غير درجه بندي

معيشت جي سڌاري لاءِ آءِ ايم ايف جو آسرو

اڄ جيڪڏهن ملڪ معاشي طور بدحال آهي، سياسي طور بي چيني پکڙيل آهي، مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪا واهه ڪونه پئي نظر اچي ته ان جو هڪ اهم ترين سبب ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ عمران خان نيازيءَ جو تجربو ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن 2017ع ۾ ملڪي معيشت ڪافي بهتر ٿي وئي هئي، مهانگي چوٽ ڪونه چڙهيل هئي ۽ عوام لاءِ روزگار جا در بند ڪونه هئا، تڏهن اها واويلا ڪئي وئي ته ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. ان وقت جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه پنهنجن تقريرن ۾ معاشي ماهر لڳو پيو هوندو هو ۽ معيشت بابت بريف پيو ڪندو هو. جڏهن ته هن جو معاشي معاملن سان ڪو واسطو ڪونهي. اهڙي ريت اهو فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي ۽ اهو ئي ملڪ جي ٻڏندڙ معيشت کي بحال ڪندو ۽ ان کان سواءِ سڄي دنيا مان ايترا پئسا ميڙي ايندو جو بينڪن ۾ پئسا رکڻ جي جاءِ ئي ڪونه بچندي. پر جڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته هن نه رڳو ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ تباهه ڪيو پر هن پنهنجي حڪومت دوران آءِ ايم ايف کان ايترا قرض ورتا جيترا پاڪستان گذريل ستر سالن ۾ وٺي چڪو هو.
اڄ جڏهن ملڪي معيشت بنهه گهڻي تباهه حال آهي ته ان جو هڪ سبب آءِ ايم ايف کان کنيل ڳرا قرض آهن. ان کان سواءِ ٻاهرين سيڙپڪاري نه اچڻ آهي. گذريل سال جڏهن عمران خان نيازيءَ جي حڪومت آخري پساهن ۾ هئي ۽ هن جي وڃڻ بابت معاملا طئي ٿي ويا هئا ته هن اوچتو پيٽرول 10 رپيا ۽ بجلي 5 رپيا في يونٽ گهٽائي ڇڏي هئي. ان سان معيشت کي جيڪو نقصان پهتو ان جو ازالو ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪدم پيٽرول ايترو ته مهانگو ڪيو جو هو هاڻ 216 رپيا ليٽر ٿي ويو آهي.
حڪومت معيشت سان لاڳاپيل سڀني مسئلن جو حل فقط آءِ ايم ايف کان قرض کڻڻ کي سمجهي ٿي. ان ڪري قرضن جو اهو سلسلو اڃا تائين هلي رهيو آهي. ان دوران ڪڏهن به حڪومت اهو ڪونه سوچيو آهي ته ملڪي سطح جا ڪيترائي اهڙا خرچ آهن، جن کي گهٽائي معيشت کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. عوام کي رليف ڏئي سگهجي ٿو پر هيستائين اهڙُي ڪابه رٿا عمل ۾ نه آندي وئي آهي نه ئي ان جا ڪي امڪان نظر اچي رهيا آهن.
ملڪ معاشي طور تباهه حال لڳو پيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مطمئن نظر اچي رهيو آهي ته اهو ملڪ جو خزاني وارو وزير اسحاق ڊار آهي. هن کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪونهي ته ملڪي معيشت تر وڃي ورتو آهي. ڪالهه ئي سندس هڪ بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان دنيا ۾ رهڻ لاءِ الله سائين قائم ڪيو ۽ هي واحد ملڪ آهي جيڪو ڪلمي جي نالي تي وجود ۾ آيو، سعودي عرب به ڪلمي جي نالي تي ناهي ٺهيو. هن جي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو ڊرامو پنج سال اڳ شروع ٿيو هو، پاڪستان ان جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. نواز شريف جي دور ۾ معيشت مضبوط ٿي رهي هئي، اسان جي اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين هئي ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي.
پنجن سالن ۾ پانامه جو ڊرامو، نواز ليگ کي فارغ ڪريو. اهڙي قسم جون شيون اڄ پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ دنيا جا سڀئي ادارا اسان ڏانهن ڏسي رهيا هئا. بدقسمتيءَ سان اڄ پنجن سالن کان پوءِ ڪٿي بيٺا آهيون. گذريل سال پاڪستان جي معيشت دنيا جي 45هين معيشت هئي.
ڪو ملڪ مذهب جي نالي تي ٺهي يا ڪلمي جي نالي تي وجود ۾ اچي. اهو هڪ الڳ معاملو آهي پر اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اهو ملڪ بنا ڪنهن نظام جي هلندو هجي. جيڪڏهن پاڪستان کي ڪنهن نظام تحت نه هلائجي ۽ رڳو رب جي آسري ڇڏي ڏجي ته هي ملڪ ڪيئن هلي سگهندو. ان ڪري اسحاق ڊار پنهنجن ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ ان قسم جا بيان جاري ڪري رهيو آهي. جن ۾ ڪو به منطق ڪونهي. دنيا ۾ سوين ملڪ آهن، انهن کي هلائيندڙ ۽ سنڀاليندڙ انسان آهن. اتي رائج نظام آهن. اتان جون معاشي پاليسيون آهن. معاشي ماهر ئي ڪنهن ملڪ لاءِ بهتر معاشي پاليسيون جوڙي عوام کي جيئڻ جا رستا فراهم ڪندا آهن ته جيئن عوام بهتر نموني زندگي گذاري سگهي ۽ پريشانين کان بچندو رهي.
ملڪ جي معيشت کي عمران خان نيازي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ آءِ ايم ايف جون شرطون مڃڻ لازمي ٿي پيو آهي. تنهنڪري آءِ ايم ايف ڪيتريون به ڳريون شرطون رکي وقت جي حڪومت کي اهي قبول ڪرڻيون پونديون. ٻي صورت ۾ جيڪو قرض آءِ ايم ايف کان ملڻو آهي، اهو به نه ملي سگهندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان هن وقت تائين پنهنجي معيشت کي پاڻڀرو ڪونه ڪري سگهيو آهي. ڪڏهن اهو چين ڏانهن ٿو ڊوڙي، ڪڏهن ان جو هدف آمريڪا هوندو آهي ته ڪڏهن وري روس ڏانهن واجهائيندو آهي. نتيجي ۾ ڪي به اهڙا نتيجا ڪونه ملي سگهيا آهن، جيڪي عوام توڙي ملڪي معيشت لاءِ لاڀائتا هجن.
هاڻ اهو طئي ٿيو آهي ته آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهيون 31 جنوري تي ٿينديون. عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته نائين اقتصادي جائزي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ جنوريءَ جي آخر ۾ هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز روئز ٻڌايو ته پاڪستان جي درخواست تي هڪ وفد ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ 31 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته اِهو مشن مقامي پرڏيهي سطح تي معاشي استحڪام کي بحال ڪرڻ وارن پاليسين تي ڌيان ڏيندو، جنهن ۾ پائيدار ۽ اعليٰ معياري قدمن سان گڏ مالياتي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي مدد ڪرڻ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي پاليسي ۾ پاور سيڪٽر جي ڪارڪردگي کي بحال ڪرڻ، گردشي قرضن ۾ مسلسل واڌ کي روڪڻ ۽ ايف ايڪس مارڪيٽ جي ڪم جي بحالي شامل آهي. آءِ ايم ايف جي نمائندي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاليسي جي سطح تي جاندار ڪوششون ۽ سڌارا موجوده غيريقيني واري صورتحال کي گهٽائڻ لاءِ اهم آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي پاڪستان پنهنجن ڀائيوارن کان مالياتي سهڪار حاصل ڪري سگهندو جيڪو پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ گهڻو ضروري آهي.
پاڪستان پائيدار ترقيءَ لاءِ ئي ماضي ۾ قرض وٺندو رهيو آهي، ڇا اها پائيدار ترقي هيستائين نظر آئي آهي؟ هڪ ڀيرو وري آءِ ايم ايف کان قرض کڻي اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان معاشي صورتحال مان پار پئجي ويندو پر لڳي ائين ٿو ته هاڻوڪي قرض جي قسط به ايندڙ نسل ئي ڀريندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button