پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ شهيد بينظير ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شهيد اختر قائمي اليون کٽي ورتو

مٺي: مٺي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ پ پ ايم پي اي ۽ راندين واري کاتي جي معاون خصوصي ارباب لطف الله پاران ماروي گرائونڊ ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪل 20 ٽيمن حصو ورتو. فائنل مقابلو شهيد اختر قائمي جهڏو ٽورنامينٽ ۽ شهيد اڪبر ميرپورخاص جي وچ ۾ ٿيو، ميرپورخاص جي شهيد اڪبر اليون جي ٽيم 8 اوورن ۾ 123 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. شهيد اختر قائمي اليون جي ٽيم 7 اوورن ۾ مڪمل رنسون ٺاهي فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ جي پڄاڻي واري تقريب ماروي گرائونڊ اسٽيڊيم ٿي، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ راهول جيون، فدا حسين شاهه، سبحان سميجو، ونيش ڀگت، ڪنور امر ۽ واپاري ايسوسئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. فائنل کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ 30 هزار رپيا ڪيش انعام ۽ هارائيندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ 15 هزار ڪيس انعام ڏنا ويا. آرگنائيزرن کي به شيلڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button