پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ گوسڙو استادن سبب 2 اسڪول بند، احتجاج

ڇاڇرو (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ اڙٻهيار جي ٻن پرائمري اسڪولن ۾ مقرر استاد غير حاضر رهڻ خلاف ڳوٺاڻن محمد بچل، محمد شريف ۽ جان محمد سميجو سميت ٻين ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. هنن چيو ته شهلي پاڙي ۾ مين پرائمري اسڪول ۽ صوڀو پاڙي ۾ پرائمري اسڪول هڪ سال کان بند آهن، اسڪول ۾ کٽون ۽ بسترا پيا آهن، تعليمي درسگاهون اوطاقون بڻجي ويون آهن، جنهن سبب ڳوٺ جي سوين ٻارن جو روشن مستقبل تباھه ٿي رهيو آهي، اسڪولن ۾ مقرر استاد ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ مسلسل غير حاضر آهن، ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن کي شڪايتون ۽ درخواستون ڏنيون، پر تعليم کاتي جا عملدار ڌيان نٿا ڏين. ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي عملدارن کان گهر ڪئي ته گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪري محنتي استاد مقرر ڪري اسڪول کولي ٻارن کي تعليم ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button