ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ۾ ڪارخانن جي زهريلي گيس

ملڪ ۾ حادثن، آفتن ۽ ڪنهن به مصيبت ۾ ماڻهن جو مرڻ معمول سمجهيو ويندو آهي. جتي به عام ماڻهو حادثي سبب موت جو شڪار ٿيندو آهي ته ان جي وارثن کي ڪجهه پئسا ڏئي ڏک ونڊيو ويندو آهي ۽ حڪمران ائين محسوس ڪرائيندا آهن ڄڻ انهن وڏو ٿورو ڪري ڇڏيو هجي. تنهنڪري حادثن جو سلسلو هلندو رهندو آهي ۽ حڪمرانن پاران پئسا ڏئي ڪيس لئي مٽي ڪرڻ جو سلسلو به هلندو رهندو آهي. ملڪ ۾ جيڪي به فيڪٽريون يا ڪارخانا آهن، انهن جي چمنين يا پلانٽن مان جيڪو زهر نڪري رهيو آهي، ڇا حڪومت ڪڏهن ان پاسي ڌيان ڏنو آهي ته ان سان لکين انسان متاثر ٿي رهيا آهن. گهڻو ڪري ڪارخانن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ ئي ڪونه لڳل هوندا آهن. جنهن ڪري زهريلا مادا نه رڳو پاڻيءَ ۾ شامل ٿيندا رهندا آهن پر اهي انساني صحت لاءِ به هاڃيڪار ٿي ويندا آهن. جنهن ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون آهن. نتيجي ۾ نه رڳو وڏي انساني آبادي سخت متاثر ٿيندي آهي پر اها موت جي منهن ۾ به هلي ويندي آهي. پاڪستان ۾ ان نوعيت جا واقعا هر سال ٿيندا رهندا آهن، تنهن هوندي به ڪو حل نه ڪڍيو ويندو آهي پر فيڪٽريون هلنديون رهنديون آهن، جتي پورهيتن کي به ڪو تحفظ ڪونه مليل هوندو آهي. انهن سان ٿيل حادثن جو ڪو ازالو ڪونه ٿي سگهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان هڪ خبر ميڊيا ۾ اچي رهي آهي ته ڪراچيءَ جي علائقي ڪياماڙي ۾ ڪارخانن مان نڪتل زهريلي گيس سبب ڪيترائي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

ڪراچيءَ جي علائقي ڪياماڙي ۾ ڪارخانن مان نڪتل زهريلي گيس ڪيترن ئي مائرن جا گهر تباهه ڪري ڇڏيا. ڪياماڙيءَ جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ هڪ هفتي اندر زهريلي گئس سبب 19 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 50 ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ضلعي جي صحت کاتي جاچ کان پوءِ فوتين جي تصديق ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار علي ابڙي ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته فوتين جي رپورٽ تي ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ موبائيل ليب علائقي ۾ موڪلي وئي آهي، جنهن کان پوءِ بخار ۾ ورتل ماڻهن جي رت جا نمونا ۽ ايڪسري ڪڍيا ويا آهن ۽ ڳلي ۾ سور سميت ٻين ماڻهن جا نمونا ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آهن. ڊي ايڇ او ڪياماڙي ڊاڪٽر محمد عارف جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ 18 کان 50 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل آهن، فوتگيون 10 جنوري کان 25 جنوري تائين ٿيون، سمورن ماڻهن کي دفن ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم نه ٿيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪياماڙيءَ ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي صحت ۽ ليبر کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ليبر کاتي، صنعت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. رپورٽن مطابق سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪهڙا ڪارخانا نقصانڪار گيس خارج ڪري رهيا آهن؟ انهن ڪارخانن جو ڪڏهن معائنو ٿيو آهي؟ سنڌ جي وڏي وزير متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهي ڪيئن ڪم ڪري رهيا آهن، ان جو رڪارڊ سنڌ حڪومت وٽ ضرور هوندو. پر ڇا حڪومت انهن ڪارخانن جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هيستائين جيڪي 19 ٻار موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڇا ان جا ذميوار اهي ڪارخاني جا مالڪ نه آهن، جن جي ڪارخانن مان زهريلي گيس خارج ٿي رهي آهي. هيترن ڏينهن کان اها گيس خارج ٿي رهي آهي ۽ حڪومت جون اکيون هاڻ کليون آهن، جڏهن ته گيس خارج ٿيڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي. ان مان لڳي ٿو ته امڪاني طور اڃا وڌيڪ ٻار ۽ جوان متاثر ٿي سگهن ٿا. ان ڪري رڳو اهو چوڻ ڪافي ڪونهي ته ڪهڙا ڪارخانا زهريلي گيس خارج ڪري رهيا آهن پر انهن خلاف ترت ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ ان انگ ۾ ٻارن جو مرڻ افسوسناڪ عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي به ڪارخانا بنيادي احتياطن جو خيال نٿا ڪن ۽ احتياطي اپاءَ نٿا وٺن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ انساني جانيون متاثر نه ٿين ۽ ٻارن کي مرڻ کان بچائي سگهجي. سنڌ جي هر ڪارخاني مالڪ کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهو پنهنجي ڪارخاني ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائيندو ته جيئن گدلاڻ کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button