رانديون

بگ بيش ۾ اسڪارچرز ۽ بي پي ايل ۾ وڪٽورينز ميچ کٽي ورتا

بگ بيش ليگ ۾ پرٿ اسڪارچرز سڊني سڪسرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ وري ڪوميلا وڪٽورينز جي ٽيم 4 رنسن تان کلنا ٽائيگرز کي هارائي ڪاميابي ماڻي آهي. بگ بيش ۾ سڊني سڪسرز جي ٽيم موئيس هينرڪس جي 58 ۽ جارڊن سلڪ جي 47 رنسن سان 8 وڪيٽن تي 151 رنسون ٺاهيون، موٽ ۾ پرٿ اسڪارچرز 3 وڪيٽن تي آشٽن ٽرنر جي 84 ۽ ڪيمرون بين ڪرافٽ جي 53 جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن بي پي ايل ۾ ڪوميلا وڪٽورينز 2 وڪيٽن جي 165 رنسون ڪيون، جن ۾ محمد رضوان 54 ۽ لٽن داس 50 رنسون ٺاهي ميدان ملهايو آهي. جڏهن تھ کلنبا ٽائيگرز 6 وڪيٽن تي 161 رنسون ٺاهي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button