رانديون

آسٽريلين اوپن ۾ رافيل نڊال جي شڪست جي صورت ۾ اپ سيٽ

ميلبورن: سال جي پهرئين گرانڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريلين اوپن ۾ رافيل نڊال جي شڪست جي صورت ۾ پهريون اپ سيٽ سامهون آيو آهي. عالمي نمبر 2 ۽ دفاعي چيمپيئن رافيل نڊال آسٽريلين اوپن جي ٻئين رائونڊ ۾ آمريڪي رانديگر هٿان هارائي ويو. ميڪنزي ميڪڊونلڊ، رافيل نڊال کي 4-6، 3-6، 5-7 تان هارائي ڇڏيو، رافيل نڊال ميچ دوران زخمي به ٿي پيو. ياد رهي ته رافيل نڊال مسلسل 209 هفتا عالمي نمبر ون رهيو آهي ۽ هو 5 ڀيرا سال جي آخر ۾ نمبر ون رانديگر به رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button