ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جو ميلو

Editorial-Article- Rashid Leghari

حيدرآباد ۾ ميلن ملاکڙن جو رواج آڳاٽو آهي. سنڌ ۾ ميلا عوام ۽ ڳوٺاڻن جي وندر به رهيا آهن. سنڌ ۾ اڪثر ميلا صوفين، درگاهن، خانقاهن سان ئي منسوب آهي. هڪڙا ميلا اتي جا گادي نشين لڳائيندا آهن ته ٻيا ميلا وري وقت جي حڪومت ۽ سرڪار لڳائيندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لال شهباز جا ميلا سرڪار جي سرپرستي ۾ وڏي ڌام ڌوم سان لڳندا آهن. سنڌ ۾ ٻيا به وڏا ميلا لڳندا آهن. اهڙي ريت حيدرآباد ۾ گذريل 8 سالن کان مها ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ لا شيخ اياز مليو سجايو ويندو آهي. سنڌ ميوزم جي خانه بدوش ۾ سجايل ميلي ۾ ثقافت جي سهڪار سان ميلو لڳايو ويندو آهي. ميلي جون منتظمين ۽ سنڀاليندڙ عورتون ئي آهي. هن ڀيري 3 ڏينهن جو اياز ميلو لڳايو پيو وڃي. جنهن جو اڄ افتتاح به ڪيو ويندو. شروعات ۾ ميلي ۾ شيخ اياز جي شاعري، ان جي زندگي ۽ فڪر کي اڳيان رکي دانشور ڳالهائيندا هئا. هاڻ جيتوڻيڪ اياز ميلي کي وسيع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سماج، ميڊيا، تازو آيل ٻوڏ ۽ اهل قلمڪار جي ڪتابن تي ڳالهائڻ جا سيشن رکيا ويا آهن. هن ميلي ۾ هن دفعي 23 ڪتابن جا اسٽال به لڳايا ويا آهن. جنهن ۾ لاهور ۽ ٻين شهرن جا پبلشر به اسٽال لڳائيندا. فڪشن هائوس، دانيال، سنگ ميل ۽ ٻيا ادارا به ڪتاب کڻي پهچندا. ان عمل سان يقينن روشن خيال سوچ کي هٿي ملندي، جڏهن ورهاڱي وقت هڪ روشن خيال ادب جو خال رهجي ويو هو ته ان کي شيخ اياز جهڙن شاعرن ڀريو هو. جنهن تسلسل کي اڄ به برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن اياز ميلي ۾ مشهور صحافڻ عاصمه شيرازي جي ڪتاب ڪهاڻي وڏي گهر جي ڪتاب جو مهورت ڪرڻ سان گڏ 9 ٻين ڪتابن جو به مهورت ڪيو ويندو. هن ڀيري ميلي ۾ مختلف ويهڪن لا، 2 ڌار هال رکيا ويا آهن. ميلي ۾ پاڪستان جي سمورن ٻولين جا اديب، شاعر ۽ دانشور شرڪت ڪري رهيا آهن. اياز ميلي ۾ تهذيب فائونڊيشن به سهڪار ڪيو آهي. ميلي ۾ 20 سيشن ۾ 100 اسپيڪر ڳالهائيندا. 80 جي لڳ ڀڳ فنڪار ۽ سازندا به موجود هوندا.
8 هون اياز ميلي جو احوال:
سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ ٽن ڏينھن وارو اٺون اياز ميلو اڄ کان حيدرآباد ۾ سنڌي ميوزم ۾ خانه بدوش اڱڻ تي سجايو ويندو. ثقافت کاتي جي سھڪار سان ٿيندڙ اياز ميلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، اسٽيج ۽ پنڊال سجايو ويو آهي، هن ڀيري اسٽال ڪشادو ۽ وڏ به لڳايو ويو آهي. ميلي ۾ 30 کان وڌيڪ ويھڪون ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي منعقد ٿينديون، جڏھن تھ ڪتابن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اسٽالن سميت ھٿ جو ھنر ڪندڙ عورتن جي ٺاھيل شين جا الڳ اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن، جنهن کي پڻ نمايان ڪيو ويو آهي. اياز ميلي جو افتتاح اڍائي وڳي ثقافت، سياحت ۽ تعليم کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھھ ڪندو، ميلي جي ٽنھي ڏينھن دوران محفل اياز ۾ 40 کان وڌيڪ راڳي سرن جي ورکا ڪندا ۽ 50 کان وڌيڪ سازندا بھ انھن سان گڏ پنھنجين صلاحيتن جو مظاھرو ڪندا، ميلي ۾ مشاعرو بھ ٿيندو، جنھن ۾ شاعرن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو، جيتوڻيڪ اڳ جي ڀيٽ ۾ مشاعري کي محدود ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مشهور شاعرن جي شاعري ٻڌي ويندي. جيڪي پنھنجي شاعري ذريعي اياز کي ڀيٽا پيش ڪندا. ان سلسلي ۾ اياز ميلا ڪميٽي جي اڳواڻن امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت شاهه، نسيم جلباڻي، تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو ۽ ٻين خانه بددوش ڪيفي ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب پڻ ڪيو. امر سنڌو ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري ميلي کي ٽن ڏينهن تائين ترتيب ڏنو ويو آهي، نھ تھ عام طور تي ھي ميلو لڳاتار 5 ڏينهن هلندو هو. ھن چيو تھ پاڪستان جي ادبي ميلن ۾ اياز ميلو منفرد آهي، ھن ميلي ۾ ادبي ويھڪن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، انھن ويھڪن جا موضوع منفرد ھوندا آھن ۽ ھر روز محفل اياز منعقد ٿيندي آھي، اياز ميلي جو مقصد ۽ ڪارج گهڻ رخو آهي، اياز جو ميلو جيڪو اياز جي نالي سان شروع ٿيو هو اهو هاڻ سماج جي نئين سري سان جوڙجڪ ڪرڻ وارو ڪردار بھ ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ اھا اياز جي فن، فڪر ۽ شاعري جي سگهه آهي ته اياز ميلو پاڪستان جو وڏو ادبي ميلو بڻجي چڪو آهي. ھن چيو تھ جن سنڌ جي علمي، ادبي ۽ فڪري خدمت ڪئي ان ۾ اياز جو نالو شامل آهي، ورهاڱي کانپوءِ اياز جهڙن ماڻهن ئي نئين سري سان سنڌ جي ماڻھن جي فڪري تربيت واري ڪم ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو تھ اياز کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ گھرجي، اياز تمام وڏو شاعر ھو. ھن چيو تھ اڳ ماڻهن پاران ادبي شخصيتن کي ائين ڀيٽا پيش نه ڪئي ويندي جيئن سنڌ اياز ميلي کي موٽ ڏني آھي، ادبي طور تي بيجان بڻيل بت ۾ ساهه پيو آھي، هاڻ هر ضلعي ۾ شاعرن ۽ اديبن کي تقريبون ڪري ڀيٽا ڏني وڃي ٿي، جيڪا انتھائي اتساھيندڙ ڳالھه آھي. ھن چيو تھ شيخ اياز جو نالو سماج اندر نئون ڊسڪورس بڻجي ويو آهي، ھي ميلو نئين بحث جو تعميري لحاظ دروازو کولي ٿو، ڊسمبر اياز ۽ اياز جي ميلي طور سڃاتو وڃي ٿو. ھن چيو تھ اياز ميلو محدود ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي وڌائي رهيو آهي، ھن اياز ميلي ۾ سڄي ملڪ مان شاعر، اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا، ميلي ۾ اياز جي افساني کي پڙهيو ويندو، پشتو ۾ ترجمو ٿيل اياز جي شاعري بھ پيش ڪئي ويندي. عرفانه ملاح چيو ته اياز ميلي کي ميڊيا ۾ مثبت موٽ ملندي رهي آهي، قلمڪار اسان سان گڏ آهن. ھن چيو تھ ھن ميلي جا ڪجھھ سيشن سنڌ ميوزيم ٻيا خانه بدوش جي اڱڻ تي ٿيندا، هٿ جو هنر ڪندڙ عورتن جون ٺاهيل شيون بھ ھن ڀيري وڏي تعداد ۾ ملنديون. ھن چيو تھ اياز ميلي جا سيشن اڄ جي حالتن سميت اياز جي دور جي چئلينجن ۽ شاعري جي ترجماني ڪندا، سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ تحريڪ جو ذڪر ٿيندو ته اياز جو نالو ضرور ورتو ويندو. هن چيو ته ميڊيا جي بحران تي پڻ سيشن رکيو ويو آهي. ميڊيا ۾ ورڪرن کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو به جاري رهيو آهي. ان لا ميڊيا تي ڳالهايو ويندو. اياز ميلي جو 8 هون سسلسلو آچر جي ڏينهن 25 ڊسمبر تي پڄاڻي تي پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button