ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۾ اقتدار جي ويڙهاند – II

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

لاھور ھاءِ ڪورٽ پاران جمعي ڏينهن تي وزير اعليٰ پرويز الاهي چوڌريءَ جي پنجاب سرڪار کي قائم رکڻ واري فيصلي کان پوءِ سڀ کان وڏي صوبي کي ڌوڏي ڇڏيندڙ سياسي گھوٽالو في الحال ٽري ويو آهي. ڪورٽ سڳوري پنجاب جي وڏي وزير خلاف پي ڊي ايم (9 جماعتي اتحاد) جي گورنر پنجاب مولانا بليغ الدين طرفان وزير اعليٰ پرويز الاهي چوڌريءَ کي برطرف ڪرڻ لاءِ خميس تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي انھيءَ عدالتي حڪم موجب يارھين جنوري تائين ته سياسي ٺاپر ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته چوڌريءَ ججن کي حلف نامو لکي ڏنو آهي ته ھو مٿئين مھيني جي 11 تاريخ تي ھاءِ ڪورٽ پاران رکيل ٻڌڻيءَ تائين انتظار ڪندو ۽ پنجاب اسيمبلي کي نه ٽوڙيندو.
ذري گهٽ اھڙو ئي ساڳيو فيصلو 2009 ۾ به لاھور ھاءِ ڪورٽ وزير اعليٰ پنجاب شھباز شريف کي چوويهن ڪلاڪن ۾ سندس عھدو ڏياري چيف منسٽر هائوس ۾ واپس ويھاري ڇڏيو ھو. شھباز شريف جي چونڊيل صوبائي حڪومت کي تڏھوڪي صدر آصف علي زرداريءَ ڊسمس ڪري، پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ھو پنھنجي ساٿي منظور وٽو کي گورنر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. ھي اھو ئي زمانو هو جڏهن جنرل پرويز مشرف جي حڪم تي ھٽايل چيف جسٽس چوڌري افتخار کي پنهنجي واعدي مطابق زرداري صاحب بحال نه ٿيو ۽ چيائين ته، “سياسي معاھدا ڪي آسماني صحيفا ٿورو ئي ھوندا آهن”
جيتوڻيڪ صدر زرداري ميان نواز شريف ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن سان قول قرار ڪري سياسي معاھدي تان ڦري ويو پر پوءِ مخالف ڌر جي سڀني جماعتن لاھور کان اسلام آباد جي صدارتي محل ڏانهن لکين ماڻهن جي انبوھه سان لانگ مارچ ذريعي جيڪا يلغار شروع ڪئي، ان جو جوش ۽ جذبو ٽي وي چئنلز تي ڏسي صدر زرداريءَ جا ھٿ پير ٺري ويا. اسٽيبلشمينٽ وارن کي منٿ ميڙ ڪيائين. نيٺ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جلوس جي قيادت ڪندڙ وڪيلن جي سرواڻ ۽ نامياري قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن کي فون ڪري خاطري ڏني ته صدر آصف علي زرداريءَ چيف جسٽس افتخار چوڌري کي سندس عھدي تي بحال ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو پنهنجي پرنسپال سيڪريٽري کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. مھرباني ڪري اوهان اسلام آباد تي ڪاھه ڪرڻ جو ارادو ختم ڪيو.
جنرل ڪياني پاران ڪيل واعدي کان اعتزاز احسن پنھنجن ساٿي وڪيلن، مسلم ليگ جي صدر نواز شريف، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ، جماعت اسلامي جي سربراهه مرحوم قاضي حسين احمد ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي ليڊرن کي آگاهه ڪري کين اعتماد ۾ ورتو. ياد اٿئو ته سينيٽر اعتزاز احسن فوجي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف خلاف وڪيلن واري شاندار ھلچل ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ھو جنھن ڪري صدر زرداري ساڻس ڪاوڙجي پيو ھو. کانئس سينيٽر جي سيٽ کسي ورتائين ۽ سندس خانداني دشمن چوڌري شجاعت حسين جي ڀاءُ پرويز الاهي کي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جو نائب وزيراعظم مقرر ڪري پلاند ڪيائين. آخرڪار اعتزاز احسن کي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.
اڄ ان ساڳئي پراڻي دوست چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي حڪمرانيءَ تان ھٽائڻ ۽ پنهنجي ازلي دشمن شھباز شريف جي پٽ حمزه شهباز کي پنجاب جي تخت تي ويهارڻ لاءِ ڏيڍ مھيني کان لاھور ۾ ترسيو پيو آهي. جمعي تي بيان ڏنائين ته، “حمزه شهباز به مون کي پنهنجي پٽ بلاول وانگر وڻي ٿو ۽ بلاول جيترو ئي پيارو اٿم” اھو به ياد رکجؤ ته جڏهن 2009 ۾ شھباز شريف کان وزيراعليٰ پنجاب جي سيٽ کسي، گورنر راڄ لڳائي پنهنجي پڳ مٽ يار منظور احمد وٽو کي گورنر مقرر ڪيو ھئائين ته نفرت وچان شھباز شريف ھڪ جلسي ۾ صدر زرداري کي للڪاريندي چيو ھو ته،
“جيڪڏهن توهان کي ڳچيءَ کان جھلي لاھور جي رستن تي نه گھليان ته آئون پنهنجي پيءُ جو پٽ ئي ناهيان”
ھنن سڀني سياسي اڳواڻن 1988 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين چوٽيھن سالن تائين واري وٽيءَ سان 22 ڪروڙ ماڻهن جي ھن ملڪ تي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائيءَ سان راڄ ڪيو آهي ۽ سندن حڪومت جي دور ۾ ھي سڀ حڪمران مالامال ٿي ويا آهن جڏهن ته مسڪين ماڻهن جا حال ھيڻا ۽ سور ٽيڻا چئوڻا بلڪ ڏھوڻا ٿي چڪا آهن. اقتدار خاطر عمران خان سميت ھي سمورا سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جا آسائتا رھندا آھن. ھنن سياسي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي پارٽين جي منشور کي پنھنجن ئي ڪڌن ڪرتوتن ذريعي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ ڪروڙين ماڻهن جي زندگيءَ کي زھر بڻائي ڇڏيو اٿن. ڇا ڪوبه سمجهو شخص اھا ڳالھه مڃيندو ته اسان جي هنن سياسي ليڊرن جا ھڪ ٻئي سان ڪي اصولي اختلاف آهن؟ ڇا ھنن مان ڪنھن به ھڪڙي پارٽي جي ھڪ به ليڊر ڪڏھن به سماجي، معاشي ۽ اخلاقي بھتري خاطر اصولن تي بيھي ڪو اھڙو چڱو ڪم يا تاريخي ڪارنامو ڪيو آهي جنهن کي دنيا آڏو ڳڻائي سگهجي؟
سواءِ قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ڌن دولت ميڙڻ ۽ پرڏيهي بئنڪن ۾ چوري ڪيل قومي خزانو لڪائڻ جي ھنن خود غرض ۽ انسان دشمن سياستدانن ٻيو ڪيو به ڇا آهي؟ ھنن مان جيڪو به اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائيءَ سان اقتدار ۾ آيو آهي تنهن پنهنجي خاندان لاءِ بئنڪن مان ڪوڙن ڪاغذن ۽ جعلي گارنٽي ذريعي اربين رپيا قرض طور ورتا جن مان شگر ملون، اسٽيل ملز، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري، سنڌ بئنڪ، پنجاب بئنڪ ۽ خيبر بئنڪ جھڙيون ظاھري طرح سرڪاري پر اصل ۾ سندن سرمائيدار ساٿارين جي مفادن جون محافظ بئنڪون ٺاھي، انھن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لٽيو آهي. ھي ته پئسن جي ورڇ ۾ ڪجھه ڊپٽي ڪمشنر تازو سڳ سوڌا خدا جي خلق اڳيان ظاهر ٿي پيا جنھن مان عوام کي ڄاڻ ملي ته ھي بئنڪون ۽ ٻيا اھڙا مالي ادارا ھن ملڪ جي مظلوم طبقن جي ڀلائيءَ واسطي نه پر سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ حڪمران ٽولن کي امير کان امير تر ۽ غريبن کي غريب تر بنائڻ جو گورک ڌنڌو ڪندڙ عوام دشمن ادارا آھن. نيب وٽ تمام گهڻا ثبوت آهن ته پنجاب بئنڪ مان عمران خان جي وزير اعليٰ چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي اربين روپيا ناجائز نموني ڪڍائي ھڙپ ڪيا. ساڳي ريت سنڌ بئنڪ جو ڪنٽرول زردارين جي اومني گروپ آف ڪمپنيز جي ڪرتا ڌرتا انور مجيد ۽ سندس پٽن جي ھٿ ۾ آھي. نيشنل ھائي وي اٿارٽي جا کربين روپيا ڇو ڪنھن ٻي ساکائتي بئنڪ بدران سنڌ بئنڪ ۾ جمع ڪرايا ويا؟ ڇا سنڌ جي حاڪمن کي ڄاڻ نه هئي ته سنڌ بئنڪ جو سربراهه بلال شيخ فراڊ جي ڪيسن ۾ ٽي سال جيل ۾ بند ھو جنھن کي پي ڊي ايم سرڪار پنهنجي وزير اعظم شھباز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ شرط نيب قانون جا بخيا اڊيڙي جيل مان ڇڏائي ورتو. نوشهرو فيروز ۽ مٽياري ھالا جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ٻين صوبن مان ڪنهن گھرائي اھم پوسٽنگ ڏيڻ سان گڏوگڏ ھيڏي وڏي رقم سندن اڪائونٽ ۾ وجھي ڇڏي؟ ھوڏانھن خيبر بئنڪ ۾ ڌاڙا هڻي مالدار بڻجي ويل شوڪت ترين کي آخر ڇو جنرل مشرف، آصف زرداري ۽ عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ خزاني جو وفاقي وزير ٺاھيو ڇڏين؟ اڄ جيڪڏهن پاڪستان سياسي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي ته ان جا ذميوار شوڪت ترين، اسحاق ڊار، شوڪت عزيز ۽ نويد قمر شاھه نه آهن ته پوءِ ٻيو ڪير آهي؟ جڏهن کين اھا به خبر ھئي ته پاڪستان ۽ ان ۾ رهندڙ ڪروڙين انسان اڳ ۾ تمام گھڻن قرضن ۾ وڪوڙيل آهن ته پوءِ وزير خزانه جي حيثيت ۾ هر ڀيري نوان نوان ڳرا قرض وٺي مسڪين عوام جي ايندڙ نسلن کي ڇو ڦاسائيندا رهيا؟ رڳو ان ڪري جو هر هڪ قرض جي ڊيل ۾ ھنن کي ڪروڙن جي ڪميشن ملندي آهي جيڪا پرڏيهي بئنڪن ۾ يا ملڪيتون ٺاهڻ ۾ سيڙائي ڇڏيندا آهن.
جيڪڏهن پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي يا وزير اعظم جو موڀي پُٽ حاڪم ٿيندا ته ان سان خدا جي مظلوم خلق جي صحت تي ڪھڙو اثر پوندو؟ ڏکوئيندڙ حقيقت اھا آھي ته اسان جي وطن جا محافظ به پنهنجي اصل قومي فرض کان غافل ٿي بدنام سياسي اڳواڻن جيان مال ڪمائڻ جي ڌنڌي تي سڄو ڌيان ڌريندا رهيا آهن ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان جا دھشتگرد روزانو عام شهرين توڙي پوليس وارن ۽ فوجي آفيسرن کي موت جي حوالي ڪندا رهندا آهن.
اسٽيبلشمينٽ جي رکوالن کي جيڪڏهن ھن ملڪ کي بچائڻو آهي ته پوءِ سلامتي جي ادارن کي سرحدن جي حفاظت واري اصل ذميواري سنڀالڻ گھرجي!
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button