رانديون

اسڪوائش جي موجوده حالت شرم جوڳي آهي: جهانگير خان

لاهور: سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏيندڙ اسڪوائش ليجنڊ جهانگير خان پاڪستان اسڪوائش جي تازي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسڪوائش جي موجوده حالت شرم جوڳي آهي، وفاق جي آفيسرن کي راند جي ڪابه ڄاڻ ناهي. اسڪوائش فيڊريشن جي سيڪريٽري جي ڪوچ بڻجڻ تي حيراني ٿي آهي، راندين کي مذاق بڻايو ويو آهي. جهانگير خان چيو ته برطانوي جونيئر ۽ ايشين ٽيم چيمپيئن شپ جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، اهو معيار رهيو آهي ته جن کي اسڪوائش سيکاري اهي هارائي رهيا آهن. اسڪوائش ڳالهائڻ سان بهتر نه ٿيندي ان لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. اسڪوائش ليجنڊ چيو ته اها فل ٽائيم نوڪري آهي ۽ صرف پروفيشنل ئي ان کي هلائي سگهن ٿا، سڄي دنيا مان فون اچي رهيا آهن ته اوهان جي اسڪوائش رانديگرن کي ڇا ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button