ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پشاور ۾ دهشتگردي ۽ هڪ امڪان

هن ملڪ جو عوام جيڪو ورهين کان ڪنهن چڱي خبر لاءِ سڪندو رهيو آهي، ڇا ان عوام کي هاڻ ڪڏهن به ڪا اهڙي خبر ناهي ملڻي، جنهن خبر کان پوءِ بهتر زندگي جو ڪو امڪان نظر اچي؟ ان سوال جو جواب هاڻوڪين حالتن جي تناظر ۾ ته سڌو سنئون نه ۾ آهي. ڇو ته اسان وٽ جيڪو به سج اڀري ٿو، تنهن ۾ عوام کي ٻُڌڻ لاءِ اهڙيون خبرون ئي ملن ٿيون، جيڪي سندن سُورن ۾ اضافو ئي ڪنديون ٿيون رهن. اهڙين خبرن مان پشاور ۾ سومر ڏينهن واري دهشتگردي جي اها المناڪ خبر به آهي، جنهن هتان جي حڪمرانن جي انهن کوکلين دعوائن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي، جنهن دعوا ۾ حڪمران چئي رهيا هئا ته انهن پاڪستان اندر دهشتگردي جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. هاڻ انهن چيلهه ڀڳل دهشتگردن پشاور جي پوليس لائين واري مسجد ۾ ڌماڪو ڪري جيڪا قيامت برپا ڪئي آهي، تنهن جو پڇاڻو ڪجي به ته آخر ڪنهن کان ڪجي؟ دهشتگردي جي اها المناڪ واردات جنهن ۾ هنن سٽن لکڻ تائين 90 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهي ۽ 221 ڦٽيل ڄاڻيا ويا آهن، سا واردات به ڪنهن عام جڳهه تي نه پر ان اداري جي حدن ۾ ٿي آهي، جنهن اداري جي ذمي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ واري ذميواري آهي. ها اها پوليس، جنهن جي خرابين جو ذڪر ته عام ٿيندو ٿو رهي پر ان اداري جي قربانين جو ذڪر مڙئي گهٽ ٿئي ٿو، تنهن مٿان هي ڪو پهريون حملو ناهي، بلڪ اها پوليس ڪئين حملا ڀوڳي چڪي آهي ۽ اڄڪلهه ته پوليس خيبرپختونخوا ۾ خاص نشاني تي آيل آهي.
الميو اهو به آهي ته جنهن پوليس لائين ۾ اهو بم ڌماڪو ٿيو آهي، سا جڳهه خاص چڪاس واري چئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازو به هڪڙو ئي ٻڌايو وڃي ٿو پر ان پوليس لائين ۾هڪ خودڪش بمبار بارود کڻي داخل ٿئي ٿو ۽ ڪنهن کي به ڪا سُڻس ڪانه ٿي پوي!! واضح رهي ته وزيراعظم اهڙو سوال جڏهن پختونخوا جي پوليس سربراهه کان پُڇي ٿو ته ڪيئن دهشتگرد پوليس لائين ۾ داخل ٿيو ته روايت موجب پوليس سربراهه وٽ ان سوال جو ڪوبه جواب ڪونه هو. ايئن ڇو ٿو ٿئي آخر ته اهڙين خاص چڪاس وارين حدن ۾ به دهشتگرد داخل ٿي ٿا وڃن؟ ته پوءِ اهڙي سوال جو جواب اهو آهي ته جيڪا انتهاپسندي مڪمل سيڙپڪاري سان معاشري ۾ رياست پاڻ پنهنجن هٿن سان پيوست ڪئي، سا هاڻ هن ملڪ جي رڳ رڳ ۾ ايئن شامل ٿي چڪي آهي، جو ڪنهن کي ڪا خبر ئي نٿي پوي ته پاسي ۾ ڪير ويٺل آهي؟ اهو ئي سبب آهي جو هاڻ حڪومت پنهنجي مٿان ذميواري لاهڻ لاءِ اهو چوڻ لڳي آهي ته دهشتگردي جي سهولتڪاري اداري مان اندارن ئي ٿي آهي ۽ امڪان اهي ٻڌايا پيا وڃن ته دهشتگرد هڪ ٻن ڏينهن کان پوليس لائين جي رهائشي ڪالوني ۾ ئي ڪٿي رهيل هو!! ته پوءِ باقي بچي ڇا ٿو؟ جنهن رياست جي ادارن ۾ اندران ئي کاٽ لڳڻ عام بڻجي چڪو هجي، ان کي ٻئي ڪنهن ٻاهرئين دشمن کان ڪير بچائي ٿو سگهي؟ هي ته هلو پوليس هئي پر هن ملڪ جي تاريخ ۾ آرمي پبلڪ اسڪول اندر معصوم گُلڙن جي قتل عام جهڙا دل ڏاريندڙ واقعا به ته موجود آهن!! جن وڍ ڏيندڙ وارادتن لاءِ پڻ ان وقت اهو ئي چيو ويو هو ته دهشتگردن جا سهولتڪار اندر به شايد ڪٿي موجود هئا. ته پوءِ اهي ڪير هئا؟ اهي سهولتڪار ساڳيا ئي هئا، جن کي اوهان جي سُتي پيل هئي.
هي رياست جنهن اول ڏينهن کان ملڪ ۾ سيڪيولر، روشن خيال ۽ ترقي پسند رجحانن جي سرمائيدار سامراج کان پئسا وٺي رستا روڪ ڪئي، تنهن رياست جي جهولي ۾ پاڇي طور اهو ئي ڪجهه بچڻو هو، جنهن کي رياست هاڻ ڀلي پنهنجو نه به ڪري پر اها پاڇي رياست جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نڪو ڇڏيندي. توهين تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسو، هن ملڪ جي عوام دوست جمهوري قوتن اول ڏينهن کان ايئن چئي رياست کي ان خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته توهين جيڪو ملڪ ۾ روشن خيال عوامي جمهوري قوتن جا رستا روڪڻ لاءِ مذهب کي آڙ طور استعمال ڪري رهيا آهيو، سڀاڻي ان ڪُڌي ڪِرت جي قيمت به اوهان کي ئي ادا ڪرڻي پوندي ۽ اڄ هي رياست اها قيمت ادا ڪري رهي آهي.
ظلم ته اهو آهي جو ايڏي وڏي تباهي کان پوءِ به هي رياست ڪو سبق سکڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اڄ به هن ملڪ جي روشن خيال جمهوري عوامي قوتن سان ساڳيو ئي رويو روا رکيو پيو وڃي جيڪو ڪالهه هو. توهين تازو گهر ڀيڙي ٿيل عمران حڪومت جو ئي مثال کڻي وٺو، جيڪا حڪومت طالبانن سان ڳالهين ۽ کين رعايتون ڏيڻ جا رات ڏينهن دليل گهڙيندي رهي پر مظلوم قومن لاءِ انهن جي ڪاغذن ۾ ڪابه ڳالهه ٻولهه درج ٿيل نه هئي. بلڪ رڳو عمران خان به ڇو؟ رڪارڊ ۾ ته هاڻوڪي وزيراعظم ميان شهباز شريف صاحب جون اهي تقريرون به محفوظ ٿيل آهن، جنهن اندر هو طالبانن کي اهو چئي مخاطب ٿيندو رهيو ته اوهين پنجاب ۾ ڇو ٿا دهشتگردي ڪريو، جڏهن پنهنجو ساڳيو رستو آهي!؟ اڄ پاڻ هاڻوڪي وزيراعظم صاحب کان اهو سوال ڪرڻ جو حق ٿا رکون ته ميان صاحب!! توهان جنهن “ساڳئي رستي” جي ڳالهه ڪئي هئي، اهو آخر ڪهڙو رستو هو؟ اهو رستو ختم ٿيو يا اڃان تائين اڳتي وڌي رهيو آهي؟
ها اهو رستو جنهن کي ضياءَ آمريت هموار ڪيو ۽ سوويت يونين ڏانهن ان رستي تان دهشتگردي جي اها باهه موڪلي وئي، جيڪا اتان واندي ٿيڻ کان پوءِ هاڻ پنهنجي ئي گهر کي ساڙي رک ڪري رهي آهي. ياد رکو!! هاڻ توهين ڪنهن به ٻئي تي ڪو الزام هڻي ئي نٿا سگهو. هي جيڪو دهشتگردي جي هر واقعي کان پوءِ هتان جا حڪمران پاڙي تي الزام هڻندا آهن، هاڻ ان الزام جي ڪابه وقعت ڪانه رهي آهي. دنيا جهان کي اسان جي افعالن جي خبر آهي، تنهن ڪري اسان جي ڪيتري به بربادي ٿي وڃي، دنيا اهو ئي چوي ٿي ته پاڪستان پنهنجي ئي پوکيل پوک لُڻي رهيو آهي.
پر ڇا اهو سڀڪجهه ايئن ئي هلندو رهندو؟ ڇا هتان جا معصوم شهري ايئن بيدردري سان قتل ٿيندا رهندا؟ نه، ان بربادي کي روڪي سگهجي ٿو، جيڪڏهن هن ملڪ جي حقيقي عوامي، جمهوري روشن خيال ڌرين جي رستا روڪ بند ڪئي وڃي. هڪڙو مثال ئي کڻي وٺون ته جيڪڏهن پختونخوا جي سرزمين مٿان باچا خان جي فڪر کي وڌڻ ويجهڻ ڏنو وڃي ها ته ڇا پختون سرزمين ايئن رت ڳاڙيندي رهي ها؟ پر نه، باچا خان کي آخر تائين غدارن جي فهرست ۾ ئي رکيو ويو. ايئن جيئن بلوچن ۽ سنڌين جي وطن دوست اڳواڻن کي غدار قرار ڏنو ويو. ته پوءِ اهو ڪجهه ئي ٿيڻو هو جيڪو پاڻ ڏسي رهيا آهيون. تازو اسلام آباد ۾ باچا خان جي جدوجهد ۽ فڪر بابت ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ حامد مير جيڪا تقرير ڪئي آهي، سا ٻڌائي ٿي ته هتان جي اصل حڪمرانن مُنڍ کان وٺي ڇا پئي چاهيو؟ اها تقرير جنهن ۾ حامد مير ولي خان جي هڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ايوب خان هڪ ملاقات ۾ باچا خان جي پُٽ کان، بنگالين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي گُهر ڪئي؟ جنهن تي ولي خان کيس جواب ڏنو ته هو پاڪستان کي بچائڻ ۽ بنگالين کي ملڪ سان جوڙي رکڻ واسطي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن ايوب خان بنگالين مان جند آجي ڪرڻ واري ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ولي خان اڄ ڏينهن کان ايوب خان خلاف ئي جدوجهد ڪندو. ته پوءِ پاڻ تاريخ جي اهڙين حقيقتن کان پوءِ ڪنهن کي باقي بچيل پاڪستان جي هاڻوڪي المناڪ صورتحال جو ذميوار قرار ڏيون؟ بنگالين، بلوچن، پختونن ۽ سنڌين کي يا انهن کي، جن بنگالين مان جند آجي ڪرائڻ ۽ کين ڌڪي ڌار ڪرڻ واري ڪريل سوچ ۾ ولي خان کان سهڪار ٿي گهريو؟ ان تناظر ۾ فرض ڪريو ته ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال جا اصل ذميوار ظاهر ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اڄ به ڪا اڻ ڌُري مقامي يا عالمي منصفاڻي ڪميشن جوڙي تاريخ جو هڪ هڪ پنو ڪري اٿلائي ڏسجي ته پاڻهي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. پاڻ ان ويساهه جا آهيون ته هي ملڪ ڀل اهڙي ڪنهن منصفاڻي ڪميشن کان انڪاري هجي پر اتهاس ۾ اهڙي ڪميشن دير سوير هر صورت جُڙڻي آهي ته ملڪ جي تباهي جا اصل ذميوار ڪير هئا. پر تيستائين شايد تمام گهڻي دير ٿي چُڪي هوندي ۽ هن رياست لاءِ ازالي جا ڪي به امڪان باقي نه هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button