رانديون

بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ سلهٽ بارشيل کي شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش پريميئر ليگ جي ميچ ۾ سلهٽ اسٽرائيڪرز جي ٽيم فورچيون بارشيل کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي. ميڊيا مطابق سلهٽ اسٽرائيڪرز جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 173 رنسون ڪيون، جنهن ۾ نجم الحسن شنٽو 89 رنسن سان نمايان رهيو، ٽام مورس 40، ٿسارا پريرا 26 رنسون ٺاهيون. فورچيون بارشيل جي بالر محمد وسيم 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ فورچيون بارشيل جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 171 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ابراهيم زادران 42، سيف حسن 31 ۽ شڪيب الحسن 29 رنسن سان نمايان رهيا. سلهٽ اسٽرائيڪرز جي بالرن راجوڙ رحمان راجا 3، محمد عامر ۽ تنظيم ثاقب 2،2 آئوٽ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button