پاڪستانسنڌ

جهڏي ۽ ڀرپاسي ۾ اٽُو مهانگو، پنجاب مان آيل خراب اٽي جو وڪرو

جهڏو: برساتن ۾ مڪمل طور تباهه ٿيل جهڏو تعلقي ۾ اٽي جي بحران ڪر کنيو، شهر ۾ پنجاب مان آيل خراب ۽ ڌپ وارو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي. تعلقي جي چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن پاران 125 رپين ۾ في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب غريب ماڻهو اٽو خريد ڪرڻ لا سخت پريشان آهن. روز پنجاب جي مختلف شهرن مان ناقص اٽي جا ٽرالر جهڏو، نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، ٽالهي، سلور موري، ڏاجھیرو موري، روشن آباد ۽ ملڪاڻي شريف ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ اچن پيا، پر خوراڪ کاتي جي عملدارن ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، ضلعي انتظاميا به خاموش تماشائي بڻيل آحي. سياسي سماجي اڳواڻن باغي راهمون، سارنگ ڀٽي، عباس کوسو، محب ڀيل، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، ڊاڪٽر شاهد ڪلوئي، ڊاڪٽر قادر ڀنڀرو ۽ ٻين چيو ته چڪي مالڪ عوام لا مصيبت بڻجي ويا آهن، گذريل برساتن سبب جهڏو تعلقو اڳ ئي معاشي طور مڪمل مفلوج ٿي چڪو آهي، مٿان انتظامي سرپرستي ۾ چڪي مافیيا 125 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪري ظلم ڪري رهي آهي. سنڌ سرڪار پاران اٽي جو اگهه 65 رپيا في ڪلو مقرر ٿيل آهي، پر اي سي توڙي مارڪيٽ ڪميٽي جا عملدار منٿليون ملڻ سبب ڪارروائي نٿا ڪن ۽ منافعي خور 125 رپين ۾ في ڪلو اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته منافعي خورن، چڪي مالڪن، دڪاندارن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري اٽو 65 رپين ۾ ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button