ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شيخ رشيد جي گرفتاري ۽ خاقان عباسي جي استعيفا

Editorial-Article- Ghulam Hussain

ملڪ ڏينهون ڏينهن معاشي طور عدم استحڪام ۽ انتقام واري سياست ڏانهن وڌندو پيو وڃي. جيئن جيئن عام چونڊن جو وقت ويجهو ٿيندو پيو وڃي تيئن تيئن سياسي انتقامن جو سلسلو به عروج تي آهي، جنهن لاءِ رات جي اونداهيءَ ۾ گرفتاريون ٿي رهيون آهن يا وري مخالفن جي گهرن تي ڇاپن وسيلي کين حراسيو پيو وڃي. ان سان ملڪ غيريقيني صورتحال جو به شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ گهرو ويڙهه جهڙا منظر ڏسڻ وٽان ملن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري ڪجهه ڏينهن شيخن پويان رهڻ کان پوءِ ٽيون ڏينهن مس مس ضمانت تي آزاد ٿيو آهي ته وري عوامي مسلم ليگ جي صدر ۽ عمران خان جي ويجهو رهندڙ حمايتي شيخ رشيد احمد کي رات جي وڳڙي ۾ کنڀي قيد ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ سندس لال حويلي کي سيل ڪيو ويو هو، جيڪا عدالتي حڪم تحت ڊي سيل ڪئي وئي هئي. پوليس کيس اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مٿان قتل ڪرڻ واري سازش جو الزام لڳائڻ تحت گرفتار ڪيو آهي. پوليس مٿس اهو به الزام لڳايو آهي ته هو نشي ۾ ڌت هو، کانئس شراب جي بوتل به ملي آهي. ماضي ۾ مخالف سياستدان ڍڳي ۽ ڪڪڙ چوري ۾ به گرفتار ٿيندي ٻڌا ڏٺا ويا آهن. شيخ رشيد پنهنجي گرفتاريءَ کي انتقامي ڪارروائي ۽ توهين عدالت قرار ڏنو آهي.
هن کان اڳ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتي چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي. اينڪر عمران رياض کي به ٻيهر کنڀجڻ جا اطلاع آهن، جيڪو پڻ جمهوريت مٿان هڪ قسم جو وار آهي. مخالف ڌر گرفتارين ۽ گهرن تي ڇاپن کي انتقامي ڪارروائي آمريت جو ڏيکاءُ ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سازشي قدم قرار ڏنو آهي ۽ بقول سندن ته جيڪڏهن انتقامي سياست ختم نه ٿي ۽ مخالفن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ان جا اگرا نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. سياسي ڌريون توڙي حڪومتي ڌر ۾ شامل ڪجهه سياسي شخصيتون پڻ انتقامي سياست خلاف آهن.
پرڏيهه ۾ قيام پذير علاج بهاني پاڻ کي پنهنجو پاڻ جلاوطن بنائيندڙ ۽ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ )ن) ليگ جو قائد ميان محمد نواز شريف جيڪو ملڪ واپس اچڻ کان في الحال لنوائي رهيو آهي، پنهنجي نياڻي محترما مريم نواز کي اقتدار جي حاصلات لاءِ ميدان صاف ڏسڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ کيس پارٽيءَ جي چيف آرگنائيزر سينيئر نائب صدر بڻائي ڪجهه ٽاسڪ ڏئي پاڪستان موڪليو آهي، ان تي ڪجهه پارٽي اڳواڻ سخت ڪاوڙيل آهن ۽ آهستي آهستي سامهون پيا اچن. اڳوڻو وزيراعظم ۽ پارٽيءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ جيل ڪاٽيندڙ شاهد خاقان عباسيءَ جي ڏنل استعيفا به ڪنهن کان ڳجهي ناهي جيڪا (ن) ليگ کي ڪمزور ڪندي، جنهن سان به ميان محمد نواز شريف جا مقصد شايد ئي پورا ٿين ۽ سندس هٿ وڍجي وڃن. ان سان پارٽي ڪمزور ٿيندي ويندي. جڏهن تي خاقان عباسي خاموش نموني پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي نيت ظاهر ڪندي چيو اٿس ته هو (ن) ليگ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندو ۽ (ن) ليگ نه ڇڏيندو پر مريم نواز جي لاهور پهچڻ تي سندس استقبال نه ڪرڻ به شڪ شبها ظاهر ڪن ٿا. (ن) ليگي اڳواڻ اڳوڻي وزير خزانه مفتاح اسماعيل جا متضاد بيان ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار جي پاليسين تي اختلافات به (ن) ليگ قيادت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن.
آءِ ايم ايف جي بليڪ ميلنگ به (ن) ليگ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڀلي حڪومت آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪري پوءِ به هڙ حاصل ڪونه ٿيندس جو ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. آءِ ايم ايف ضمانت وٺڻ چاهيندي جيڪا ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ته ڪنهن جي ايندڙ حڪومت ٺهندي ۽ اها حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي يا شرطن تان ڦري ويندي. آءِ ايم ايف (ن) ليگ تي اعتماد نٿي ڪري. (ن) ليگ کي پئٽروليم جا اگهه وڌائڻ تي به وڌو ڌچڪو لڳو آهي جو مهانگائيءَ جو نئون طوفان اٿيو آهي. بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌندا. سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جو به حڪومت تي وڏو دٻاءُ آهي جيڪو پورو ڪرڻ هن حڪومت جي وس ۾ ناهي رهيو جو حڪومتي مالي وسيلا پڄاڻي تي پهچڻ جي ويجهو آهن.
چون ٿا عالمي دنيا ڪروڙين ڊالرن جي امداد ڏني آهي. وفاقي حڪومت ۽ ان جا وزير توڙي اڳواڻ اهڙي دعوا ڪندي نظر پيا اچن، پوءِ به ڊالر نظر نٿو اچي، اگهه ڪندو پيو وڃي. ٻوڏ سٽيل به امداد نه ملڻ جون دانهون پيا ڪن. جن جا گهر ڊهي پيا، کائڻ لاءِ ڪجهه به هو، تن هي سيارو سخت سيءَ ۽ بک تي گذاريو آهي. (ن) ليگ کي اتحادي ڇڏڻ جو سوچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اتحادي ڪنهن به قسم جي رسڪ کڻڻ نٿا چاهين ۽ عوام ۾ وڃڻ جو ارادو رکڻ چاهيندا جنهن لاءِ کين ڪو ته نعرو گهرجي. چونڊن کي ڊيگهه ڏيڻ سان به ملڪ لاءِ ڳنڀير مسئلا پيدا ٿيندا جو پاڙيسري ملڪ به ڪنهن ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو انتظار پيا ڪن. (ن) ليگ ۽ سندس اتحادي جماعتون عمران خان کي ميدان مان آئوٽ ڪرائڻ لاءِ کيس نا اهل ڪرائڻ چاهين ٿيون. اليڪشن ڪميشن جو هڪ ريفرنس ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ به جوڙي ڇڏي آهي. جيڪڏهن عمران مائنس جو ڪو فيصلو اچي ٿو ته فيصلي کان پوءِ ئي پي ڊي ايم حڪومت وقت کان اڳ چونڊن جو پروگرام ڏئي سگهندي، پر جيڪڏهن عمران چونڊن کان ٻاهر ٿئي ٿو ته دنيا اهڙين چونڊن کي هڪ طرفو قرار ڏيندي ۽ مستقبل ۾ جڙندڙ سرڪار کي عالمي سطح تي شايد ئي ڪا اهميت ملي.
ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ دهشتگرديءَ تي ٿيندڙ سياست به ملڪ لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي. ملڪ جي حفاظت به انتهائي ضروري آهي، جنهن لاءِ سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي حفاظت کي ترجيح ڏيندا. اهي نه چاهيندا ته ملڪ ۾ ڪو اندروني ڏڦيڙ يا بغاوت پيدا ٿئي. قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ خود اتحادين جنهن ۾ پ پ پ جي رضا رباني، (ن) ليگ جي سيد مشاهد حسين ۽ ٻين پشاور ڌماڪي تي حڪومت خلاف پنهنجو سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به ممڪنه دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي اثرائتا اپاءَ کڻڻ جي ضررت تي زور ڏنو آهي ۽ انتقامي سياست کي ختم ڪرڻ ڏانهن اشارو ڏنو آهي. اهي به خبرون آهن ته سخت ردعمل ڏيکاريندڙ اڳواڻن خلاف پارٽي ڊسپلين تحت اپاءَ وٺڻ جو به سوچيو پيو وڃي پر شايد ئي ڪو اهڙو فيصلو ٿئي. جيتوڻيڪ هن وقت پي ڊي ايم جي گڏيل سرڪار آهي پر ان جي ذميواري عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ تي وڌي پئي وڃي ته انهن جي ڪمزور پرڏيهي پاليسي سبب دهشتگردي منهن ڪڍيو آهي جنهن جو فيصلو به عام چونڊن ۾ وري به عوام کي ئي ڪرڻو پوندو. دهشتگرديءَ کي بنياد بڻائي چونڊن کي ملتوي ڪرڻ به ملڪ جي بهتري ۾ نه هوندو. ماضي ۾ دهشتگردي هوندي به چونڊون ٿيون آهن، سياسي ۽ چونڊ مهم وارا جلسا ٿيندا رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button