جيڪي ترقي پسند ليکيا ويندا هئا جڏهين ته ٻئي پاسي موهن ڪلپنا ۽ سندس دوست هئا. هري جو واضح طور انهن مان ڪنهن سان به تعلق نه هو پر هو ذاتي حوالي سان ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم کان پرتي هو. اهڙي ريت جڏهين هن ڪونج رسالي ڪڍڻ جو سوچيو ته ان وقت هو پاڻ اڃا ادب جي دنيا ۾ داخل نه ٿيو هو ۽ کيس ان جي سنڀالڻ لا ڪنهن ليکڪ جي ضرورت هئي. هن گھڻي صلاح مشوري کانپو ان جي لا موهن ڪلپنا جي چونڊ ڪئي. پر موهن ان کي پنهنجي نظرياتي جنگ جي مورچي طور استعمال ڪيو ۽ رسالي ۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم ۽ ان جي دوستن تي سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. اها ڳالهه هري جي مزاج وٽان نه هئي ۽ ان کي نه آئڙي. هن ان تي اعتراض ڪيو پر موهن پنهنجا جواز پيش ڪيا ته ترقي پسند به مٿن تنقيد ڪن ٿا ۽ کيس انهن کي جواب ڏيڻ جو حق آهي. انهن هن کان رسالو خريد ڪرڻ تي چاهيو پر اهو معاملو ٺهي نه سگھيو. موهن کانئس هڪ پرچي شائع ڪرڻ جي اجازت گھري ۽ پو اهو هري جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان دوران هري پاڻ لکڻ شروع ڪيو. ڪونج رسالي کانسوا هن ڪونج پبليڪيشن تحت مختلف ليکڪن جا ڪتاب پڻ شائع ڪيا. سندس ڪجھه دوستن پاران کيس فلم ٺاهڻ ۾ حصيدار ٿيڻ لا چيو ويو پر انهن بجائي پنهنجو حصو ڏيڻ جي گھڻي رقم مختلف بهانن سان کانئس ئي ورتي. فلم به هلي نه سگھي ۽ هو قرضن ۾ وٺجي ويو جنهن کي هو اٽڪل ڏهن سالن تائين ڀوڳيندو رهيو.
هري ٽي ڀيرا سنڌ آيو. هو پنهنجن سنڌي دوستن سان مختلف جاين تي گھمڻ ويو. آخري ڀيرو جڏهين هو آيو ته مّخدوم جميل الزمان جو مهمان هو ۽ هالا ۾ سندس مهمان خاني ۾ رهيل هو. هو هتي پنهنجي ويزا وڌرائي اٽڪل ٽي مهينا رهيو پر اهو تجربو سندس لا ڏاڍو تلخ رهيو. ٿيو ائين ته اتم آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروگرام ۾ هري جي ڪنهن ڪتاب تي ڳالهائيندي اهو چيو ته هو سخت ائنٽي پاڪستان آهي ۽ پو پنهنجن دوستن کي اهو چوندو رهيو ته هي روز روز سنڌ ٿو وڃي ۽ هاڻي ڏسان ته هو وري ڪيئن ٿو پاڪستان وڃي. سي آئي ڊي پاران خاص طور ڀارت جي ريڊيو جي نشريات کي ريڪارڊ ڪيو ويندو هو ۽ اهڙي ريت اها ڳالهه به ريڪارڊ تي اچي ويئي. سي آئي ڊي پاران هري جي لاڳيتو نگراني ٿيڻ لڳي. سندس ويزا جي توسيع جو معاملو به رولي ۾ پئجي ويو. نيٺ مخدومن جي مداخلت کانپو هو سي آئي ڊي آفيسر آڏو پيش ٿيو جنهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ اهڙي ريت هو گرفتاري کان به بچي ويو ۽ سندس ويزا ۾ توسيع ٿي ويئي.
هو پنهنجي محبت ۾ جنسي تعلق جو قائل نه ٿو هجي پر هو پنهنجي پهرين ننڍپڻ جي محبت مڌو کي وساري نه ٿو سگھي. هو آخري ڀيرو ساڻس ملڻ چاهي ٿو. گھڻي ڪوشش کانپو هو دهلي ۾ سندس گھر ڳولهي ٿو جتي هو پنهنجي بيمار مڙس سان رهي ٿي. هو ساڻس ملاقات ته ڪري ٿي پر ڪجھه ڳالهائي نه ٿي. هو پاڻ ڪجھه لفظ ڳالهائي اتان اٿي اچي ٿو. پر سندس واپس ٿيڻ وقت مڌو جو ڪيل ڀڻڪو ڄڻ سندس سڄي زندگي جو سرمايو هجي ٿو. هو سندس خاموشي ۽ آخر ۾ ڪيل ڀڻڪي کي ئي پنهنجي لا سڀڪجھه سمجھي ٿو ۽ پنهنجي محبت سان ملڻ تي اطمينان محسوس ڪري ٿو. اهو ڀڻڪو ئي ڄڻ سندس آتم ڪٿا جو آخري پنو هجي ٿو.
هي آتم ڪٿا هڪ اهڙي شخص جي آهي جيڪو زندگي جي گھڻن ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ساڳي وقت اها هند جي سنڌي ادب جي منظرنامي ۽ اتان جي اديبن ۾ ذاتي ڇڪتاڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ متعلق پڻ ڪجھه معلومات ڏئي ٿي. اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ان آتم ڪٿا ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال گھٽ ڪيو ويو آهي جيئن هند جا ٻيا گھڻا سنڌي ليکڪ ڪندا آهن جنهن جي ڪري پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ گھڻي ڏکيائي نه ٿي ٿئي.