پاڪستان جي لاءِ پريشانيون گھٽجڻ بدران مسلسل وڌي رھيون آھن. اھو ملڪ جيڪو معاشي مصيبتن ۾ ڦاٿل آھي. جنھن جي لاءِ قرض جو مسئلو تمام گھڻو ڳنڀير بڻيل ھجي. جيڪو ملڪ پاڻ کي ھلائڻ جي لاءِ ھر ڏينھن پنھنجي عوام جي مٿان مھانگائيءَ جو بار وڌائيندو ھجي. جنھن ملڪ جو مستقبل تمام گھڻي تڪليف سان بيان ٿيندو ھجي. ان ملڪ ۾ دھشتگرديءَ جو واقعو نھ صرف تمام گھڻي تشويش جو باعث آھي پر ان سان ھڪ اھو خوف بھ پيدا ٿيڻ لازمي آھي تھ ڇا ان قسم جو ڌماڪو ان دھشتگرديءَ جي نئين سر واپسي آھي، جنھن ۾ پاڪستان تمام گھڻو ڀوڳيو آھي. اسان ڪنھن بھ طرح سان پنھنجي تاريخ مان اھي خوني باب ڪٽي نھ ٿا سگھون، جن ھن ملڪ کي ايترو تھ نقصان پھچايو آھي، جنھن جو پورو اندازو لڳائڻ بھ تمام گھڻو مشڪل آھي. پاڪستان وڏي وقت تائين دھشتگرديءَ جي خلاف وڙھندو رھيو آھي ۽ جيڪڏھن ھي واقعو دھشتگرديءَ جي موٽ جو اعلان آھي تھ پوءِ ھن حال ۾ پاڪستان لاءِ اھو تمام وڏو الميو ھوندو. ڇو تھ دھشتگردي اھا مصيبت آھي، جنھن سان دنيا جا امير ملڪ بھ مقابلو ڪري نھ ٿا سگھن. پاڪستان تھ پنھنجي معاشي بار کڻڻ لائق بھ نھ رھيو آھي. ڇو تھ صرف ملڪ جو عام وھنوار ھلائڻ جي لاءِ بھ پاڪستان کي عالمي ادارن آڏو ھٿ ڦھلائڻو پوي ٿو. ڪنھن بھ ملڪ جي لاءِ اھا تمام گھڻي تڪليف واري ڳالھھ ھوندي آھي تھ ھو پنھنجي سسٽم کي ھلائڻ لاءِ قرض کڻي. پاڪستان ان سلسلي ۾ مجبور آھي ۽ ان جي مجبوريءَ جا تمام گھڻا سياسي سبب بھ آھن. جڏھن تھ ھن وقت اسان جو موضوع اھو ناھي تھ پاڪستان جي معاشي بدحاليءَ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن؟ ھن وقت اسان جو موضوع اھو ڌماڪو آھي، جيڪو گذريل ڏينھن پشاور جي مسجد ۾ ٿيو ۽ جنھن ڌماڪي ۾ ھن وقت تائين پنجانوي انسان اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن. ڇا ڪوئي تصور بھ ڪري سگھي ٿو تھ ھڪ ڌڪ ۾ ايترا انسان موت جي منھن ۾ ھليا وڃن! اھو تمام ڪنبائيندڙ واقعو آھي. پاڪستان اھڙا صدما برداشت ڪري چڪو آھي. اھو وقت تمام گھڻي تڪليف وارو ھو. پاڪستان ان مصيبت کي منھن ڏيڻ جي لاءِ تمام گھڻي قيمت ادا ڪئي پر ھاڻي پاڪستان ۾ ايتري سگھھ باقي نھ بچي آھي تھ ان قسم جي واقعن کي منھن ڏئي سگھي. پاڪستان تمام گھڻو ڀوڳيو آھي ۽ ھاڻي ان ۾ وڌيڪ ڀوڳڻ جي طاقت باقي نھ بچي آھي. ان حوالي سان پاڪستان جي اھم شھر ۾ ٿيل اھو ڌماڪو اسان کي دھشت جي نئين دور جو امڪان محسوس ٿي رھيو آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪ طالبان ان واقعي کان لاتعلقيءَ جو اظھار ڪيو آھي پر ڪنھن جي مڃڻ ۽ ڪنھن جي نھ مڃڻ سان ايترو خاص فرق نھ ٿو پوي. اصل ڳالھھ اھا آھي تھ پاڪستان جا پنھنجا ادارن اسان کي ٻڌائي سگھن ٿا تھ اھا ڪارروائي ڪنھن جي آھي؟ ممڪن آھي تھ ان ڌماڪي جي پويان تحريڪ طالبان ئي ھجي ۽ اھو بھ ممڪن آھي تھ اھو واقعو پاڪستان جي دشمڻ ملڪ جو عمل ھجي. جيڪو بھ سبب ھجي پر اھو واقعو تمام گھڻو سنگين آھي. ڇو تھ ھي واقعو ان وقت ٿيو آھي، جنھن وقت پاڪستان پنھنجي وجود جي بقا واري جنگ وڙھي رھيو آھي. ھن دور ۾ صرف ماڻھو ئي نھ پر ملڪ بھ معاشي سگھھ کان سواءِ پنھنجي جياپي جو تصور نھ ٿا ڪري سگھن ۽ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏھن ڪرونا جي گذري ويل لھر سبب پوري دنيا ھڪ ناقابل بيان خساري کي منھن ڏئي رھي آھي. ڪرونا جو اھو دور تھ بظاھر گذري ويو آھي پر ان دور جا نقصان ھن دور ۾ بھ محسوس ڪري سگھجن ٿا. ڇو تھ دنيا کي ڪرونا صرف صحت جي حوالي سان نھ پر معاشي حوالي سان بھ بنھھ ڌوڏي ڇڏيو ھو. ڪرونا جي ڪري تمام گھڻيون ڪمپنيون ويھجي ويون ۽ ڪيترن ئي ادارن جا بنياد لڏي ويا.
ڪرونا دنيا ۾ معاشي مصيبت جو باعث بھ بڻيو ۽ ان معاشي مصيبت ۾ دنيا جي امير ملڪن جا لاهھ نڪري ويا. جڏھن تھ غريب ملڪ پنھنجي معاشي ملبي ۾ دٻجي ويا ۽ انھن ملڪن ۾ اسان جو ملڪ تمام گھڻي ڀوڳنا ۾ آيل آھي. پاڪستان دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪرونا کان اڳ ۾ بھ معاشي بحران ۾ ورتل ھو ۽ ھو اڳ ۾ بھ دانھو ڪري رھيو ھو ۽ پاڪستان ۾ قرضن جو سلسلو سرد جنگ کان پوءِ شدت سان جاري ٿيو. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ سرد جنگ کان اڳ ۾ پاڪستان کي غيرملڪي امداد ملندي ھئي پر سرد جنگ کان پوءِ اھي امدادون بند ٿي ويون ۽ امدادن جي بدران پاڪستان قرضن جي طرف وڌي ويو ۽ ھاڻي اھا حالت ٿي آھي تھ پاڪستان کي قرض بھ نھ ٿا ملن. ڇو تھ عالمي ادارا پاڪستان کي پنھنجي مرضيءَ جي معاشي شڪل ڏيڻ چاھين ٿا. عالمي ادارن جون شرطون ملڪن جي لاءِ مڃڻ مشڪل ٿيو وڃن. جڏھن پاڪستان انھن ملڪن ۾ شامل ھجي تھ ان مھل پاڪستان جي مٿان دھشتگرديءَ جو حملو تمام گھڻي تڪليف جو باعث بڻجي پوي ٿو. ڇو تھ دھشتگردي بدامنيءَ جي تمام بري صورت ھوندي آھي ۽ اھو عام سچ آھي تھ دنيا ۾ ڪٿي بھ بدامني ۽ معاشي استحڪام گڏ ٿي نھ ٿا سگھن. دنيا ۾ معاشي ترقي ان حال ۾ ممڪن ئي نھ آھي جو بدامني بم ڌماڪن جي صورت ۾ موجود ھجي. ان حوالي سان پاڪستان پنھنجي تمام تڪليف واري وقت مان گذري رھيو آھي. ھڪ طرف معاشي بحران جا واڪا آھي ۽ ٻي طرف بمن جا ڌماڪا آھن.
پشاور ۾ ٿيل اھو بم ڌماڪو ان حوالي سان اذيت جو خاص سبب بڻجي ٿو جو پشاور پاڪستان جو اھو شھر آھي، جنھن دھشتگرديءَ ۾ تمام گھڻو ڀوڳيو آھي. ھي اھو شھر آھي، جنھن جي رستن تي تمام گھڻو رت وھيو آھي. ھي اھو شھر آھي، جنھن جي بازارن کي بم ڌماڪن سبب باھيون لڳيون آھن ۽ پشاور اھو شھر آھي جنھن ۾ معصوم ٻارن جي اسڪول ۾ دھشتگردن گھڙي جيڪا رت جي ھولي کيڏي ھئي، ان کي ڪنھن بھ صورت ۾ ۽ ڪڏھن بھ وساري نھ ٿو سگھجي. ھيءَ ان وقت جي ڳالھھ آھي، جڏھن عمران خان نواز شريف جي حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ويٺو ھو پر ان ڌماڪي کان پوءِ ھن پنھنجو احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. ان وقت پاڪستان جي سمورين پارٽين کي اھو چيو ويو تھ ھيءَ ھڪ قومي ايمرجنسي آھي ۽ ھن وقت سڀني کي پنھنجا سياسي اختلاف وساري قومي يڪجھتيءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي لاءِ ضروري آھي تھ ھو دھشتگردن کي اھو پيغام ڏئي تھ پاڪستان جون سموريون پارٽيون ھڪ آھن ۽ اھي ھر قيمت تي دھشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھن. جڏھن ان قسم جو عمل ڪيو ويو ھو، تڏھن ان جا اثر بھ پيا ھئا پر ھن وقت پاڪستان ھڪ طرف معاشي بحران جو شڪار آھي ۽ ٻي طرف پاڪستان ۾ سياسي بحران چوٽ چڙھيل آھي ۽ ٽين طرف اھڙي ماحول ۾ دھشتگرديءَ جي شديد ۽ شرمناڪ شروعات ٿيندي محسوس ٿي رھي آھي ۽ اھا بھ ان شھر مان جنھن شھر جي پوري وجود مٿان دھشتگرديءَ جا زخم لڳل آھن.
پشاور ۾ ڪڏھن مسجد تڏھن گرجا گھر ڌماڪن جو نشانو بڻجندا رھيا آھن ۽ ان جو خاص سبب اھو بھ آھي تھ پشاور افغانستان جو سرحدي شھر آھي. افغانستان جي صورتحال پشاور جي مٿان منڍ کان وٺي اثرانداز ٿيندي رھي آھي. ھڪ وقت اھو ھو جڏھن افغانستان ۾ آمريڪا جي مرضيءَ واري حڪومت ھئي ۽ ان وقت افغان طالبان ان حڪومت جي خلاف گوريلا ويڙهھ وڙھي رھيا ھئا پر اھو وقت گذري ويو. ھن وقت تھ طالبان افغانستان جا حڪمران آھن ۽ اھڙي وقت ۾ پاڪستان جي خلاف جيڪڏھن افغانستان جي سرزمين استعمال ٿيندي تھ اھو ھڪ وڏو سانحو ٿيندو ۽ اھو سانحو ڪيتري وقت کان وٺي ٿي رھيو آھي. پاڪستان کي پوري پڪ ھئي تھ ھن جي مدد سان جيڪڏھن طالبان افغانستان ۾ اقتدار جا مالڪ بڻجي ويا تھ افغانستان پاڪستان جي خلاف ڪنھن بھ صورت ۾ استعمال نھ ٿيندو پر پاڪستاني طالبان جڏھن پنھنجيون ڪارروايون شروع ڪيون تھ انھن کي روڪڻ جي سلسلي ۾ افغان طالبان پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو بھ خاص تعاون نھ ڪيو آھي. اھوئي سبب آھي تھ ڪجھھ وقت کان وٺي پاڪ افغان سرحد جي مٿان ٽي ٽي پيءَ جون ڪارروايون وڌي ويون آھن. ڪڏھن پاڪستان جي چوڪين تي حملا ٿي رھيا آھن ۽ ڪڏھن رموٽ بم ڌماڪا ٿين ٿا. ھاڻي تھ مسجدن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
پاڪستان ۾ عبادت گاھون دھشتگرد حملن جو شڪار رھيون آھن. پشاور مسجد ۾ ھي ڌماڪو اسان کي انھن سمورن ڌماڪن جو احساس ڏياري رھيو آھي، جن کي پاڪستان ڪنھن بھ صورت ۾ فراموش ڪري نھ ٿو سگھي. ڇو تھ اھي واقعا پاڪستان جي تاريخ جو تمام گھڻو تڪليف وارو حصو رھيا آھن. ھن وقت پاڪستان جڏھن معاشي مصيبت جو شڪار آھي تھ ان مھل پاڪستان ۾ دھشتگرديءَ جي ڪارروائي تمام گھڻي تشويشناڪ آھي. اسان کي اھا ڪارروائي صرف اڪيلي واقعي جي صورت ۾ نظر نھ ٿي اچي. خيبر پختون خوا جي حوالي سان ڪافي وقت کان وٺي خير جون خبرون نھ ٿيون اچن. عمران خان جي حڪومت وقت بھ خيبر پختون خوا ۾ طالبان جون سرگرميون شروع ٿي ويون ھيون ۽ انھن ڪاررواين سبب اھي رپورٽون بھ ملي رھيون ھيون تھ دھشتگردن ماڻھن کان جبري ڀتا وٺڻ شروع ڪيا آھن. خيبرپختون خوا ۾ جڏھن قانون جي مٿان دھشت جو حملو ھجي تھ پوءِ اھڙي ماحول ۾ اھا حڪومت ڇا ڪندي، جيڪا حڪومت ھڪ طرف معاشي بحران ۾ ڦاٿل ھجي ۽ ٻي طرف سياسي بحران ۾ ھر ڏينھن شدت پيدا ٿيندي ھجي. پاڪستان ۾ بحرانن جو خاتمو اچڻ بدران انھن ۾ طاقت ايندي محسوس ٿي رھي آھي. پاڪستان ۾ بحران پاڻ ۾ ملي رھيا آھن. معاشي بحران، سياسي بحران ۽ ھاڻي امن جو بحران پاڻ ۾ ملي اھڙي صورت اختيار ڪري رھيا آھن، جنھن جو پاڪستان اڪيلي سر مقابلو ڪري نھ ٿو سگھي. پاڪستان دھشتگرديءَ خلاف گذريل ويڙھه گھڻو ڪري پنھنجي سگھھ سان وڙھي ھئي پر پوءِ بھ ان ۾ عالمي برادريءَ جو تعاون شامل ھو پر ھن ڀيري تھ عالمي برادري پاڪستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي. پاڪستان سياسي بحران کي تھ پاڻ منھن ڏئي سگھي ٿو پر ھو معاشي بحران ۽ دھشتگرديءَ جو اڪيلي سر مقابلو ڪيئن ڪري؟ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏھن معاشي بحران ۽ دھشتگرديءَ ۾ عالمي سياست جو چٽو ڪردار ھجي.