پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ “سنڌ ايڪسپريس” رپورٽر جو ڀا ۽ ڀائيٽي حملي ۾ زخمي

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي جي “سنڌ ايڪسپريس” اخبار جي رپورٽر محمد قاسم ملاح جي ڀا ۽ ڀائيٽي کي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مسڻ وڏي ۾ صحافي ۽ “سنڌ ايڪسپريس” جي رپورٽ قاسم ملاح جي ڀا غلام رسول ملاح ۽ ڀائيٽي آمنه ملاح تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو ويو آهي، جن کي ٽنڊوالهيار اسپتال آندو ويو، جتان کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف سينيئر صحافي محمد قاسم ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پلاٽ آهي، جنهن تي اسان جا مخالف عبدالڪريم عرف ڪوڏو، حاجي ولد عبدالڪريم ۽ علي حسن ملاح قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جن مختلف وقتن تي اسان کي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون، ان حوالي سان اسان ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي درخواست به ڏني، اڄ ڄاڻايل جوابدارن اسان تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ منهنجو ڀا ۽ ڀائيٽي زخمي ٿي پيا آهن. هن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي، ڊي ايس پي عثمان لغاري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ مونکي خاندان سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي صحافي جي ڀا تي حملي جي صحافين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button