ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ ٻوڏ جي بربادي آيل هئي، جنھن کي ترت ۽ مڪمل روڪڻ ظاھري طور ڪنھن جي به وس ۾ ڪونه ھو پر اھا سچائي آھي ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي وڏي حصي ۾ وڏي تباھي آيل آھي جنھن کي سڌارڻ اسان سڀني جو فرض آھي. ھتي اھا سمجهاڻي ڏيڻ جي به ضرورت آھي ته ٻوڏ رڳو سنڌ ۾ ڪونه ِآيل ھئي پر ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ آيل ھئي. جڏھن ته بلوچستان صوبي وري پنھنجي ٻوڏ جو خطرناڪ پاڻي، سنڌ موڪلي سنڌ کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيو آھي.
انھيءَ ٻوڏ جي وڏي برباديءَ کي گهٽائڻ لاءِ وڏي پيماني تي مکيه پر لاڳيتي جدوجھد جي ضرورت آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به مدد لاءِ اھم بيان جاري ڪيا آھن. جڏھن ته انھن ٻنھي اھم سياسي اڳواڻن سنڌ جي دکدائڪ حالت بھتر بڻائڻ لاءِ کوڙ ڪوششون به ڪيون آھن پر ھڪ ڳالهھ جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته ٻوِڏ جي تباھيءَ کي سنڌ جي لکن ماڻھن کان بچائڻ لاءِ، اھم ڪوششن جي اڃا به وڌيڪ ضرورت آھي. ائين بلڪل ڪونھي ته جيڪا وفاقي ۽ سنڌ سرڪار مدد ڪري رھيا آھن سا کوڙ آھي.
ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ جي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي تازو جاري ڪيل بيانن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
تازو وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اربين رپين جي ضرورت آهي. خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جو جائزو به ورتو. وزيراعظم ميان شهباز شريف وساڻ هائوس ڪوٽڏيجي پھتو، جتي ٻوڏ، بحالي ۽ امدادي اپائن تي اين ڊي ايم اي سميت ٻين ادارن جي عملدارن بريفنگ ڏني. انھيءَ موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير احسن اقبال، خورشيد شاهه، سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه، صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ، ايم اين جاويد شاهه جيلاني، ايم پي اي منور وساڻ، ڪمشنر سکر غلام مصطفيٰ ڦل، ڊي سي خيرپور شرجيل نور چنا، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر موجود هئا.
خبر موجب چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي نيڪالي ۽ متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪمن بابت باخبر ڪيو، جنهن تي وزيراعظم امدادي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مشينري ۽ وسيلن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سندس چوڻ ھو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صوبائي سرڪار ۽ ادارن جون ڏينهن رات ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي گهرج تي ڪامسيٽ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.
ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٻوڏ جي متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مدد ڪئي وڃي، ٻوڏ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سڄي صوبي جو انفرااسٽرڪچر گهڻو خراب متاثر ٿيو آهي، جنهن لاءِ وفاقي سرڪار کي سهڪار ڪرڻ گهرجي.
انھيءَ کان سواءِ، ٻوڏ متاثرن جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ ھو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ وادي مهراڻ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اهڙي آفت مون پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي. ٻوڏ واري صورتحال ناقابل بيان هئي، لکين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، فصل تباهه ٿيا. صوبائي حڪومتن، وفاقي ادارن سان گڏجي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي، ٻوڏ تمام وڏي هئي ۽ وسيلا گهٽ هئا، وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏنا. اين ڊي ايم اي 18 ارب رپين جو امدادي سامان ڏنو، سنڌ سرڪار به اربين رپيا خرچ ڪيا. گهڻي حد تائين بحاليءَ جو ڪم به ٿي چڪو آهي، پر اڄ به خيرپور ۽ دادو سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي. شهباز شريف چيو ته اڄ به 80 لک خاندان پاڻيءَ کان متاثر آهن. 2 ڪروڙ ماڻهو امداد جا حقدار آهن، 90 لک ٻار اڃا تائين ٻوڏ سبب متاثر آهن. سياري جي موسم شروع ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، اسان کي اربين رپين جي ضرورت آهي. ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم چيو ته يورپي ملڪن مان تمام گهڻي امداد اچي چڪي آهي. ترڪي، يو اي اي، قطر ۽ ٻين دوست ملڪن به امداد ڏني آهي.
عمران خان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم جو چوڻ ھو ته عمران خان ڪعبي جي ماڊل واري واچ وڪرو ڪئي. جيڪڏهن تحفو وڪرو ڪري غريبن جي حوالي ڪري ها ته مان ساراهه ڪريان ها. وزيراعظم فنڊ ۾ 5 ارب رپيا گڏ ٿي ويا آهن، جنهن سان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهر ٺهرائينداسين. سنڌ سرڪار انھيءَ لاءِ زمين ڏيندي ۽ ڪامسٽ يونيورسٽيءَ لاءِ به زمين ڏيندي. هن چيو ته ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ صوبن سان صلاح مشورا ڪيا اٿم، جتي مان ٻوڏ متاثرن جو ڪيس پيش ڪندس ۽ دنيا کي ٻڌائيندس ته پاڪستان هن مصيبت ۾ آيو آهي، پر ان جو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته اسان ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ ايترو حصو نٿا وجهون.
بھرحال، وزيراعظم پنھنجي بيان ۾ ڪيتريون سچايون بيان ڪيون آھن، مطلب اھو آھي ته جنھن کي ساڻس سياسي اختلاف ھجن سو سندس حق آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر جيڪو اھم مسئلن تي مناسب رويو اختيار ڪري ان جي واکاڻ ڪرڻ گھرجي. ھونئن به اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته ھاڻوڪو وزيراعظم شھباز شريف، پنجاب صوبي جو وڏو وزير ھو ته سندس رويو پنجاب سان ضرورت کان وڌيڪ ھمدرد ۽ سنڌ سان ضرورت کان وڌيڪ خاص ڪري پاڻيءَ جي مسئلي تي نامناسب ھو ۽ اسان انھن ڏينھن ۾ به مٿس تنقيد ڪري کوڙ ڪالم لکيا ھئا پر سندس وزيراعظم طور رويو اعتراض جوڳو ڪونھي. مطلب ته سنڌ خلاف ناھي. تنھنڪري اسان کي سندس واکاڻ ڪرڻ گهرجي. ھونئن به اڳتي ھلي ٻيو وزيراعظم، عمران خان ٿي سگهي ٿو جنھن جو پوڻن چئن ورھين جي اقتدار دوران سنڌ بابت سندس دور کليو کلايو سنڌ دشمن ھو ۽ ھن سنڌ ٽوڙڻ بابت بيان به ڏنا ھئا. تازو ھن بيان ڏنا آھن ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو، مطلب سنڌ ٽوڙيو ۽ ان کان پوءِ وري به ھن وڌيڪ صوبا ٺاھڻ لاءِ نئون بيان ڏنو آھي. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته “سنڌ جا ٺيڪيدار” سندس سنڌ دشمنيءَ باوجود سندس خلاف تحريڪ نٿا ھلائين، جيڪو دکائڪ داستان آھي. بھرحال، اھا سچائي آھي ته عمران خان جي سنڌ ٽوڙڻ وارن بار بار بيانن سبب سندس مخالفت ڪرڻ گهرجي.
ھاڻي سنڌ جي وڏي وزير جو به ٻوڏ جي متاثرن وارن بيانن جو به جائزو وٺڻ گهرجي. ميڊيا موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو بيان تازو ڇپيو آھي. سندس چواڻي ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺھرائي ڏيڻ ۽ خيرپور ۾ يونيورسٽي ٺھرائڻ جو ارادو آھي.
بھرحال، ملڪ جي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو بنيادي فرض اھو آھي ته ٻوڏ جي گهڻو متاثر ٿيلن جي ڏينھن رات واھر ڪن پر ھڪ ٻيو به اھم جائز سبب آھي ته سنڌ ۾ جيڪي متاثرن جي واهر ڪرڻ جي اھليت رکن ٿا سي به پنھنجو فرض به ادا ڪن. اھا افسوس جي ڳالهھ آھي ته پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه سڏائيندڙ ٽولو يعني خاص طور سياسي اڳواڻ، عملي طرح عوام جي مدد ڪونه ڪندا آھن، رڳو اختلافي بيان جاري ڪري گذر سفر ڪندا رھندا آھن. اھو ڌنڌو ڪيتري وقت کان جاري آھي. اسان جي چوڻ جو مقصد اھو آھي ته جيڪي سنڌ واسي امداد ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن، سي ڀلي عملي طرح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪن، ڇاڪاڻ ته رڳو سکڻن بيانن سان سنڌ جي ٻوڏ وارن ماڻھن جو نبيرو ناھي ٿيندو. جن کي شڪ آھي سي ڀلي عمران خان جا سکڻا بيان پڙھن ۽ سبق پرائين. جنھن ۾ نه رڳو سندن ذاتي پر سنڌ کي نقصان پھچائڻ به شامل ھوندو آھي.
بھرحال، اسان جو سنڌ جي عوام کي دلي عرض آھي ته سياسي ۽ ذاتي فائدن کي ڇڏي، ٻوڏ متاثرن جي عملي طرح مدد ڪريو ۽ جيڪڏھن وفاقي سرڪار۽ سنڌ سرڪار سندن جائز مدد نٿي ڪري ته ڀلي انھن تي جائز تنقيد ڪريو پر ناجائز تنقيد ڪنھن تي به نه ڪريو ته بھتر.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button