رانديون

سعودي عرب ۾ بھ ميسي رونالڊو کي شڪست ڏئي ڇڏي

سعودي عرب ۾ دوستاڻي ميچ ۾ عالمي چيمپيئن ليونل ميسي جي ٽيم ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق رياض جي ڪنگ فهد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل دوستاڻي ميچ ۾ ميسي جي پي ايس جي ۽ رونالڊو جي آل اسٽار اليون کي 4 گولن جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني آهي. ميچ جي پهرين هاف ۾ ليونل ميسي ميچ جو پهريون گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جنهن بعد جلد ئي ڪرسٽيانو رونالڊو گول ڪري حساب برابر ڪري ورتو. جڏهن تھ دوستاڻي ميچ کي يادگار بڻائڻ جي حوالي سان ميچ جا ٽڪيٽ 59 ڪروڙ رپين ۾ وڪروم ڪيا ويا، جيڪي چيريٽي کي ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button