
گرانڊ سلم جا 59 اعزاز کٽيندڙ اڳوڻي ٽينس اسٽار مارٽينا نيورا ٽيلوا ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق مارٽينا نيورا ٽيلوا کي ڳلي ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي تشخيص ٿي آهي، جنهن بعد سندس علاج شروع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تھ ڪينسر اڃا پهرين مرحلي واري معلوم ٿي آهي.