سنڌ

قائد اعظم جي طرز سياست سان جمهوريت مضبوط ٿيندي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ 25 ڊسمبر پاڪستان جي باني جي جنم ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 25 ڊسمبر اسان کي پاڪستان جي باني قائداعظم جي جمهوري ۽ قانوني جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ ڪيل جدوجهد مسلمانن کي آزاد ۽ خود مختيار مملڪت ڏياري. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح قانون جي حاڪميت جي لاءِ دليل جي طاقت سان سياست ڪئي. هن چيو ته قائد اعظم جي طرز سياست جي پيروي سان ئي ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قائداعظم جي سموري زندگي اصولن جي سياست تي ٻڌل آهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button