پاڪستانسنڌ

يو اي اي جي ويزا تي پابندي، قونصل جنرل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي پاڪستاني شهرين لاءِ يو اي اي جي ويزا پابندي جي خبرن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ڪوڙي خبر قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ يو اي اي جي قونصل جنرل جو چوڻ هو ته يو اي اي حڪومت طرفان ويزا جي ڪا به پابندي ناهي، پاڪستاني شهري ويزا لاءِ اپلائي ڪري سگهن ٿا، چاهي هو يو اي اي جو دورو ڪري رهيا هجن يا ڪو ٻيو ڪم ڪار هجي کين ويزا ڏني ويندي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۽ لاهور کان علاوه انهن شهرن ۾ پيدا ٿيل يا رهندڙ پاڪستاني ڀائرن کي به ڪراچي قونصليٽ کان ويزا جاري ڪري رهيا آهن.

قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته خبر ناهي ائين ڇو ڪيو پيو وڃي، ڪجهه وقت کان پوءِ مختلف قسم جون افواهون پکڙجي رهيون آهن، خبر ناهي ماڻهو اهڙيون افواهون ڇو پکيڙي رهيا آهن. واضح رهي ته سوشل ميڊيا جي ڪجهه ويب سائيٽس تي اهڙا پوسٽر گردش ڪري رهيا آهن، جن ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ پاڪستاني شهرين لاءِ يو اي اي جي سياحتي ويزا تي پابندي ڏيکاري وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button