هر سال جيان هيل به جيئن ئي ڊسمبر جو آخري ڏَهو شروع ڇا ٿيو، هِن جي گُوندر جي گِرجا ۾ انهن لمحن جي سار جا گِهنڊ گُونجڻ لڳا، جڏهن هن ڪي ورهيه اڳ يسوع جي هَٿ تِرين مان ڦُڙو ڦُڙو ٽِمندڙ لَهُوءَ کي پنهنجي دِل جي پيالي ۾ سنڀاليو هو ۽ اڳيان آئي هئي اها رات، جيڪا ازل جي مئخاني مان ٿيڙ کائيندي لٿي پئي. ان شام سج جي اجهامڻ سان ئي دنيا جي سمورن شِڪسته قلعن جي ڀُرندڙ ديوارن مٿان پِرولِين جهڙن پکين جون قطارون انهن سڀني بادشاهتن جي فنا جا قصا ٻڌائيندي اڏاڻيون هيون، جن بادشاهتن جي راجائن کي اهو گمان هو ته اهي سدائين تخت تي رهڻا آهن. پر وقت جي پالوٽ ۾ اهي سڀ جا سڀ بادشاھه نيٺ ان زوال جي تهن هيٺان دٻجي ويا، جن کي يسوع جي انهي هدايت تي يقين نه هو ته:
“ڌرتي مٿان آڪڙجي نه هلو ۽ مخلوق تي رحم کائو.”
اڄ جڏهن يروشلم جي ڳلين کان ويندي دنيا جي هر ڪُنڊ ۾ نفرتن جي باهھ ٻري رهي آهي، تڏهن هن کي جڏھن ٻيو ڪجھه به سَمجهه ۾ نه پئي آيو ته ھميشه جيان هُو پنهنجي شهر جي قديم گرجا ۾ يسوع جي نام جو ڏيئو ٻارڻ هليو ويو. هونئن به سالن کان ڊسمبر جو آخري ڏهو هن لاءِ ان ئي ڪِرت ۾ گُذرندو آهي، جنهن ۾ هڪ ڏيئو هوندو آهي ۽ ٻيو هن جي تنهائي ۽ ٽيون پنهنجي وڃايل صليب ڳولي هٿ ڪرڻ واري جُستَجُو.
ڪالهه به هُو پنهنجي وڃايل صليب جي ڳولا ۾ هو پر وڃايل شيون ايترو جلدي ڪٿي ٿيون مِلن؟ وڃائجي ته دنيا کان اها واٽ به ته وئي آهي، جنهن واٽ کي هموار ڪرڻ لاءِ يسوع پنهنجي ڀاڱي جو صليب پاڻ ڪلهي تي کڻي وِچينءَ مهل ڪُڪَڙ جي ٻانگ ويلي، پنهنجي سڀني کان پياري ۽ ويجهي ساٿي جي اکين ۾ نهاريندي، ساڻس ايتري به شڪايت نه ڪئي ته هُو کيس سڃاڻڻ کان ڇو انڪاري آهي!؟ ها، سندس ساٿي جو اهو انڪار جنهن جي اڳڪٿي يسوع پاڻ ئي ڪئي هئي!! پر جيڪي پنهنجي وفا جو رستو پاڻ چونڊيندا آهن، سي ڪنهن سان ڪيئن ٿا ڪائي شڪايت ڪري سگهن.
ايئن وڃايل صليب جي تاريخ جا ئي هي سمورا صفحا آهن، جن کي ڪالهوڪي شام ۾ هُو اهو چئي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته:
“اي منهنجا پيارا يسوع!!
اڄ جڏهن آئون تُنهنجي بارگاهھ ۾ پنهنجي دل جو حال اورڻ لڳو آهيان، تڏهن سڀ کان اول مون کي ياد اچي رهي آهي ارسطو جي اها ڳالھه، جنهن ۾ هِن چيو هو ته:
“بُک يا ته انقلاب کي جنم ڏيندي آهي يا ڏوهن کي”. هي دنيا جنهن جي بُک ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، تنهن ۾ هيستائين ڪيترائي انقلاب به آيا ته ڏوهن جي ڪاري رات پڻ جاري رهندي آئي، پر هاڻ ان دنيا ۾ چون ٿا ته انقلابن جو دور ختم ٿي ويو آهي. البت ڏوهن واري ڪاري رات جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ گهري ٿيندي پئي وڃي. سو ڏوهن جي انهي ڪاري رات ۾ جڏهن اڄ آئون تنهنجي اها هدايت دنيا کي ياد ڏياريان ٿو ته:
“تو وٽ جيڪي به ڪجھه آهي، سو غريبن کي ڏئي ڇڏ. توکي ان جو وڏو اجر ملندو. اچ صليب کڻ ۽ منهنجي پٺيان اچ”
تڏهن هي دنيا ٽوڪ مان وڏا ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ چوي ٿي ته آئون اها رٽيل ڳالهه آخر هر ڀيري ڇو ٿو ورجايان؟ جڏهن ان ڳالھه کي هاڻ ڪوئي ٻُڌڻ وارو نه رهيو آهي!!
اي منهنجا پيارا يسوع!! مون کي دنيا جي ٽهڪن تي حيرت ان ڪري به ڪانه ٿي ٿئي، جو ان ساڳي دنيا جي ابن ڏاڏان توتي به ان وقت ٽهڪ پئي ڏنا، جڏهن تو کين اشرفيون ميڙڻ کان جھليندي، مٿين هدايت ڪئي هئي. پر اهي زَر جا پُوڄاري سيٺيا پنهنجين ڏاند گاڏين ۾ زرق برق لباس پائي، طاقت ۽ زر جي ڏڍ تي غلام بڻايل پنهنجن ماڻهن کان پڇندا رهيا ته “هي دِيوانو آخر ڪير آهي ۽ ڇا چئي رهيو آهي؟”
جيئن ان دور جي واپارين کي اها ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي، تيئن صدين پڄاڻان اڄ انهن جو اولاد به ان هدايت جي روشني کان محروم آهي. ها پر اسين تُنهنجو اهو احسان ڪيئن ٿا وساري سگهون، جنهن ۾ تو بني آدم جي سمورن گناهن جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ هر اگهي لاءِ شفا جو پيغام مهيا ڪيو.
اي اسان جا پيارا يسوع!! مون کي اها به خبر آهي ته دنيا کي طاقت جي زور تي پنهنجي گوڏي هيٺان ڪرڻ واري ڪِروڌ ۾ ورتل حڪمران طبقن يا تشدد پکيڙيندڙن لاءِ تنهنجي ان هدايت به ڪائي معنيٰ ڪانه ماڻي ته:
” جڏهن توهان کي ڪير هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته توهين ان کي پنهنجو ٻيو ڳل به وڌائي ڏيو”
پر مون کي خبر آهي ته تنهنجي ان ٻاجهھ ۾ ڪيڏي نه وڏي ڪيميا آهي. افسوس آهي انهن تي، جيڪي ان رمز کي ايئن نٿا سمجهي سگهن، جيئن کين گوتم جي اها ڳالھه به سمجهه ۾ ڪانه آئي، سو نه آئي ته:
“نفرت جو خاتمو نفرت سان نه بلڪ محبت سان ئي ممڪن آهي.”
سو جيڪڏهن سچ پڇين ته اڄوڪي دَهليل دور ۾ جڏهن اسين اهي ڳالهيون ڪيون ٿا ته دنيا اسان جو تماشو اڏائيندي چوندي آهي:
“هو ڏسو پُراڻ پسند”
۽ هو سڀ جنهن نواڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، سا وري پنهنجي سمجهھ کان ٻاهر آهي. هي انسان جيڪو ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن کي سڄي دنيا فتح ڪرڻ وارو جُنون جنهن نفرتن جي اوڙاهه ۾ وٺيو پيو وڃي، سو اهو ئي ته آهي، جنهن اوڙاهه ۾ اٿيل طوفان کي تو سڀني جو خير گهرڻ واري دعا گهرندي ماٺو ڪيو هو. پر هي انسان ان طوفان مان وقتي طور نڪرڻ کان پوءِ جڏهن ان دعا کي وساري چڪو، تڏهن سندس ڪشتي وري به ان ساڳي ئي ڪُن ۾ آهي، جنهن مان تو ان کي نجات ڏياري هئي. بهرحال تون شاهد رهجان ته اسان تُنهنجي ان دعا جو هڪ حرف به نه وساريو آهي، جو اسان کي تنهنجي عدم تشدد ۽ انصاف واري هدايت ۾ يقين آهي. اول آخر اها هدايت ئي نفرتن جي باهھ ۾ سڙندڙ اڄوڪي دنيا جو علاج ثابت ٿي سگهي ٿي.”
اهڙي ريت يسوع سان ايئن مخاطب ٿيندي، کيس پنهنجي شهر ۾ چِکُون ٺاهيندڙ قبيلي جو اهو ٺاڪر پڻ ياد آيو، جيڪو اوجاڳن ۽ رولاڪين ۾ سندس ساٿي رهندو آيو آهي. بس ايئن هو يسوع جي نام جو ڏيئو ٻاري، ان راج ٺاڪر ڏانهن هليو ويو، جيڪو سدائين کيس پنهنجي هارمونيم تي اها مام سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته: “ڪڏهن ڪڏهن انسان کي وصل جي موسم ۾ به هجر جا گيت ڇو وڻندا آهن؟” هو تڪڙيون ٻرانگهون هڻندو پنهنجي ان دوست ڏانهن هليو ويو. جيئن ئي هو اتي پهتو ته آڳ اڳ ۾ ئي ٻري رهي هئي. راج جي سامهون رِجيل سِندور جي وٽيءَ ۾ يسوع جي نام جو ڏيئو ٻري رهيو هو ۽ راج ٺاڪر ڳائي رهيو هو هي گيت:
“ڏس! آئون توکي وري به ياد ٿو ڏياريان ته پيار ڪرڻ کان اول ايترو ضرور سوچي وٺجان ته ڳالهه ڪرڻ تمام سَوَلي ۽ نِڀائڻ تمام ڏکي هوندي آهي. ايئن نه ٿئي جو سُڀاڻي تون ڪَچَين ڳنڍين وانگيان کُلي وِکري وڃين ۽ جي ايئن ٿئي ته پوءِ ميار نه ڏِجان” بس ايئن رات وهامندي رهي ۽ يسوع جي نام جو ڏيئو ٻرندو رهيو….!!