رانديون

آسٽريلوي وومين ٽيم، پاڪستان کي ون ڊي ۾ 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

برسبين: آسٽريلوي وومين ٽيم، پاڪستاني وومين ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. برسبين ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا 126 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 20 هين اوور ۾ بغير ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو. آسٽريليا جي 19 سالن جي اوپننگ بيٽسمين فيبي ليچ فيلڊ مسلسل ٻيو ڀيرو 50 رنسون ٺاهيون، هن 61 بالن تي 67 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه اوپنر بيٿ موني به 55 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ندا ڊار 24 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي. ميچ جي شروعات ۾ پاڪستاني ڪپتان بسمه معروف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر قومي ٽيم رڳو 43 اوور کيڏي سگهي ۽ پوري ٽيم 125 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. سيريز جي آخري ۽ ٽين ميچ 21 جنوري تي کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button