ڪراچيءَ جي بلدياتي چونڊن جا نتيجا ملڪ جي عام چونڊن وانگر ورھايل آھن. ان جو مطلب اھو آھي تھ ھن مھل تائين آيل نتيجن جي حوالي سان اھا حقيقت عيان ٿي وئي آھي تھ ڪنھن بھ پارٽيءَ کي واضح اڪثريت حاصل ٿي نھ سگھي آھي. ان ڪري اھو ممڪن آھي تھ ڪا بھ ھڪ پارٽي پنھنجي مرضيءَ جو ميئر چونڊرائي سگھي. ان صورتحال کي ڏسندي پيپلز پارٽيءَ ھاڻي کان وٺي اھو چوڻ شروع ڪيو آھي تھ ھوءَ جماعت اسلاميءَ سان تھ اتحاد ڪري سگھي ٿي پر ھوءَ پي ٽي آءِ يعني عمران خان جي پارٽيءَ سان اتحاد ڪري نھ ٿي سگھي. پيپلز پارٽي ھاڻي ھڪ اصول پرست پارٽي نھ رھي آھي. ھن کي صرف ۽ صرف اقتدار نظر ۾ ھوندو آھي پر کيس معلوم آھي تھ عمران خان ڪنھن بھ صورت ۾ ھن سان اتحاد نھ ڪندو. ان ڪري ھوءَ ان گدڙ جھڙو موقف اختيار ڪري رھي آھي، جيڪو انگورن تائين نھ پھچڻ سبب اھو چئي رھيو ھو تھ “انگور کٽا آھن”. عمران خان آصف زرداريءَ جي لاءِ انھن انگورن مثل آھي، جنھن تائين ھو ڪنھن بھ صورت ۾ پھچي نھ ٿو سگھي ۽ پنھنجي ان نھ پھچڻ واري افسوس کي ھو پنھنجي ھڪ اجائي اصول جي آڙ ۾ ڇپائي ٿو ۽ چوي ٿو تھ ھو عمران خان جي پارٽيءَ سان اتحاد نھ ڪندو. جڏھن تھ عمران خان ھن سان ڪنھن بھ صورت ۾ اتحاد نھ ڪندو. جيڪڏھن عمران خان کي آصف زرداريءَ سان اتحاد ڪرڻ ۾ ڪو عيب نظر نھ اچي ھا تھ ھو پنھنجي حڪومت کي ڇو وڃائي ھا؟ پيپلز پارٽي تھ آخر تائين عمران خان کي ايلاز ڪندي رھي تھ ھو ڪنھن طرح سان اتحاد جي لاءِ راضي ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ تھ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ميان نواز شريف کي بھ صاف انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پر عمران خان ھن سان اتحاد ڪرڻ تي راضي نھ ٿيو ۽ نتيجي ۾ آصف زرداريءَ مسلم ليگ ن سان ھٿ ملايو ۽ عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي. جنھن پارٽيءَ سان اتحاد نھ ڪرڻ جي سبب عمران خان وفاقي حڪومت کي قربان ڪري سگھي ٿو، ان پارٽيءَ سان ھو ڪراچيءَ جي مفاد لاءِ اتحاد ڇو ڪندو؟ جڏھن تھ ڪراچيءَ ۾ عمران خان جو ايترو مفاد بھ ڪونھي. جيڪڏھن ھن جو ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ايترو مفاد ھجي ھا تھ ھو بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ سنجيده ٿئي ھا ۽ جيڪڏھن ھو پنھنجي صحت ۽ سڪيورٽيءَ جي ڪري ڪراچيءَ ۾ ڪو وڏو عوامي جلسو نھ ڪري سگھي ھا تھ گھٽ ۾ گھٽ ھو وڊيو ذريعي ڪراچيءَ کي اھا اپيل ڪري ٿي سگھيو تھ ووٽ ھن جي پارٽيءَ جي حق ۾ وڌو وڃي پر ھن ان قسم جي ڪا ڪوشش نھ ڪئي ۽ ڪوشش نھ ڪرڻ جي باوجود بھ ھن 40 سيٽن جي لڳ ڀڳ ڪاميابي حاصل ٿي آھي. جڏھن تھ جماعت اسلاميءَ پنھنجي تمام گھڻي ڪوشش سان ۽ تمام گھڻي پروپيگنڊا سان ڪراچيءَ جي بلدياتي چونڊن ۾ 80 کان ڪجھھ وڌيڪ سيٽون کڻي سگھي آھي. ھاڻي سوال اھو آھي تھ ڪھڙيون ٻھ پارٽيون ملي ڪراچيءَ جي لوڪل حڪومت جي جوڙجڪ ڪنديون؟
ڇا اھو ممڪن آھي تھ جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پاڻ اتحاد ٿئي ۽ اھي ٻيئي پارٽيون ملي تمام مضبوط قسم جو اتحاد جوڙين ۽ تحريڪ انصاف کي مخالف ڌر ۾ ويھڻو پوي! ڇا اھو ممڪن آھي؟ ھونءَ تھ سياست ۾ ھر شيءَ ممڪن ھوندي آھي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ تھ اسان کي ھن مھل تائين ڪجھھ بھ ناممڪن نظر نھ آيو آھي پر سوال صرف اھو آھي تھ ڪراچيءَ جي ماڻھن ۾ پنھنجي ساک پت قائم ڪرڻ جي لاءِ جماعت کي چاھيندي بھ پيپلز پارٽيءَ کان پري رھڻو پوندو. ھونءَ تھ جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جا پاڻ ۾ تعلقات اھڙا نھ رھيا آھن، جن جي بنياد تي اسان اھو سوچي سگھون تھ ٻيئي ڌريون کير کنڊ ٿي سگھن ٿيون. ڇو تھ جماعت اسلاميءَ ۽ جمعيت علماءِ اسلام ۾ تمام وڏو فرق آھي. جيتوڻيڪ ٻيئي مذھبي جماعتون آھن ۽ انھن جو پاڻ ۾ اتحاد بھ رھيو آھي. ھو ايم ايم اي جي اتحاد ۾ گڏ ھيون پر جماعت پاڻ کي ھڪ اصولي پارٽي سمجھندي آھي ۽ جميعت علماءِ اسلام جي مٿان سياسي مفادن جي غيراصولي فيصلن جو الزام لڳندو رھيو آھي ۽ پاڻ مولانا فضل الرحمان جي مٿان بھ ڪرپشن ۽ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تنقيدون ٿينديون رھيون آھن. ان ڪري اھو مشڪل محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڪراچيءَ جي ميئرشپ ماڻڻ جي لاءِ جماعت اسلامي پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد ڪري. جيتوڻيڪ جماعت اسلامي اھو بھ سوچي سگھي ٿي تھ پيپلز پارٽي ھڪ اقتداري پارٽي آھي ۽ ھن سان اتحاد ڪري ھن کي سنڌ جي مک شھر ۾ وڌيڪ فائدا حاصل ٿي سگھن ٿا. پر اسان کي اھو بھ نھ وسارڻ گھرجي تھ جماعت اسلاميءَ ھن مھل تائين ڪراچيءَ ۾ بلدياتي ادارن جي چونڊن جي سلسلي ۾ جيڪي بھ نعرا ھنيا ۽ جيڪا بھ چونڊ مھم ھلائي اھا پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ ھلائي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو جيڪو بھ اميج رھيو آھي، ان اميج کي آڏو رکي جماعت اسلاميءَ کي ھن جا ورڪر بھ اھا اجازت نھ ڏيندا تھ ھوءَ پيپلز پارٽيءَ سان ھٿ ملائي. ڇو تھ ھن مھل جماعت ان پوزيشن ۾ آھي تھ ھوءَ ڪنھن سان بھ ھٿ ملائي سگھي ٿي ۽ ھن جي حصي ۾ ميئرشپ اچي سگھي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي حصي ۾ ڪجھھ سيٽون وڌيڪ آھن پر پيپلز پارٽي پنھنجن مجموعي مفادن کي ڏسندي جماعت کي شھر جي ميئرشپ ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف محسوس نھ ڪندي پر جماعت جي لاءِ ھڪ تھ مٿين معاملن جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ سان ملڻ مشڪل آھي ۽ ٻيو تھ پاڻ کان وڌيڪ سيٽين واري پارٽيءَ سان اتحاد ڪري ميئرشپ حاصل ڪرڻ ۾ جماعت اسلامي پنھنجي حوالي سان ھڪ توھين جھڙو عمل محسوس ڪندي. ھن جي لاءِ اھو تمام گھڻو آسان ۽ بيحد بھتر ھوندو تھ ھوءَ پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد ڪرڻ بدران تحريڪ انصاف سان ھٿ ملائي ۽ شھر ۾ پنھنجي بلدياتي ميئر جي چونڊ ڪرائي ۽ ان سان ھن جي مٿان ڪو الزام بھ نھ لڳندو. ڇو تھ تحريڪ انصاف کڻي ڪھڙي بھ ھجي پر ھن جي مٿان ڪرپشن جا اھڙا الزام نھ لڳا آھن، جن سان ھوءَ عوام ۽ خاص طور تي جماعت جي حلقن ۾ ناقابل قبول ھجي. جيڪڏھن جماعت کي پاڪستان جي سياست جي ڪنھن بھ موڙ تي پيپلز پارٽيءَ ۽ تحريڪ انصاف مان ڪنھن پارٽيءَ سان ضروري اتحاد ڪرڻو پوي تھ اھا يقيني طور تي تحريڪ انصاف جي چونڊ ڪندي. ان حوالي سان ھن جي لاءِ ڪراچيءَ جو وڏو عھدو حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ بھ تحريڪ انصاف ھڪ بھتر پارٽنر ٿي سگھندي. تحريڪ انصاف کي بھ معلوم آھي تھ ھن جو فطري اتحاد پيپلز پارٽيءَ سان تھ ڪنھن بھ صورت ۾ ممڪن ناھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھوءَ بھ جماعت اسلاميءَ سان ھٿ ملائي ۽ ڪراچيءَ جو لوڪل باڊيز وارو اقتدار ورھائي سگھي ٿي.
جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جو پاڻ ۾ اھڙو جوڙ ٺھي ٿو، جنھن جي پروڙ پاڪستان جي سمورن سياسي مبصرن کي آھي. ان ڪري ڪو بھ سياسي مبصر ھن مھل تائين ان قسم جي عجيب ڳالھھ ڪندو نظر نھ آيو تھ جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ اتحاد ممڪن آھي. جڏھن تھ پيپلز پارٽيءَ جا ڪجھھ ڪردار مسلسل شور مچائي ويٺا آھن تھ ھو جماعت اسلاميءَ سان ڳالھائيندا ۽ انھن کي جماعت اسلاميءَ سان اتحاد ڪندي خوشي محسوس ٿيندي. پر سياست صرف خواھشن جو نالو ناھي. جماعت اسلامي حالتن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حالن سبب ڪڏھن بھ ان تي راضي نھ ٿيندي تھ ھوءَ ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ميئرشپ ماڻي. ھن جي لاءِ ان صورت ۾ ايتري تھ مخالفت ڪر کڻندي جو جماعت انھن تنقيدي سوالن جا جواب ڏيندي ٿڪجي پوندي پر اھي سوال نھ کٽندا.
پيپلز پارٽيءَ کي ان جو اڳواٽ احساس ھو. ھن کي معلوم ھو تھ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب بلدياتي ادارن جي چونڊ جا نتيجا اھڙا نڪرندا جو ھن کي واضح اڪثريت حاصل نھ ٿيندي ۽ ھن کي ڪراچيءَ ۾ پنھنجي لوڪل حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ مجبورن يا تھ تحريڪ انصاف سان ملڻو پوندو يا جماعت اسلاميءَ وٽ وڃڻو پوندو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اھا بھ پروڙ ھئي تھ عمران خان ھن جو فطري مخالف آھي ۽ ھو ڪنھن بھ صورت ۾ ھن سان اتحاد نھ ڪندو ۽ جماعت اسلاميءَ جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پوري پڪ نھ ھئي. ھن کي اھو احساس ھو تھ جيڪڏھن ورھايل مينڊيٽ سبب پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف ۾ سيٽون ورھائجي ويون ۽ ڪا ھڪ پارٽي لوڪل حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ نھ آئي تھ پوءِ ھن سان جماعت اتحاد ڪرڻ بدران ھن جو ھٿ تحريڪ انصاف جي طرف ھوندو. ان ڪري ھن جي شديد خواھش ھئي تھ ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ نھ ڪري. جڏھن تھ ايم ڪيو ايم کي احساس ھو تھ الطاف حسين جي مخالفت ۽ ھن پاران بلدياتي ادارن جي چونڊن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ کان پوءِ اھو ممڪن ناھي تھ ايم ڪيو ايم کي اردو آباديءَ جا ووٽ ملي سگھن. ان ڪري ھن غلط حلقابندين تي اعتراض واري چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. ھن جي بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ بنا ڪوشش جي جماعت اسلامي کي 80 کان وڌيڪ سيٽن تي سوڀ حاصل ٿي ۽ جماعت ان پوزيشن ۾ اچي وئي تھ ھوءَ شھر ۾ پنھنجي لوڪل حڪومت جوڙي بھ سگھي ٿي ۽ پنھنجي ميئر جي سيٽ کي بھ يقيني بڻائي سگھي ٿي. ان صورت ۾ ايم ڪيو ايم تھ تمام گھڻي تيسي ۾ آھي ۽ ھن کي تمام گھڻي مايوسي بھ آھي. ڇو تھ اھا پاڻ ۾ ملي بھ اھو ڪجھھ حاصل نھ ڪري سگھي، جنھن جي ھن کي تمنا ھئي. ھاڻي ھوءَ ڇا ڪندي؟ جيڪڏھن عام چونڊن ۾ بھ ھن جي آڏو وري ھن جو اڳوڻو قائد اچي ويو تھ ھن کي ڇا حاصل ٿيندو؟ اھو سوال تھ پنھنجو جواب ايندڙ وقت ۾ تلاش ڪري. ھن مھل تھ سڀ کان مشڪل حالت ايم ڪيو ايم کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي آھي. ڇو تھ جماعت اسلامي پنھنجي ميئر لاءِ عمران خان سان ھٿ ملائڻ جو انتظار ڪري رھي آھي.