ملڪ ۾ سياسي ڌرين جي ڪڏهن به اها سوچ نه رهي آهي ته اهي عوامي طاقت ذريعي اقتدار ۾ اچڻ گهرنديون هجن، انهن ۾ اهي سياستدان به شامل آهن، جن طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏنو هو. سياسي ڌرين جي گهٽ اعتمادي ۽ ووٽ کي عزت نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ اهي قوتون حقيقي ۽ نفسياتي طور تي سگهاريون ۽ حاوي نظر اچن ٿيون، جيڪي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ حصو وٺن ته يونين ڪائونسل جي سيٽ به کٽي نه سگهنديون. آخرڪار ائين ڇو آهي؟ ڇا مستقبل ۾ به ائين ئي ٿيندو، سياسي ڌريون، ڪنهن ظاهر يا غائب قوت جي ڪلهن تي چڙهي اينديون؟ ڇا عوام سياستدانن کان بيزار ٿي چڪو آهي، جو اهي ايستائين جو ووٽ وجهڻ لاءِ ڀڳل دل سان اچي ٿو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته سياسي عمل ۽ ڪلچر جيترو گدلو ڪيو ويو آهي، هي ڪم انهن قوتن جو ئي آهي، جيڪي پاڻ کي واڳ ڌڻي سمجهن ٿيون. اهي قوتون، جيڪي ڪنهن زماني ۾ سياستدانن جي هڪ اشاري تي رقص ڪرڻ تي مجبور هونديون هيون، انهن جي اشارن تي اڄلڪهه سياستدان ڪٺ پتلين جيان تماشو ڏيکارڻ لاءِ ڇو تيار ٿي وڃن ٿا؟ طاقت جو سرچشمو عوام هوندو هو، پر ان تان سويلين قوتون هٿ ڇو کڻي ويون. ڇا انهن کي يقين ٿي ويو آهي ته انهن جو سڪو هلڻ وارو ناهي؟ ڇا جن اهي اعلان ڪيا ته اهي هاڻ “نيوٽرل” آهن، اهي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندا يا اهي به حڪمت عملي تحت انتظار ڪري رهيا آهن؟ ڪٿي هو ٽرننگ پوائنٽ جي انتظار ۾ ته ويٺل ناهن؟ اهي سمورا سوال موجوده سياسي منظرنامي جي عڪاسي ڪن ٿا. يقين سان ڪوبه ماڻهو يا ادارو انهن سوالن جا جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ان جي باوجود جيڪي ڪجهه چيو پيو وڃي، خاص ڪري سويلين قوتون چئي رهيون آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهي ماضي قريب جيان اقتدار اعليٰ کي out source ڪرڻ گهرن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ته هو انهن اختيارن کي عوام جي امانت يا مينڊيٽ سمجهي استعمال ڪرڻ لاءِ ڇو راضي نظر نٿا اچي؟ هو انهن قوتن کي پنهنجي کيڏوڻي طور ڇو استعمال ڪرڻ گهري ٿي، جن لاءِ خيال آهي ته “طاقت جو سرچشمو” اهي ئي آهن. هي صورتحال انتهائي خراب ۽ ٻڏتر واري آهي، ڇاڪاڻ ته هينئر جيتريون به پارٽيون يا قوتون سياسي ميدان ۾ موجود آهن، انهن کي پنهنجي يا عوامي طاقت تي ڪوبه اعتبار ناهي، ان ڪري هو ڪڏهن عسڪري هائوس ته ڪڏهن وري ڪنهن اهم اداري يا ڌر ڏانهن ڏسن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر ڪيئن مضبوط ٿيندو؟ عوامي يا جنتا جو راڄ ڪيئن قائم ٿيندو؟ ان صورتحال ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا، جن کي سياسي قوتون منهن ڏيڻ جي اهل نه هونديون. اسان تاريخ جون ڪيتريون ئي ٽرننگ پوائنٽس ڏسي چڪا آهيون، جن مان هي سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو ته جنهن وقت واڳ ڌڻي ڪمزور هئا يا مات کائي ويا ته انهن جي پٺڀرائي سياسي قوتن ڪئي ۽ جنهن ويل اهي پنهنجن جوڀن ۾ اچي ويا ته انهن سياستدانن يا سياسي قوتن کي لت هڻي اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو.
گذريل ڪجهه مهينن کان اقتدار جي ويڙهه جا منظر، ڪڏهن وفاقي گادي واري شهر ۾ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته ڪڏهن وري ويڙهه جو ميدان لاهور نظر اچي ٿو. جنهن دوران ملڪي عدالتون وچ ۾ اچي ريفري جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. پهريان سپريم ڪورٽ آئي، جنهن جي فيصلي تي متاثر ڌر ڪيترائي اعتراض واريا، ان کان پوءِ هڪ ڀيرو وري لاهور هاءِ ڪورٽ آئي ۽ ان في الحال معاملي کي ٽاري ڇڏيو آهي. پر بحران جا سبب ۽ ايڪٽرز موجود آهن، جيڪي، هڪ ڀيرو وري معاملي کي بگاڙڻ جي سگهه رکن ٿا. جيڪڏهن هي صورتحال ائين ئي جاري رهندي ته پوءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ڪيئن ايندو؟ جيڪڏهن ويڙهه جا مرڪز تبديل ٿيندا رهندا ته ان سان بحراني ڪيفيت ساڳي نوعيت جي رهندي ۽ آخرڪار معاملو اتي پهچندو، جنهن جي اميد نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن موجوده اسيمبليون، پنهنجو مدو پورو ڪري وڃن، ان جي باوجود انهن کي ايڪسٽينشن وٺڻي پئي ته پوءِ بحراني ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟ هي خدشو موجوده حڪومت جا مخالف ڪيترائي ڀيرا ظاهر ڪري چڪا آهن. تاريخ تي نظر وجهبي ته برطانيا جهڙي ملڪ ۾ عالمي جنگ جي باوجود چونڊون ڪرايون ويون ۽ ان وقت جو وزير اعظم عام چونڊن ۾ مات کائي ويو. هاڻ چيو ويندو ته يقينن پاڪستان برطانيا ناهي، هي سچائي آهي، پر اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ سمورين ڌرين، پوءِ اهي اقتدار جي ايوانن ۾ هجن يا بني گالا ۾، انهن سنجيدگيءَ سان ڪيتري ڪوشش ڪئي؟ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هينئر ملڪ اندر سياسي ويزن نالي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي، رڳو اقتدار جي حاصلات لاءِ جوڙ ٽوڙ هلي رهي آهي. جنهن ڌر ۾ معاملن کي حق ۾ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، اهي پنهنجي راند کيڏي ٿي، باقي عام ماڻهوءَ جو ته ڪوبه والي وارث ناهي. هي صورتحال ڪجهه عرصو هلي سگهي ٿي، جنهن بعد عوام جا ٻرندڙ جبل ڦاٽندا، جن کي روڪڻ واري ڪابه سگهه نه هوندي. ڪاوڙيل ماڻهو ڪجهه به نه ڇڏيندا، پوءِ ڇا ٿيندو؟
عمران خان پنهنجي دور ۾ جيڪي ڪجهه ڪندو رهيو يا جنهن طريقي سان هو اقتدار ۾ آيو ته هن جا مخالف کيس سليڪٽيڊ سڏيندا رهيا ۽ هاڻ وري جيڪا اتحادي حڪومت آهي، ان کي پهريان امپورٽيڊ ۽ هاڻ ڪنهن نه ڪنهن ڊاڪٽرائين سان جوڙيو پيو وڃي. هي ساڳيو ڊاڪٽرائين آهي، جنهن جي بنياد تي عمران خان کي اقتدار ۾ آندو ويو. هن جنهن ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو، ان بابت جيڪڏهن پڇيو وڃي ٿو ته انهن جو چوڻ آهي ته جيئن ته عمران خان سمورا ڪم out source ڪري ڇڏيا، انهن جو نتيجو اهڙو ئي اچڻو هو. هن رڳو ماضي ۾ ائين نه ڪيو، پر جنهن نوعيت جا هو اقتدار ۾ واپسيءَ جا خواب ڏسي ٿو، ان ۾ هو هينئر به ماضي جي دنيا ۾ ئي رهي ٿو. جيڪڏهن عوامي حڪمراني بدران پنهنجو پٽڪو، ڪجهه ادارن يا حلقن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته ڪي الڳ نتيجا نه ايندا. ان حوالي سان عمران خان جو تازو ئي انٽرويو، جيڪو هڪ نجي ٽيليويزن تان نشر ٿيو، ان ۾ هو چئي رهيو هو ته “اسان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اقتدار ۾ اينداسين ته احتساب جي عمل کي هڪ اهم اداري حوالي ڪنداسين. ان اداري کي رڳو ان ڪري استعمال ڪرڻ کان هٻڪ محسوس نه ڪرڻ گهرجي ته دنيا ڇا چوندي؟” جيڪڏهن ملڪ ۾ پارليامينٽ هجي، ان جا ادارا هجن، جن جو ڪم احتساب ڪرڻ کان وٺي قانون سازي تائين شامل هجي، ان جو جائز استعمال ڪرڻ بدران معاملا انهن ڌرين جي حوالي ڪجن، جن جو هي مينڊيٽ ئي ناهي. انهن ڌرين جو ڪم ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ملڪي مفادن جو تحفظ هجي ته پوءِ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جنهن اداري جو ملڪ جي آئين ۾ ڪم طئي ٿيل آهي، ان کي اتان هٽائڻ سان نه فقط احتساب جو عمل متاثر ٿيندو، پر ان اداري جي اصل ڊيوٽي به پوري نه ٿيندي. اها خطرناڪ جوا آهي، جيڪا کيڏي نٿي سگهجي.
عمران خان جي مستقبل جي حوالي سان ڪابه يقيني ڳالهه چئي نٿي سگهجي. ان بابت هو پاڻ به سمجهي ٿو. ماضي ۾ عمران خان کي اقتدار ۾ ته آندو ويو، پر هن جا مخالف 2018ع جي چونڊن ۾ 60 سيڪڙو ووٽ کڻي آيا هئا، ان جي باوجود هو اقتدار جي ايوان کان ٻاهر رهيا. ان ڪري مستقبل جي حوالي سان عمران خان لاءِ اهو چئي نٿو سگهجي ته هو ميان نواز شريف جيان اڊيالا جيل ۾ هوندو يا لنڊن ۾ پنهنجن ٻارن ۽ اڳوڻي گهر واريءَ سان زندگي جا باقي ڏينهن گذاريندو. جنهن قسم جي جوڙ ٽوڙ ٿيل آهي، ان ۾ ڪجهه قوتون هينئر به غير سرگرم آهن. انهن جي اپائن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. اها خبر تڏهن پوندي، جڏهن عام چونڊن لاءِ رستو صاف ٿيندو. هينئر به ڪجهه حلقا جيڪي پرڏيهه ۾ ويٺل آهن ۽ ماضي ۾ اهم ادارن جي اکين جا تارا آهن، اهي اهو تاثر به ڏين ٿا ته صورتحال ساڳي گرم آهي، جيڪا، عمران خان کي هٽائڻ وقت هئي. ان تاثر کي به درست نٿو سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي ته جنهن ويل ملڪ ۾ هڪ آمر کي هٽائي ٻيو آيو ته ان جيڪي هدايتون جاري ڪيون پئي، ان ۾ هن واضح لفظن ۾ چيو ته “جيڪڏهن ملڪ ان ايڊيٽ کان هلي ها ته مان ڇو چيف ٿيان ها.” اها ڳالهه اصل ۾ يحيٰ خان ڪئي هئي، جيڪا ٻڌي ان وقت جي لاٿل فيلڊ مارشل ايوب خان جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. ان ڳالهه کي اڳتي هلي ورجايو ويو. سمورن سويلين ادارن مان رٽائرڊ يا آن ڊيوٽي وارن کي هٽايو ويو، پر عام چونڊون ٿيون ته انهن جا نتيجا انهن جي ئي منشا وٽان هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي نيون قوتون ميدان ۾ اينديون آهن، اهي پهريان صورتحال جو ڪاٿو لڳائينديون آهن، جنهن وقت ضروت محسوس ڪئي ويندي آهي، اهي فنڪشنل ٿي وينديون آهن. هينئر عمران خان کي ڏينهون ڏينهن محدود ڪري هي پيغام ڏنو پيو وڃي ته توهان جون تجويزون ته پنهنجي جاءِ پر نظام ۾ ڪابه گنجائش ناهي. جيڪڏهن ان جي باوجود گنجائش نڪري اچي ته ان کي سياسي پنڊت چمتڪار سڏين ٿا.