پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ اي سي جا ڇاپا، هڪ پمپ سيل، 4 تي پوڻا 3 لک ڏنڊ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص محمد حسن کوسو، مختيارڪار راشد ميئو، روينيو عملي ۽ پوليس سان گڏ مختلف علائقن ۾ قائم پئٽرول پمپن تي ڇاپا هنيا. ان ڏس ۾ گھٽ ماپ ڏيڻ جي الزام هيٺ نيو ٽائون، اسٽيشن روڊ تي قائم پئٽرول پمپن جي انتظاميا تي ھڪ-ھڪ لک رپيا ڏنڊ لڳائي موقعي تي وصول ڪيو ويو. جڏهن ته جرواري شاخ تي قائم پئٽرول پمپ کي سيل ڪيو ويو. ميرواهھ روڊ تي قائم پئٽرول پمپن وٽ گھربل ڪاغذ نه ھجڻ سبب ايان پئٽرول پمپ تان 25 ھزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو ۽ ھڪ پيٽرول پمپ تان 50 ھزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ميرواھه روڊ تي قائم ڪوئيٽا سپر سوات ھوٽل تي مدي خارج ڪولڊ ڊرنڪس ۽ غير معياري آئل استعمال ڪرڻ تي هوٽل مالڪ تي 5 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو چيو ته عوام جي شڪايت ھئي ته پئٽرول پمپن تي مقرر ريٽ کان وڌيڪ اگھه وٺڻ باوجود پورو ماپ وارو پئٽرول نٿو ملي، ان ڪري ڪارروائي ڪري ھڪ پمپ سيل ڪرڻ سميت 4 پمپن جي عملي کان ڏنڊ وصول ڪيو آهي. ھن چيو ته پمپ مالڪن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهه تي مڪمل ماپ سان تيل وڪرو ڪيو وڃي، نه ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button