ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪافڪا جي ناوليٽ “ميٽامورفسس” جي ريٽلينگ I-

انساني تاريخ ۾ 19هين ۽ 20هين، ٻه اهڙيون صديون ٿي گذريون آهن جن جديد دنيا سان گڏ جديد انسان جا بنياد رکيا. اڄ جو انسان جيڪڏهن پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي به جديد چئي رهيو آهي ته اهو سڀ انهن ٻنهي صدين جي ڪري ئي آهي. انهن ٻنهي صدين ۾ انسان نئين انداز سان سوچڻ شروع ڪيو ۽ هر علم کي انهن ٻنهي صدين ۾ ئي اهميت ملڻ شروع ٿي. جديد سائنسي ترقي، ٽيڪنالاجيءَ کان ويندي آرٽ ۽ ادب جا نت نوان رخ انهن ٻنهي صدين ۾ ئي نظر اچن ٿا. ان کان اڳ رڳو تندرست بُت واري انسان کي ئي تندرست انسان سمجهيو ويندو هو، پر پو ان ڳالهه جي خبر پئي ته هڪ تندرست انسان هجڻ لا بُت سان گڏ ذهني تندرستي، نفسياتي تندرستي ۽ روين جي حوالي سان به تندرست هجڻ ضروري آهي، تڏهن ئي وڃي هڪ صحتمند سماج جي جوڙجڪ ٿئي ٿي.
اهڙي ريت ادب ۾ به ان نئين انسان جو ذڪر ٿيڻ لڳو. ڪلاسيڪي ادب ۾ جتي ديوين ديوتائن ۽ سندن اولاد جي سگهه، ڪرامتن ۽ ڏمر وغيره جو ذڪر ٿيو، اتي وري 19هين ۽ 20هين صدين جي ادب ۾ نئين انسان جو ذڪر ٿيڻ لڳو ۽ انسان جي جسماني شخصيت سان گڏ هن جي نفسياتي شخصيت جو ذڪر به پڙهڻ لا مليو. ان جو بهترين مثال دوستووسڪي کان ويندي ڪافڪا ۽ سارتر کان ويندي ڪامو جي لکڻين ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو. ان ادب کي وجوديت واري ادب کان ويندي ماڊرن سينسبلٽي جو نالو ڏنو ويو ۽ ان جو گهڻي ڀاڱي مرڪز انساني نفسيات، سوچ ۽ رويا آهن.
جديديت ٽن اهم اصولن تي آڌاريل هئي، جڏهن ته ان اڳ وارن اصولن کي پاڙان لوڏي ڇڏيو. جيڪڏهن ادب جي حوالي سان 20هين صدي تي نظر وجهون ته اسان کي ان صديءَ ۾ چار اهم ادبي ڌارائون نظر اچن ٿيون، جديديت (Modernism)، جديديت پڄاڻا (Postmodernism)، ڪامن ويلٿ ادب (Common Wealth Literature) ۽ عالمي جنگ پڄاڻا ادب(Post World war Literature) ان ۾ سڀ کان اڳ جديديت واري ڌارا انساني سوچ ۽ اڳ ۾ رائج ٿيل ادبي ڌارائن کي ته صفا پاڙان ئي اکڙي ڇڏيو. جديديت کان اڳ جي انسان وٽ ٽي اهم شيون هيون، عقيدو، بادشاهه ۽ ڪليسا، جڏهن جديديت جو نظريو آيو ته ان انسان جي انهن ئي ٽن اهم شين تي سوال اٿاريا جنهن جي نتيجي ۾ عقيدي جي جا دليل، منطق ۽ سائنسي سوچ والاري ورتي. بادشاهه جي جا جمهوريت والاري ۽ ڪليسا جي جا سيڪيولرزم والاري ورتي. جديديت وارو دور 19هين صدي کان شروع ٿي ٻي عالمي جنگ تائين ڳڻيو وڃي ٿو ۽ ٻي عالمي جنگ کان پو وري جديديت پڄاڻا وارو دور شروع ٿيو.
جديديت جي حوالي سان ڪافڪا هڪ اهم ليکڪ طور ڳڻيو وڃي ٿو. ڪافڪا جي لکڻين ۾ اسان کي حقيقت ۽ فينٽسي جو شاندار ميلاپ نظر اچي ٿو. هن جا ڪردار اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار نظر اچن ٿا ۽ هن جي لکڻين ۾سررئيلزم به پڙهڻ لا ملي ٿو. ڪافڪا جي زندگي ۽ لکڻين تي ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي محققن جو خيال آهي ته هن جون 90 سيڪڙو لکڻيون سڙي ويون، جڏهن ته رڳو ڏهه سيڪڙو لکڻيون ئي پڙهندڙن تائين پهچي سگهيون. هن جي مشهور لکڻين ۾ دي ميٽامورفسس (1915ع) دي ٽرائيل (1925ع) ۽ دي ڪيسل (1926ع) شامل آهن.
ڪافڪا جي ڪهاڻين ۾ absurdity جو جز به تمام گهڻو ملي ٿو. عالمي ادب ۾ Kafkaesque جو لفظ ڪافڪا جي لکڻين تان ئي آيو ۽ هي لفظ انهن ڪهاڻين ۽ ناولن لا استعمال ڪيو ويندو آهي، جن ڪهاڻين ۾ ڪافڪا جي ڪهاڻين جهڙي absurdity ۽ ويڳاڻپ هوندي آهي.
دي ميٽامورفسس (1915ع):
سن 1915ع ۾ ڇپيل ڪافڪا جي هن ناوليٽ دي ميٽامورفسس ته افسانوي ادب کي هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو ۽ ان کي ڪافڪا جي اهم لکڻين مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. هي گريگو سيمسا نالي هڪ نوجوان سيلزمين جي ڪهاڻي آهي. هڪ صبح جڏهن هو اٿي ٿو ته هن کي محسوس ٿئي ٿو ته هن جي بُت ۾ وڏو بدلا اچي ويو آهي ۽ اهو انساني بُت مان هڪ جيتامڙي ۾ مٽجي چڪو آهي. هن ناوليٽ جي شروعات ڪجهه اهڙي آهي جنهن کي پڙهڻ سان ئي حيرت ٿيڻ لڳي ٿي:
“One morning, as Gregor Samsa was waking up from anxious dreams, he discovered that in bed he had been changed into monstrous verminous bug. He lay on his armour-hard back and saw, as he lifted his head up a little, his brown arched abdomen divided up into rigid bow-like sections.”
هو پاڻ سان ڳالهائيندي چئي ٿو ته هي ڪو خواب نه آهي ۽ هن جي آس پاس ڪمري جي هر شيءِ ساڳي حالت ۾ هوندي آهي، رڳو هو ئي مٽجي چڪو هوندو آهي. جيئن ئي هن جي گهروارن کي هن جي اهڙي حالت جي ڄاڻ ملي ٿي اهي پريشان ٿي وڃن ٿا ۽ هوريان هوريان اهي مالي مشڪلن ۾ وٺجي وڃن ٿا جو گهر ۾ گريگو ئي اڪيلو ڪمائڻ وارو هوندو آهي. هاڻي هو سمورو وقت ڪمري ۾ بند ئي رهي ٿو ۽ ڪيڏي مهل فرش تي رهڙيون پائي ٿو ته ڪيڏي مهل وري ڀت تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو. هن جي ڀيڻ گريتا ئي هن جي ڪمري ۾ اچي هن لا ماني وغيره رکي وڃي ٿي. هوريان هوريان هن جي ما ۽ ڀيڻ هن جي ڪمري مان سمورو فرنيچر ڪڍي وڃن ٿيون ۽ هاڻي ڪمري ۾ رڳو هڪ صوفو بچي ٿو. گهر ۾ جڏهن به ڪو مهمان اچي ٿو ته گريگو ان صوفا جي هيٺان لڪي وڃي ٿو، جيئن گهروارن کي هن جي اهڙي وجود جي ڪري شرمسار نه ٿيڻو پئي. هن کي اهو احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هن کان اهو وسري وڃي ته هو انسان آهي. هو ڀت تي ٽنگيل هڪ مائي جي تصوير کي ڀاڪر ڀري ٿو، اهو لقا ڏسي گريتا اسپري کڻي اچي ٿي ۽ جڏهن گريگو هن ڏانهن وڌي ٿو ته هن جي هٿان شيشي ڪري پئي ٿي.
هڪ ڏينهن سندس پيءُ گهر ٿو اچي وڃي ۽ گريگو کي ايئن گريتا جو پيڇو ڪندو ڏسي ٽيبل تي رکيل صوف هن ڏانهن اڇلائي ٿو، صوفن جي ڪري هن کي چيلهه ۾ ڌڪ لڳي ٿو ۽ باقي ڄمار هو ان ڦٽيل حالت ۾ گذارڻ لڳي ٿو، جنهن جي ڪري هو کاڌو به گهٽ کائڻ لڳي ٿو. ايئن هن جي پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ کي نوڪريون ملي وڃن ٿيون ۽ اهي گريگو کي نظر انداز ڪرڻ لڳن ٿا، ايتري تائين جو هاڻي ڪير به هن جي ڪمري جو رخ ئي نٿو ڪري ۽ هن جو ڪمرو اسٽور روم ٿي وڃي ٿو.
هن ناوليٽ جي سڀ کان اهم ڳالهه انساني رشتن جو هڪ ٻئي سان ناتو آهي ۽ علامتي انداز ۾ اهو به ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪيئن گهر جو هڪ اهم ڀاتي رڳو پيسا ڪمائي نه ڏيڻ جي ڪري پنهنجي اهميت ئي وڃائي ويهي رهي ٿو، جو آخر ۾ ڪنهن کي ياد به نٿو رهي.
افسانوي ادب ۾ ڪير به ڪافڪا جي هن شاهڪار ناوليٽ جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي. ان ۾ انساني حالت جي بهترين نموني عڪاسي ڪئي وئي آهي ۽ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته گهڻي ڀاڱي انساني رشتا ناتا رڳو مفادن جي ڪري ئي هڪ ٻئي سان جڙيل رهن ٿا.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button