رانديون

اسٽيون سمٿ بگ بيش ليگ ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪري يادن کي تازو ڪري ڇڏيو

سڊني: اسٽيون سمٿ بگ بيش ليگ ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪري قومي سليڪٽرن کي پنهنجي ٽي-20 ڪيريئر جي ياد ڏياري ڇڏي. اسٽيون سمٿ ايڊيليڊ اسٽرائڪرز خلاف 56 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، هن فارميٽ ۾ مجموعي طور تي سندس ٻي ٿري فگر اننگز آهي، پر سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ٻئين بال تي رن آئوٽ ٿي ويو. سڪسرز جي ڪپتان موئسس هينريڪس ۽ هن وچ ۾ ٻي رنس ٺاهڻ جي ڪوشش ناڪام رهي، هن پنهنجي پهرين ٽي-20 سينچري 7 سال اڳ 2016 آئي پي ايل ۾ رائزنگ پوني سپر جائنٽس لا 54 بالن تي 101 رنسون ٺاهي اسڪور ڪئي هئي. سڪسرز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ٺاهيون، جيڪو ايونٽ ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button