ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي چيلهه چٻي ڪندڙ مهانگائي

Editorial

جڏهن به ڪا چونڊيل حڪومت اقتدار سنڀاليندي آهي ته ان جون ڪي بنيادي ذميواريون هونديون آهن، جيڪي هر حال ۾ پوريون ڪرڻيون هونديون آهن. جن ۾ مهانگائيءَ تي ڪنٽرول، روزگار جا وڌ کان وڌ وسيلا پيدا ڪرڻ، امن امان قائم ڪرڻ، صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ، ان جي ذميوارين ۾ شامل آهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت اهي ذميواريون پوريون نٿي ڪري ۽ لنوائيندي رهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها ڪنهن به ريت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ان جا ارادا عوام کي سک پهچائڻ بدران ڪي ٻيا آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جهڙي ريت عوام مٿان مهانگائيءَ جون ڇپون ڪرنديون رهيون، ان سبب عوام جون دانهون نڪري ويون هيون. عوام احتجاج ڪندو رهيو ته مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي پر ڪڏهن به پي ٽي آءِ جي حڪومت نه مهانگائيءَ تي ضابطو آندو ۽ نه ئي وري هن ان حوالي سان ڪو لائحه عمل تيار ڪيو. جنهن جي ڪري عوام ڏينهون ڏينهن مهانگائيءَ جي بار هيٺ دٻجي رهيو هو. ان وقت پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) مهانگائي خلاف احتجاج ڪنديون رهنديون هيون. پيپلز پارٽي ته لانگ مارچ به ڪيو هو. اڄ جڏهن اهي پارٽيون اقتدار ۾ آهن ته اهي مهانگائي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.
پي ٽي آءِ جي دور ۾ جڏهن به مهانگائي گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي هئي يا عوام مطالبو ڪندو هو ته مهانگائي گهٽائي وڃي ته پي ٽي پاران اهو عذر ڏنو ويندو هو ته دنيا ۾ جيئن ته مهانگائي وڌي وئي آهي، ان ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ضرور ٿيندي. ان کان سواءِ پي ٽي آءِ جا وزير مشير ڪوڙا انگ اکر ڏئي، عوام کي گمراهه پڻ ڪندا هئا. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سربراهه ڪڏهن به حقيقتن کي قبول نه ڪيو. هو مهانگائيءَ کي قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. جنهن جي نتيجي ۾ هو ڪڏهن به عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. اڄ عمران خان کي به مهانگائي نظر اچي رهي آهي. هو پرچيون ڪڍيو عوام کي اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ٽماٽا ڪيترا مهانگا ٿي ويا آهن. اٽي جو اگهه ڇا آهي ۽ بصر ڪيتري ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. پر سندس دور ۾ هو پاڻ چوندو هو ته هو ٽماٽن جا اگهه مقرر ڪرڻ ڪونه آيو آهي. جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت به مهانگائي وڌائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ هاڻوڪي سال جي مهانگائيءَ جي حوالي سان آئي آهي، سا ڇرڪائيندڙ آهي.
سال 2022ع ۾ مهانگائيءَ جا پراڻا رڪارڊ ٽٽي ويا، غريب ماڻهو لا هڪ سير اٽو وٺڻ به ويتر ڏکيو ٿي پيو. سال جي شروعات ۾ چڪي تي 85 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ اٽي جو اگهه ڊسمبر ۾ 140 رپين تائين پهچي ويو. ڀاڄين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن. تفصيل موجب هلندڙ سال دال ماش 300 رپيا ڪلو کان وڌي 390 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته چڻن جي دال هاڻي 180 بدران 220 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، بصر هڪ سال ۾ 140 رپيا مهانگو ٿي ويو، 40 رپين بدران 180 رپيا ڪلو تي پهتو آهي، جڏهن ته ٽماٽا 200 رپيا ڪلو ۽ پٽاٽا 35 رپين کان 70 رپيا في ڪلو تائين پهتا آهن ۽ في الحال مهانگائي جو زور ٽٽڻ جا امڪان به نظر نٿا اچن. ٻئي طرف 2022ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جا حال هيڻا رهيا، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتون سيڙپڪارن لاءِ سازگار ثابت نه ٿيون، هڪ سال اندر رجسٽرڊ ڪمپنين جي شيئرز جي ماليت ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ڏٺي وئي. جنوريءَ جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 44 هزار 596 پوائنٽن جي سطح تي هئي، جيڪا هاڻي 3000 پوائنٽن کان به هيٺ اچي وئي آهي، جنهن ڪي سيڙپڪار اربين رپيا وڃائي ويٺا. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جو اگهه وڌڻ ۽ ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ مختلف ادارن طرفان منافعي خوري ۽ رشوت ۾ اضافي به مهانگائي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
هن رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عام ماڻهوءَ تي مهانگائيءَ جو ڪيترو بار وڌو ويو آهي. جڏهن عام استعمال جون شيون ايتريون مهانگيون هجن ته پوءِ ٻيون شيون ڪيتريون چوٽ چڙهيل هونديون. تنهنڪري هن حڪومت به عوام کي مهانگائي جي مد ۾ رليف نه ڏيڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن بگڙي رهيون آهن ۽ اهڙين حالتن جي هوندي اهو ممڪن ئي ڪونهي ته غريب ماڻهو يا وچولي طبقي وارا ٻه وايلا ماني به آرام سان کائي سگهندا هجن. جيڪڏهن هي حڪومت عوام کي رليف نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ ان ڳالهه کي قبول ڪري ته اها هن جي ناڪامي آهي ۽ ان وٽ عوام کي معاشي طور سگهارو ڪرڻ يا مهانگائيءَ جو بار گهٽائڻ لاءِ ڪي به رٿائون ڪونه آهن. جيڪڏهن حڪومت مهانگائيءَ کي ڪنٽرول نه ڪندي ۽ شين جا اگهه طوفاني تيزيءَ سان وڌندا رهندا ته عوام جي خريد ڪرڻ واري قوت گهٽجي ويندي ۽ ان لاءِ اٽو، چانور ۽ داليون خريد ڪرڻ جي سگهه به ڪونه رهندي.
اسين سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت کي هر حال ۾ مهانگائي گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ عوام ڪنهن به ريت حڪمرانن کي بخش ڪونه ڪندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجا اجايا خرچ گهٽائي ۽ اهو پئسو عوام کي رليف ڏيڻ تي خرچ ڪري ته جيئن ان جي مهانگائيءَ مان جان ڇٽي سگهي. هن وقت عوام رڳو مانيءَ جي خرچ ۾ ٻڌو پيو آهي. ان جون ٻيون ضرورتون ته پاسي تي رهيون. حڪومت ترجيحي بنيادن تي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مهانگائيءَ جو بار هلڪو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button