پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ٿيڻ بعد ٽي 20 سيريز ۾ پڻ پهرين ميچ ۾ شڪست سان شروعات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا 8 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي برتري ماڻي ورتي آهي. پاڪستان جي ويمن ٽيم 118 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عائشا نسيم 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي سان 24 رنسون ڪيون، جنهن بعد عميما سهيل 30 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ جويريا خان 16 اسڪور ڪيو. اهڙي ريت 8 بيٽر سنگل ڊجٽ تائين محدود رهجي ويون. آسٽريلوي بالر آسٽريلوي بالر ميگن شٽ جارحاڻي بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون، ايلسي پيري ۽ انا ڪنگ 2،2 شڪار ڪيا آهن. هوڏانهن آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان جي 118 رنسن جي جواب ۾ 2 وڪيٽن تي 119 رنسون ٺاهي آساني سان ميچ کٽي ورتي، جنهن ۾ ايلسي پيري چوڪن جي برسات ڪندي 57 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ايش گارڊنر 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، باقي ميگ ليننگ ۽ ٽهليا ميڪگراٿ 14، 14 رنسن تي آئوٽ ٿي ويون. پاڪستاني بالرن ندا ڊار ۽ سعديا اقبال هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close