رانديون

پي ايس ايل 8 ايندڙ مهيني کان شروع، فائنل ۾ لاهور ۾ ٿيندو، شيڊول جو اعلان

پي ايس ايل سيزن 8 جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پشاور ۽ ڪوئٽا جا شهر نظرانداز ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق پي ايس ايل سيزن 8 جو افتتاح 13 فيبروري تي ملتان ۾ ٿيندو، جڏهن تھ ايونٽ جو فائنل 19 مارچ تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي پريس ڪانفرنس ذريعي شيڊول جو اعلان ڪندي چيو آهي تھ راوالپنڊي 11، ڪراچي 9 ۽ ملتاڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو تھ فيبروري 13 کان 19 مارچ تائين جي شيڊول ۾ 4 ميچ ڏينهن جو ٿيندا ۽ باقي سڀ رات جي وقت ٿينديون، جنهن جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن.

پي ايس ايل سيزن 8 جو جاري ڪيل شيڊول

نجم سيٺي جو چوڻ آهي تھ پي ايس ايل آئي پي ايل کان وڏو آهي. هن چيو تھ مون کان مفت ٽڪيٽون گهري مهرباني ڪري شرمندو نھ ڪندا. جڏهن تھ ويمن نمائشي ميچون 8، 10 ۽ 11 مارچ تي پنڊي ۾ کيڏيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button