عرفان حبيب ڀارت جو ناميارو تاريخدان آهي. هندوستان جي تاريخ جي حوالي سان سندس گھڻو ڪم ٿيل آهي ۽ گھڻا ڪتاب شائع ٿيل آهن. زير نظر ڪتاب The Indus Civilization Aligarh Historians Society جي سرپرستي ۾ هلندڙ پروجيڪٽ A peoples History of India جي سلسلي جو ٻيون ڪتاب آهي. ان رٿا جو مقصد تاريخ جي هڪ سائنسي ۽ علمي سمجھاڻي ڏيڻ ۽ فرقيوارانه ۽ شاونسٽ سوچ کي ٻنجو ڏيڻ آهي.
ڪتاب مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو خاص طور ڀارت ۾ تاريخ متعلق هلندڙ ان بحث جو حصو آهي جنهن ۾ هندوتوا جا حامي تاريخ کي پنهنجن مقصدن مطابق لکڻ ۽ خاص طور اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته آريا ٻاهريان آيل حملي آور نه پر هن ڌرتي جا ئي هئا ۽ هتان جي قديم تهذيب انهن جي ئي تخليق هئي. جڏهين ته عرفان حبيب انهن تاريخدانن مان آهي جيڪي اڳ ۾ طئي ٿيل ڪنهن نظرئي ۽ عقيدي جي حوالي سان ڏسڻ جي بجائي ان کي سائنسي نڪته نظر ۽ حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ جا طرفدار آهن.
ليکڪ پنهنجي ان مطالعي ۾ افغانستان تائين هڪ وسيع علائقي کي شامل ڪيو آهي. ليکڪ افغانستان جي ٻئي وڏي دريا هيلمند جي ڪنارن تي 3200 قبل مسيح کان 2500 قبل مسيح جي تهذيب جو ذڪر ڪري ٿو. هيلمند تهذيب 2100 قبل مسيح کان اڳ جنگ جي ڪري ختم ٿي ويئي. اهو سنڌو تهذيب جو شروعاتي ۽ وچيون دور هو پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته جاگرافيائي قربت جي باوجود ان جي وچئين ۽ آخري دور جو ان سان ڪو تعلق نه رهيو آهي.
ليکڪ سنڌو تهذيب جي حوالي سان ڪوٽ ڏيجي، سوٿي سسوال ۽ آمري نال ثقافتن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته اها تهذيب اٽڪل ست لک چورس ڪلوميٽر جي وسيع علائقي تي ڦهليل هئي جتي هڪ اندازي موجب ڏهه کان پنجاهه لک ماڻهو رهندا هئا. اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ان انگ کي ڪنهن وچين نڪتي تي آندو وڃي.
اهو شهري انقلاب جو دور هو. شهر هڪ ته پنهنجي ايراضي ۽ ٻيو پيشن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. هتي دستڪارن ۽ ٻين غير زرعي پيشن جي گھڻي اهميت هوندي آهي ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ ڪچي مال جي ضرورت ٻهراڙي وارا علائقا پوري ڪندا آهن. ان وقت موئن جو دڙو ۽ هڙپا سنڌو تهذيب جا ٻه وڏا اهم شهر هئا. هڙپا جي آثارن مان انگريزن پاران ريلوي لائين ٺاهڻ لا سرن کڻڻ جي ڪري انهن کي گھڻو نقصان پهتو آهي. موئن جو دڙو جي ايراضي ٻه سو هيڪٽر ۽ هڙپا جي ڏيڍ سو هيڪٽر هئي. موئن جو دڙو جي آبادي پنجاسي هزار هئي. ٻنهي شهرن جي گڏيل آبادي جو اندازو ڏيڍ لک لڳايو ويو آهي. جڏهين ته سڀني شهري علائقن جي آبادي اڍائي لک کان وڌيڪ نه هئي. بهاولپور ۾ گنوير والا ۽ هندوستاني پنجاب ۾ لکمير والا جهڙن وڏن شهري علائقن جي کوٽائي اڃا نه ڪئي ويئي آهي.
ليکڪ موئن جو دڙو جي آثارن مان اندازو لڳايو آهي ته هتي ٻه کان ٽي هزار گھر هئا. شهر جي مٿئين حصي ۾ امير ماڻهن جا گھر هئا ۽ هيٺئين حصي ۾ پورهيت، غلام ۽ ٻيا هيٺئين طبقي جا ماڻهو رهندا هئا. مٿئين حصي ۾ هڪ عمارت اهڙي آهي جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو شايد محل هجي جڏهين ته هيٺئين حصي ۾ هڪ ٻي عمارت عبادت گاهه جو ڏيک ڏئي ٿي پر انهن لا پڪ سان ڪجھه نه ٿو چئي سگھجي. انهن گھرن ۾ پاڻي لا ٽينڪ به آهن ۽ نيڪال لا ڊرينيج جو انتظام به آهي. هتي وزن جا ماپا به هئا ۽ هتان جا ماڻهو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙا به پائيندا هئا. ساڳي وقت هتي ڪپهه به اپائي ويندي هئي. شهرن جي انتظام هلائڻ لا هڪ ادارو هو.
ليکڪ اهو اندازو لڳايو آهي ته اها تهذيب ست لک چورس ڪلوميٽر تي ڦهليل هئي. ان سڄي علائقي ۾ ساڳي طرح جو نظام هو جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اها هڪ سلطنت هئي. موئن جو دڙو ان جي گادي جو هنڌ هو ۽ هڙپا ۽ ٻيا وڏا شهر پرڳڻن جا مرڪز هئا. ايڏي وڏي سلطنت جنگ جي ذريعي ئي قائم ٿي سگھي هئي. موئن جو دڙو ۽ هڙپا وغيره مان ٽامي جا هٿيار، تير ڪمان ۽ قلعن وغيره جا آثار مليا آهن جن مان جنگي نوعيت جي خبر پئي ٿي. حڪومت جي نظام متعلق ڪجھه نه ٿو چئي سگھجي ته بادشاهت يا ڪنهن گروهه جي حڪومت هئي. ساڳي ريت ڪنهن محل وغيره جا به آثار نه مليا آهن.
اهو هڪ ترقي يافتا طبقاتي سماج هو جنهن ۾ هاري، دستڪار، پروهت، شهري غريب، واپاري، خانه بدوش، غلام ۽ حڪمران سڀ هوندا هئا. حڪمرانن پاران غلامن ۽ ڳوٺاڻن کان زوري ٽئڪس وغيره جي اڳاڙي ڪئي ويندي هئي. امير غريبن کان زوري اڳاڙي ڪري مال جمع ڪندا هئا جنهن جي ثابتي ۾ اتان اهڙيون مهرون مليون آهن جن مان لڳي ٿو ته اهي انهن ماڻهن جون آهن جن وٽ ملڪيت هئي.
اهي سلطنت ۾ ۽ ان کان ٻاهر به واپار ڪندا هئا. ان جي لا شين بدلي شين يعني بارٽر سسٽم ۽ مختلف قسم جي ڪرنسي به هوندي هئي. راجستان ۽ افغانستان جي پنج شير ماٿري سان واپار جا نشان ملن ٿا. ميسوپوٽيما سان به هتان جي ماڻهن جا واپاري ناتا هئا. ان واپار لا زميني ۽ پاڻي جا ٻيئي ذريعا استعمال ڪيا ويندا هئا.
اتان جي ماڻهن جي مذهب ۽ عقيدن متعلق ليکڪ ٻڌائي ٿو ته اهي ماڻهو پنهنجن مڙدن کي دفن ڪندا هئا. مذهب جي لحاظ سان انهن جو مرڪز فطرت ۽ ان جا آثار هئا. مثال طور پيپل جو وڻ آهي، مختلف مهرن تي هڪ سڱ واري ڏند ڪٿائي ڍڳي جي تصوير آهي ۽ ماتا ديوي ۽ ان جي چوڌاري مختلف جانور آهن. پر اهو شو ناهي ۽ نه ئي ان جو هندو مت سان ڪو واسطو آهي. ڇاڪاڻ ته هندو مت سنڌو تهذيب کان ارڙنهن سو سال پو سامهون آيو آهي.
اهو واضح ناهي ته ان ترقي ڪيل تهذيب جو زوال ڪيئن ٿيو. ان جي لا مختلف ڪارڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي ٻوڏ جي ڪري ائين ٿيو هجي يا ڪو زلزلو آيو هجي. موسمي تبديليون ۽ سوڪهڙو ۽ جهنگلن جو گھڻو وڍڻ به هڪ ڪارڻ ٿي سگھي ٿو. آثارن مان اهو به پتو پئي ٿو ته شهرن جو انتظام ڪمزور ٿي ويو هو. خانگي گھرن جي تعمير ۾ حددخليون ٿيڻ شروع ٿيون هيون. ساڳي ريت سياسي اختلاف واري عنصر کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اهو به ممڪن هو ته پرڳڻن ۾ بغاوتون ٿيون هجن ۽ انهن پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي حصي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي. ٻاهرين ڪاهه ۽ جنگ به هڪ ڪارڻ ٿي سگھي ٿو. ڪامريڊ نور ظهير جڏهين پنهنجي پاڪستان جي سفرنامي At Home in Enemy Land ۾ موئن جو دڙو جي حوالي سان اتي دريافت ٿيل اٺٽيهه لاشن جو ذڪر ڪيو هو ته ڪجھه سنڌي اديبن ان متعلق اهو خيال ڏيکاريو ته ان سان موئن جو دڙو جي عدم تشدد واري تصور کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ هڪ نئون بحث شروع ٿي سگھي ٿو. پر هن ڪتاب جي ليکڪ اها ساڳي ڳالهه ڪندي انهن لاشن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هڪ يا وڌيڪ تعداد ۾ گھٽين ۽ گھرن مان مليا آهن ۽ اهو خيال ڏيکاريو آهي ته اهي ماڻهو جنگ جي نتيجي ۾ ئي وڙهندي ماريا ويا هوندا.
ان تهذيب جو اهو زوال اوڻويهين صدي قبل مسيح يعني ويدن جي وقت کان اڳ ٿيو. ان جي خاصيت اها هئي ته اها ائين غائب ٿي ڄڻ ان جو وجود ئي نه هو. ممڪن آهي ته انهن مان گھڻن کي غلام بڻايو ويو هجي ۽ گھڻا ٻين ڏيهن ڏانهن لڏي ويا هجن. ٻولي ختم ٿي ويئي. ٻه هزار قبل مسيح کانپو ڪنهن وڏي شهر جو نشان نه ٿو ملي. ان کانپو موئن جو دڙو جي اتر ۾ جهوڪر جي آبادي ۽ تيرنهين صدي قبل مسيح جي هڙپا جي ويجھو ايچ قبرستان جا نشان ملن ٿا.
اها تهذيب ته ختم ٿي ويئي ۽ شهري علائقن جي ختم ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو پر هڪ پسمانده ۽ پٺتي پيل حيثيت ۾ ٻهراڙي واري علائقن ۾ ان جو وجود باقي رهيو ۽ اها ڪن معاملن ۾ پوئتي ۽ ڪن ۾ ترقي ڪندي رهي. زراعت ۾ تبديليون آيون. گھڻيون پراڻيون پوکون ختم ٿي ويون ۽ نيون پوکون متعارف ٿيون. سال ۾ ٻن پوکن جو نظام رائج ٿيو. ويجھڙ وارين پٺتي پيل ثقافتن جو انهن تي اثر پيو. تجارت ۾ زوال آيو. سمير ۾ ٻارنهن سو قبل مسيح ۽ چين ۾ چار هزار قبل مسيح جي تصويرن جي ٻولي ۽ مصر جي تهذيب جي ٻولي کي پڙهي سگھڻ جي ڪري ان متعلق گھڻي ڄاڻ ملي سگھي آهي جڏهين ته هتان جي ٻولي ۽ لپي کي نه سمجي سگھڻ جي ڪري گھڻا پاسا لڪل آهن.
ٻولي انسان جي لا هڪ معجزو آهي. اها ارتقا جي مرحلن مان گذري اڄوڪي حيثيت تائين پهتي آهي. ان غير مانوس آوازن، اشارن ۽ تصويرن مان سفر طئي ڪيو آهي. سنڌو تهذيب جي پراڻي مروج ٻولي ختم ٿي ويئي هئي ۽ اهو سماج هڪ پسمانده حيثيت ۾ هليو ويو هو. پٺتي پيل سماجن ۾ ٻولين جو تعداد وڌي ويندو آهي جيڪو ان جي ترقي سان گھٽجندو ويندو آهي جيئن ويهه لک ماڻهن ۾ ساڍا ست سو ٻوليون رائج هيون.
ليکڪ آرين جي ڪاهه کي نه ٿو مڃي پر هو اها ڳالهه ڪري ٿو ته ايران ۽ وڄ ايشيا جا ماڻهو ٿوري تعداد ۾ افغانستان ۽ سوات مان سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي ٻين مختلف علائقن ۾ ايندا رهيا. اهيِ هتان جي اصلوڪن ماڻهن سان لاڳاپي ۾ آيا ۽ انهن جا هڪ ٻئي تي اثر پيا. زرتشت جي ڪتاب اويستا ۽ رگ ويد ۾ گھڻا هڪجهڙا لفظ آهن. ساڳي ريت رگ ويد ۾ ٻه ڊزن کان وڌيڪ اهڙا دراوڙي ٻولين جا لفظ آهن جيڪي اويستا ۾ ناهن. هندوستان ۾ هن وقت انڊو يورپين ٻولين جي خاندان کانپو دراوڙي ٻولين جو خاندان آهي. سندس چوڻ موجب آريا جو مطلب اشرافيه آهي ۽ ان کي ڪنهن نسل سان لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي جيئن نازين پاران ڪيو ويو هو ۽ نه ئي ڪنهن ٻولي جي بنياد تي اهو چئي سگھجي ٿو. ساڳي ريت رگ ويد ۾ گھوڙي جو ذڪر آهي جيڪو اڳ سنڌو تهذيب جي علائقن ۾ نه هو.
اها به سنڌو تهذيب متعلق هڪ تحقيق آهي. ان کي ڪو حتمي رايو نه ٿو چئي سگھجي ۽ نه ئي ليکڪ اهڙي دعوا ڪري ٿو. ٻولي سميت ان تهذيب جا گھڻا پاسا اڃا لڪل ۽ تحقيق طلب آهن جن جي سامهون اچڻ کانپو ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو.