وڏڙا اھو چئي ويا آھن تھ ڪُوڙ جي جَڙ ڪانھ ٿيندي آھي، تنھن ڪري ڪُوڙ کان سدائين پاسو ڪجو. ھا، اھو ڪُوڙ جنھن جي مُنھن ۾ اول آخر ڌُوڙ پوڻ جو پڻ وڏڙن ٻُڌائي ڇڏيو ھو، تنھن کان تاريخ ۾ جن بھ پاسو ڪيو سي سوين سُور سھڻ باوجود بھ سرھا ئي رھيا پر جن وڏڙن جي ھدايت کي وساري ڇڏيو، تن جي مُنھن ۾ نيٺ ڌُوڙ پئي ۽ اھا ڌُوڙ جڳ جھان ڏٺي. ڪُوڙ جيئن ھڪ فرد کي ھاڃي ۾ وجھندو آھي، تيئن ساڳيو قانون ڪنھن رياست تي پڻ ساڳي ئي ريت لاڳو ٿئي ٿو. جيڪي رياستون پنھنجي عوام سان سچيون رھيون، تن جيڪڏھن ڪي بحران ڏٺا بھ تھ عوام جي سگھه ۽ صلاحيت سان بحرانن جي بحر مان تري پار پيون پر جن رياستن پنھنجي عوام سان ڪُوڙ ڳالھايو، تن جو حال اھو ئي ٿيو جھڙو اڄڪلھه اسان جي يارن جو آھي. توھين گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان سمورين اقتداري ڌرين جا تڪڙا تڪڙا بيان ئي کڻي ڏسو تھ اوھان کي اندازو ٿي ويندو تھ انھن جا ٻئي پير ڪُوڙ جي ڪوڙڪي ۾ ڪيئن نھ ڦاسي پيا آھن!؟ ۽ ھو جيئن جيئن انھي ڪوڙڪي مان پير ڇڏائڻ جي ڪن ٿا، تيئن وڃن ٿا ڦاسندا.
ھاڻ عالم اھو آھي جو سڀئي چون ٿا تھ اسين ھن ملڪ ۾ بحران جو خاتمو چاھيون ٿا پر فلاڻيون ڌريون راھه ۾ رڪاوٽ وجھي رھيون آھن پر عوام آھي جيڪو انھن مان ڪنھن تي بھ ھاڻ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي صورتحال کان پوءِ خاص طور تي اتحادي حڪومت جي ساک جنھن تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي آھي، تنھن کي ٿوڻيون ٿنڀا ڏيڻ لاءِ سمورا اتحادي ھر ڏينھن ٿا ميٽنگون ڪن پر ڪابھ اھڙي واھه في الحال کين نظر نٿي اچي، جنھن مان نڪري پار پون. ان ڪرندڙ ساک واري سُڃ ۾ ميان شھباز شريف جا تھ اصل ڪم ئي لھي ويا آھن. ھر ميٽنگ ۾ سندس وائڙپ ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو نواز ليگ پنھنجي عوامي حمايت کي بچائڻ لاءِ ڪجھه ساھي کان پوءِ محترمھ مريم نواز کي ٻيھر ميدان ۾ لاھڻ جون تياريون ڪري ورتيون آھن ۽ اھا خيرن سان پھرين فيبروري کان ملڪ ۾ پنھنجون سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ، لنڊن ۾ لڪي ويٺل پنھنجي پيءَ کان ڳراٽڙي پائي موڪلائي، ملڪ لاءِ اُسھي بھ چڪي آھي. حالانڪ اول اطلاع اھي ھئا تھ مريم صاحبھ پنھنجي پيءَ کي گڏ واپس وٺي ملڪ موٽندي ۽ سموري ملڪ سميت پنجاب کي ميان صاحب جي تاريخي استقبال لاءِ سرگرم ڪيو ويندو پر ايئن نھ ٿي سگھيو. ايئن ڇو نھ ٿي سگھيو؟ ان جو سبب پڌري پٽ پيل شھباز حڪومت جي معاشي پاليسين ۾ ناڪامي آھي ۽ اھڙي ناڪامي کي ڏسندي نواز ليگ کي اھو اندازو ٿي ويو تھ جيڪڏھن اھڙين حالتن ۾ ميان نواز شريف موٽي بھ ٿو تھ گھربل عوامي موٽ نھ ملي سگھندي ۽ اجايو خوار ٿينداسين. تنھن ڪري في الحال مريم صاحبھ کي ميدان ۾ لاھي ماحول کي ھموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. باقي بچيو شھباز شريف سو وزيراعظم ٿيڻ جي شوق ۾ ھاڻ اھڙو اچي ڦاٿو آھي، جو صبح شام آصف زرداري کي ويٺو ٿو ٻاڏائي تھ ٻيلي ڪا واھُر ڪريو. حالانڪ جيئن ئي شھباز شريف وزيراعظم ٿيو ھو تھ پھرئين ڏينھن ئي نواز ليگ پاران عوام کي اھا خوشخبري ڏني وئي ھئي تھ ھاڻ ڪنھن کي بھ ڪا ڳڻتي نھ ڪرڻ گھرجي جو ملڪ جون واڳون ان شريف خاندان جي ھٿ ۾ اچي چڪيون آھن، جيڪو، معاشي معاملن جو ماھر خاندان آھي. ان مھارت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار کي خاص ضمانت تي واپس گھرايو ويو ۽ ھن صاحب اچڻ سان جيڪي پٽيون پڙھي ٻڌايون، سي سڀ غلط ثابت ٿيون ۽ ھاڻ وري ساڳيو آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃيندي، شھباز حڪومت اھو سڀڪجھه ڪرڻ پئي وڃي، جنھن جو سڌو فائدو ان عمران خان کي ئي ٿيڻو آھي، جيڪو گھٽ ۾ گھٽ شريف خاندان جي مٿان تھ ھڪ ڀُوت بڻجي لامارا ڏيندو ٿو رھي.
اھو ئي سبب آھي جو عمران خان پاران ٽوڙيل اسيمبليون اليڪشن ڪرائي ٻيھر بحال ڪرڻ کان اتحادي حڪومت نٽائي رھي تھ متان سندن معاشي ناڪامين واري وٿي مان عمران خان ٻيھر نھ اقتدار ۾ اچي وڃي. حالانڪ گھٽ عمراني ٽولي بھ ڪانھ ڪئي ھئي. اھو ٽولو تھ اھڙو سڀاڳو نڪتو جو ملڪ جو رھيل سوجھرو بھ چٽ ڪري ويھي رھيو پر ان ٽولي بابت ھر ڪوئي اھو چوندو رھيو تھ منجھن صلاحيت آھي ئي ڪانھ سو اھي اھڙيون تباھيون نھ ڪندا تھ ٻيو ڇا ڪندا. ان جي ڀيٽ ۾ اتحادي حڪومت ۾ شامل سموريون ڌريون تھ وڏو تجربو بھ رکن ٿيون تھ پنھنجي پر ۾ وڏي صلاحيت بھ رکن ٿيون، تھ پوءِ انھن کي آخر ڇا ٿي ويو آھي جو ملڪ معاشي بحران جي اھڙي ڪاري ٻاٽ ۾ وڃي ڦاٿو آھي جتان ڪا گھٽي ئي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. سبب اھو آھي جو ھي نوان پراڻا، اڳيان پٺيان سمورا سياسي ٽولا ۽ خود اسٽبلشمينٽ اول ڏينھن کان عوام سان ڪُوڙ ڳالھائيندا رھيا آھن ۽ ھاڻ اھو ڪُوڙ ايترو تھ خوار ٿي چڪو آھي، جو لڪائي نٿو لِڪي.
مثال طور اسان کي تاريخ ۾ اھو پڙھايو ويو تھ ھي ملڪ ان ڪري ٺاھيو ويو جو گڏيل ھندستان ۾ مسلمانن جا حق پائمال ٿي رھيا ھئا پر ڇا اصل ۾ ائين ھو؟ نھ، ان ۾ تمام گھڻو وڌاءُ ڪري ٻڌايو ويو. گڏيل ھندستان ۾ رڳو مسلمان پريشان نھ ھئا پر انگريز حڪومت جھڙي ريت ھندستان کي ويھي معاشي طور لٽيو ۽ سياسي طور طبقاتي، مذھبي ۽ فرقيوار گروھن ۾ ھڪ منظم رٿابندي سان ورھايو، تنھن ۾ مجموعي طور ھر مذھب ۽ رنگ نسل سان لاڳاپيل ان سموري طبقي سان جبر جاري ھو، جيڪو عوامي طبقو چيو وڃي ٿو. ھا پورھيت ۽ ھاري طبقو. پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي رڳو اھو ٻڌايو ويو تھ عذاب ۾ فقط مسلمان ھئا.
ھلو سائين اکين تي، توھين ئي سچا پر جڏھن اوھان کي الڳ ملڪ مليو تھ اوھان ڇا ڪيو؟ اوھان اھو ڪيو جو پنھنجي ئي مظلوم عوام کي لت ھيٺان رکڻ لاءِ پھرئين ڏينھن کان جمھوريت کان انڪار ڪيو ۽ مخصوص طبقي جي والار کي سگھارو ڪرڻ لاءِ وفاق ۾ شامل تاريخي قومن جي وجود کان انڪار ڪندي نان سويلين ۽ سويلين آفيسر شاھي جي اھا ٻيگھي ٺاھي، جنھن کي اھا مڳي ھئي تھ ھاڻ کانئن ڪير بھ پُڇڻ وارو نھ بچيو آھي. پر تاريخ جي انجام کان ڪير بچيو آھي جو ھي بچي ٿي سگھيا؟
ھاڻ ھن ملڪ ۾ پاڻ جيڪو ڪجھه بھ ڏسي رھيا آھيون، سو سڀ انھي ڪُوڙ جو ئي نتيجو آھي. اھو ڪُوڙ جنھن ۾ ھتان جي رياست ساڳيو ئي انگريز سامراج واري طرز تي حڪمراني جا بنياد رکيا. انگريز جن غدارن کي جاگيرون ڏيئي ويا ھئا، تن غدارن تي ھٿ رکيو ويو. انھن جاگيردارن کي اھو چيو ويو تھ اوھان کي ساڳيو ئي ڪردار ادا ڪرڻو آھي، جيڪو توھين انگريزن لاءِ ادا ڪندا رھيا. باقي ھي زمينون بھ اوھان جون تھ ٿاڻا ۽ گھاڻا بھ اوھان جا. جيڪو وڻيوَ سو ڪندا رھو. پوءِ ڇا ٿيو؟ پوءِ اھو ٿيو جو ملڪي وسيلن کي اسٽبلشمينٽ پنھنجي مرض سان ويھي لٽيو ۽ جيڪي ھڏيون ٿي بچيون سا ويا جاگيردارن لاءِ اڇلائيندا. گذريل مُني صدي جو ليکو ڪري ڏسو تھ جيڪي بھ اقتدار ۾ رھيا، تن جا خاندان اڄ ڪٿي آھن؟ سڀ جا سڀ ملڪ ڇڏي وڃي ٻاھر پنھنجي پنھنجي پسند جي ملڪ ۾ رھيا. پوءِ اھي آمر ھجن يا نام نھاد جمھوري حاڪميت جا حصيدار.
ھاڻ بچيو ڇاھي جنھن کي لُٽيندا؟ ھاڻ تھ ماڳھين ملڪ ٿو وڃينَ ھٿن مان. سو وتن ٿا دنيا کي منٿون ڪندا تھ ٻيلي اسان کي بچايو. ۽ اھا دنيا، جيڪا آھي ئي مفادن جي دنيا سا انھن کي بنا مفادن جي آخر ڇو بچائيندي؟ تنھن ڪري ياد رکو!! تھ اڳيان انتھائي ڏکيو وقت اچڻ وارو آھي. توھين رڳو چند ڏينھن جو انتظار ڪريو، آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان اچي رھيو آھي، ڏسو تھ عوام سان ڇا ٿو ٿئي. مھانگائي جنھن عوام جي رڳن مان سَت ئي ڪڍي ڇڏيو آھي، سا اُتي وڃي پھچندي جنھن جو شايد ھن ملڪ جي عوام ڪڏھن تصور ئي نھ ڪيو ھجي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ اھو ئي ٿيندو جيڪو پاڻ کي تاريخ سمجھايو آھي تھ بُک يا تھ انقلاب کي جنم ڏيندي آھي يا ڏوھن کي. ھاڻ اھو نصيب ھتان جي عوام جو تھ بُک جي اھا وڌندڙ باھه سندن جھولي ۾ ڇا ٿي وجھي!؟