رانديون

نسيم شاهه جي شاندار بالنگ، نيوزيلينڊ کي پاڪستان هٿان شڪست

ڪراچي: پاڪستان ٽن ميچن جي سيريز جي پهرئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪيويز طرفان ڏنل 256 رنسن جو هدف قومي ٽيم 49 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ارينا (نيشنل اسٽيڊيم) ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. نسيم شاهه پهرين اوور ۾ ئي قومي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري جڏهن ڊيون ڪانوي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي بولڊ ٿي ويو. نسيم شاهه جي 5 وڪيٽن کان علاوه اساما مير ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

جڏهن ته محمد وسيم ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هدف جو تعاقب ڪندي امام الحق جلد آئوٽ ٿي ويو پر فخر زمان، بابر اعظم ۽ محمد رضوان ففٽيون اسڪور ڪيون. فخر زمان 55 رنسون، بابر اعظم 66 رنسون ۽ محمد رضوان 77 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. نيوزيلينڊ طرفان مائيڪل بريس ويل ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ٽم سائوٿ ۽ گلين فلپس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪندي نسيم شاهه کي ميچ جو مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button