پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ڊزاسٽر مئنجمينٽ جو اجلاس، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت

ٽنڊوالهيار: ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ ڪميٽي ٽنڊوالهيار جو اجلاس ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي ولي محمد بلوچ چيو ته موسمياتي تبديلين سبب برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي ڊزاسٽر مئنجمينٽ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ضلعي جي سمورن کاتن جي آفيسرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي ايندڙ برساتن جي نقصان ۽ ان جي حل لا حڪمت عملي جوڙيندا. ڊي سي بلديا جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته برساتن سبب جن علائقن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، انهن علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪرائي عوام کي رليف ڏنو وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد ابراهيم عالماڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٽنڊوالهيار حماد زرداري، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوالهيار شيراز لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر جهنڊو مري شهزادو عمير جروار، اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ڊاڪٽر آصف ڪورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button