سنڌ

دهشتگردي جي نئين لهر اڀري رھي آھي، متحد ٿيڻو پوندو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي 146هين جنم ڏهاڙي تي اسان کي اتحاد ۽ نظم و ضبط قائم ڪندي ملڪ کي مختلف بحرانن مان ڪڍڻ واري عزم ورجائڻ گھرجي تھ جيئن جنھن ملڪ جو ھن بنياد رکيو، اھو ترقي حاصل ڪري سگھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جتي هو ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باباءِ قوم جي 146 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو هو. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگرديءَ جي ٻيهر اڀرندڙ لهر سميت سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم کي اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جو پيارو ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين بلندين کي حاصل ڪري سگھي، جنھن جو بنياد قائداعظم محمد علي جناح سندس اڻٿڪ ڪوششن، نظريي ۽ ڏاهپ سان وڌو ھو. هن چيو ته دهشتگردي جي نئين لهر اڀري رھي آھي، بنون ۽ اسلام آباد جا واقعا قابل مذمت آهن ۽ قائداعظم جي اڳواڻيءَ ۾ وجود ۾ ايندڙ قوم ملڪ دشمنن جي سمورن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي ڪشميري عوام جي قربانين ۽ جدوجهد کي ياد رکڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ڪشمير جي مظلومن سان گڏ آهي. تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مسئلن کي به ياد ڪندي. وڏي وزير چيو ته سياري سندن ڏکيائين ۾واڌ ڪئي آھي، اسان سڀني کي گھرجي تھ ضرورت وقت انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ان کان اڳ وڏي وزير جي مزار قائد پهچڻ تي سندس ڪابينا ميمبرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين آجيان ڪئي. گورنر ڪامران ٽيسوري جڏهن قائداعظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پهتو ته وڏي وزير سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏي وزير مزار قائد تي موجود قائداعظم جي خاندان سان ملاقات ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button