رانديون

رميز راجا جو پي سي بي کان ذاتي شيون واپس وٺڻ کان انڪار

پي سي بي جي اختيارين اڳوڻي چيئرمين رميز راجا پي سي بي کان پنهنجو ذاتي ڄاڻايل شيون واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي اختيارين رميز راجا کي سندس شيون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سندس گهر ڏياري موڪليون، پر هڪ ڀيري سندس زال ۽ ٻئي ڀيري رميز راجا پاڻ انهن کي وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ رميز راجا جي شين ۾ 1992ع واري ورلڊ ڪپ جي رپليڪا شرٽ، 2 عينڪ جا باڪس، هڪ سونفن جي دٻي، هڪ شيلڊ، هڪ ڪيپ، پي سي بي بيگ، ليپ ٽاپ ۽ ڪجهه ايڪريڊيشن ڪارڊ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button