ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نائلا رند ڪيس بابت آيل فيصلو

ملڪ ۾ عدالتن جي حڪمن ۽ فيصلن سان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن انصاف ملڻ وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته انصاف جي ادارن تان ماڻهن جو کڄيل ويساهه بحال ٿيڻ لڳو آهي. اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته حيدرآباد جي عدالتن تمام وڏن ها پروفائيل ڪيسن تي ٻڌڻيون ڪندي مشهور تاريخي فيصلا ڏنا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڳيان هلي هنن فيصلن کي وري مٿين ڪورٽن ۾ چئلينج ڪيو ويندو آهي. حيدرآباد ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت نمبر هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي نائلا رند جي آپگهات واري ڪيس ۾ کيس حراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار انيس خاصخيليءَ کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته اڳ ۾ چرس، منشيات يا قتل ڪيسن ۾ عدالتون جنم ٽيپ، عمر قيد يا وڌيڪ سالن جي سزا ڏينديون رهنديون آهن. تازو شاگردياڻيءَ کي حراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ منهنجي خيال ۾ پهرين سزا آهي، جنهن ۾ خودڪشي تي مجبور ڪرڻ ۽ حراسان ڪرڻ تي جنم ٽيپ جي سزا آئي آهي. اسان اهڙي نوعيت جي ڪيس ۾ اڳ ۾ جنم ٽيپ جي سزا رپورٽ نه ڪئي آهي.
عدالت ۾ سائبر ڪرائيم ونگ کان کڻي موبائيلن جي فارنزڪ لا مدد ورتي وئي هوندي. شاگردياڻي نائلا رند ۽ جوابدار انيس خاصخيليءَ جا موبائيل پوليس تحويل ۾ وٺي سي ڊي آرِ ڪڍرائي فارنزڪ ڪرائڻ کانپو پوليس جوابدار تائين پهتي هئي. ايف آ اي يا سائبر ونگ بدران سڌي ريت پوليس ئي هن حراسمينٽ جي ڪيس کي ڏٺو ۽ سي ڊي آر مان رپورٽ تيار ڪئي. جوابدار جو پي غلام رسول خاصخيلي نوابشاهه يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار به رهيو آهي. اڳ ۾ چوٻول هئا ته جوابدار ڌر ۽ نائلا رند جي وارثن ۾ اتان جي بااثر ڌرين ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي. پر عدالت ۾ اهڙي ڪنهن به ٺاهه جي درخواست سامهون نه آئي هئي. ان ڪري عدالت طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي نائلا رند جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار انيس خاصخيلي کي سزا ٻڌائي وئي آهي.
اي ٽي سي ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ جوابدار انيس خاصخيليءَ جو موبائيل نمبر پڻ شامل ڪيو ويو آهي. فيصلي ۾ شاگردياڻي نائلا رند جو نمبر به شامل ڪيو ويو آهي. جنهن نمبر تي جوابدار طرفان شاگردياڻي نائلا کي مسلسل تنگ ڪيو پئي. جاچ ۾ پوليس آفيسرن اها به رپورٽ ڏني ته جوابدار ميسيجز سان گڏ واٽس اپ تي اگهاڙيون تصويرون به موڪليندو رهيو. عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته پوليس جي جاچ آفيسر جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته جوابدار جي موبائيل رڪارڊ ۽ سي ڊي آر ڪڍرائڻ دوران شاگردياڻي نائلا سان گڏ ٻين ڇوڪرين ۽ شاگردياڻين جون اگهاڙيون تصويرون به مليون آهن. هڪ سئو کان وڌيڪ تصويرن ۽ ميسيجز جو رڪارڊ پوليس کي مليو آهي. جنهن جاچ آڌر کيس سزا آئي آهي، هن ڪيس جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن حيدرآباد جج امجد علي ٻوهيو جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن پڻ ٺهي هئي. جنهن ۾ پڻ جوابدار تي ڏوهه ثابت ٿيو هو. ڄامشورو ٿاڻي تي نائلا رند جي ڀا نثار احمد رند جي فرياد تي Prevention of Electronic Crimes Act, 2016 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، وارثن ان وقت پوليس کي ٻڌايو هو ته سندن شاگردياڻي نائلا رند کي هڪ نمبر تان مسلسل ڪال اچڻ ۽ حراسان ڪرڻ بابت هن گهرڀاتين کي آگاهه ڪيو هو. شاگردياڻي موڪل هجڻ ڪري سلسلي ۾ ڳوٺ ئي ترسيل هئي، سنڌ يونيورسٽي هاسٽل اچڻ دوران هن حراسمينٽ جو شڪار ٿي آپگهات ڪيو.
نائلا رند ڪيس دوران ها ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿاڻو پڻ قائم ٿيو. حراسمينٽ سيل پڻ قائم ڪيو ويو. هن ڪيس کانپو سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻيءَ کي حراسان ڪرڻ جا ٻيا ڪيس به سامهون آيا هئا. شاگردياڻيءَ جي تحفظ لا ادارا به ٺهڻ شروع ٿي هئا. هن ڪيس وانگر لاڙڪاڻو چانڊڪا ۾ شاگرياڻي نمرتا چنداڻي ۽ ٻي ڇوڪريءَ جي ڪيس جي جاچ ڪري رپورٽ تيار ڪري عدالت ۾ آندي وڃي ته ان ڪيس جا جوابدار به ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن ٿا. نمرتا چانداڻي کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هي نائلا رند جي آپگهات جو ڪيس ها پرو فائيل ڪيس ٿي سامهون آيو هو، جنهن جو ڪيس سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيترائي سال هلندو رهيو.
دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي جا تفصيل هن ريت آهن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ماروي گرلس هاسٽل جي روم نمبر 36 بلاڪ اي ۾ 6 سال اڳ موبائيل فون تي حراسمينٽ جو شڪار ٿي پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي نائلا رند جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي حيدرآباد جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري خاص عدالت نمبر هڪ جي جج نديم احمد آخوند جي عدالت جوابدار انيس خاصخيلي پٽ غلام رسول خاصخيليءَ کي جنم ٽيپ ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جنهن ۾ 3 سال ڌار به سزا ٻڌائي وئي. ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ سال وڌيڪ سزا ڀوڳيندو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ماروي گرلس هاسٽل جي روم نمبر 36 مان شاگردياڻي نائلا رند جو پهرين جنوري 2017ع تي ڦاهو کاڌل لاش مليو هو. آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي نائلا رند جي ها پروفائيل ڪيس جو فيصلو 20 صفن تي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ گواهن جا بيان پڻ شامل ڪيا ويا آهن. گواهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمين انور فگار هڪڙو، هاسٽل جي پرووسٽ انيلا ناز سومرو، مها جبين کٽي، رڪشا ڊرائيور اعجاز جوڻيجو، شاگردياڻيءَ جي دوست صائمه رند ۽ ٻين شاگردياڻين جا بيان شامل آهن. جڏهن ته سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي 2017ع تي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد امجد علي ٻوهيو طرفان انڪوائري ڪري پڻ رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن کان پوءِ Prevention of Electronic Crimes Act, 2016 تحت داخل ايف آ آر ۾ ارادي قتل ۽ دهشتگرديءَ جا قلم به شامل ڪيا ويا. ان ڏس ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ جوابدار انيس خاصخيلي مٿان شاگردياڻي نائلا رند کي موبائيل فون تي مسلسل ڇيڙڻ ۽ اگهاڙيون تصويرون موڪلڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جوابدار 2017ع کان ضمانت تي آزاد هو. سزا اچڻ کان پوءِ جوابدار کي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. جڏهن ته نائلا رند جي ڪيس جي اهم گواهه سندس سهيلي صائمه رند هئي، جنهن هن سان سکر آ بي اي ۽ حيدرآباد تائين سفر ڪيو. جنهن بيان رڪارڊ ڪرايو ته نائلا کي هڪ نمبر تان مسلسل فون اچي رهيا هئا، جنهن دوران هو خوف ۾ ورتل هئي، جنهن کيس ٻڌايو ته اهو رانگ نمبر کيس تنگ ڪري رهيو آهي. نائلا رند ايم اي سنڌي ادب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال جي شاگردياڻي هئي. اصل قمبر جي رهواسڻ هئي. پوليس شاگردياڻي ۽ جوابدار جو موبائيل فون قبضي ۾ وٺڻ کان پوءِ هڪ نمبر جو سامهون اچڻ تي ڪارروائي ڪري انيس خاصخيليءَ کي گرفتار ڪيو هو. هن ڪيس ۾ ڪيتريون شيون آهن جنهن سان مستقبل ۾ اهڙن حراسمينٽ جي ڪيسن يا خودڪشيءَ تي مجبور ڪندڙ ڪنهن ماڻهوءَ کي سزا اچي سگهي ٿي. هن ڪيس جي سڀني کان دلچسپ ۽ منفرد ڳالهه اها آهي ته ڪنهن عورت کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ شخص کي قتل برابر سزا ٻڌائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button