رانديون

آسٽريلين اوپن ٽينس ۾ ڪرونا متاثر رانديگر به کيڏڻ لا اهل هوندا

سڊني: آسٽريلين اوپن گرينڊ سلم ٽينس ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر رانديگر به کيڏڻ لا اهل هوندا. ٽينس آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪريگ ٽلي جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته انهن وائرس لاءِ ٽيسٽ ڪرائي آهي ۽ جيڪڏهن رانديگر بهتر محسوس ڪن ته ايونٽ ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. ڪريگ ٽلي جو چوڻ آهي ته آسٽريلين اوپن دوران ڪرونا جي ٽيسٽ لازمي ناهي، جيڪي ماڻهو بيمار محسوس ڪندا انهن کي گهر ۾ رهڻ لاءِ چيو ويندو. هن چيو ته اسان رانديگرن ۽ 1200 اسٽاف کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن صحت خراب آهي ته گهرن ۾ رهو، هن وقت اسان جي لاءِ صورتحال معمول تي آهي، اهو رانديگرن تي آهي ته هو ڪرونا مثبت بابت ٻڌائين. واضح رهي ته آسٽريلين اوپن گرينڊ سلم 16 جنوري کان شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button