رانديون

ميلبورن رينيگيڊز بگ بيش جي فائنل ۾ پهچي وئي، ايڊيليڊ کي شڪست

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي ٽيم 6 وڪيٽن تان ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز کي هارائي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 142 رنسون ٺاهيون،جن ۾ ايلڪس ڪيري 65 رنسن سان نمايان رهيو، اهڙي ريت ٽريوس هيڊ 19، هيري نيلسن 18، ايڊم هوز 11 رنسون ڪيون، باقي بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ رهيا. رينيگيڊز جي بالر فواد احمد 3 شڪار ڪيا. رينيگيڊز جي ٽيم 19 اوور ۾ 4 وڪيٽن تي هدف ماڻي ورتو، جنهن ۾ ايرون فنچ 63، جوناٿن ويلز 20 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. ميٽ ڪرچلي 35، مارٽن گپٽل 8، سيم هارپر هڪ ۽ شان مارش ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button