رانديون

ڌوني ۽ ويرات جي ڌيئرن لاءِ سوشل ميڊيا تي نامناسب تبصرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

نئين دهلي: ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ پوليس ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني ۽ ويرات ڪوهلي جي ڌيئرن لاءِ سوشل ميڊيا تي نامناسب تبصرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دهلي ڪميشن فار وومين جي صدر سواتي ماليوال ويرات ڪوهلي جي ڌيءَ واميڪا ۽ ايم ايس ڌوني جي ڌيءَ زيوا بابت سوشل ميڊيا پوسٽن تي نفرت آميز تبصرو ڪندڙن خلاف پوليس کي تحريري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست جي نتيجي ۾ دهلي پوليس ڪيس داخل ڪيو ۽ هاڻي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button