پاڪستانسنڌ

سنڌڙي لڳ بين الصوبائي گروهه جا 6 ڏوهاري گرفتار

ميرپورخاص: ايس ايس پي ميرپورخاص رٽائرڊ ڪئپٽن اسد علي چوڌري پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ ڪراچي، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ قتل، ماڻھن کي زخمي ڪرڻ ۽ ڦرن جي ڏوھن ۾ ملوث بين الصوبائي گروھھ جي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ھٿيار، ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ رقم ھٿ ڪئي آھي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ آصف عرف سوڀو بروھي، محمد فائق عرف ڇوٽو بروھي، علي حسن عرف چوڌري بروھي، عامر بروھي ۽ خالد ڏنو بروھي شامل آھن، جن کي سنڌڙي لڳ بروھي ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو آھي، سندن تعلق شڪارپور سان آھي، جيڪي پنھنجي گروھه کي ڪراچيءَ مان ويھي آپريٽ ڪندا ھئا. ايس ايس پي موجب گرفتار ٿيل جوابدار ميرپورخاص ضلعي جي ميرپور پراڻي، مھراڻ ۽ ٽائون ٿاڻن جي حدن ۾ موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل فون ڦر جي 14 وارداتن ۾ ملوث آھن، ڄاڻايل جوابدارن ڪراچي ۾ ھڪ راھگير کي قتل ڪرڻ، ڪنري ۽ سنڌڙي لڳ ٻن دڪاندارن کي ڦر دوران زخمي ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو آھي. پوليس موجب جوابدارن وٽان ڦر ۾ استعمال ٿيل پستول، موٽر سائيڪلون ۽ روڪ رقم پڻ ھٿ ڪئي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button