ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پشاور ۾ ٿيل قتلام

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

تازو پشاور ۾ ٿيل قتلام مان ائين لڳي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ظلم گهڻو وڌي ويو آھي، جڏھن ته بيگناھن جو قتلام سڄڻ کي ڀئو ۽ دشمن کي آسرو بڻجي ويو آھي.
ٻئي طرف، ڪور ڪمانڊرز گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي آرمي سربراهه جو چوڻ ھو ته غير اخلاقي ۽ ڪريل ڪارروايون قوم جي ارادي کي نه ٿيون ڊاهي سگهن. هن دهشتگردي خلاف آپريشنز جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف آپريشنز پائيدار امن حاصل ڪرڻ تائين جاري رکيا وڃن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته فورم، والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي نيت جو نوٽيس ورتو آھي، فورم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو به نوٽيس ورتو آھي ۽ ڪشميرين جي آزاديءَ جي جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو پختو ارادو ورجايو آھي.
بھرحال، ھاڻي اچو ته تازو پشاور جي مسجد ۾ نماز دوران وڏي پيماني تي ٿيل قتل جو جائزو وٺون. ميڊيا ۾ اھا به خبر آئي آھي ته پشاور جي پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو. اڳ واري رپورٽ موجب پوليس اھلڪارن سميت 63 شھيد ٿيا ۽ 150 کان وڌيڪ ڦٽجي پيا پر بعد ۾ ميڊيا جي انگن اکرن موجب شھيد ٿيلن جو انگ گهڻو وڌيڪ آھي. اھو ڌماڪو، ٻنپھرن جي نماز (ظھر) دوران پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيو. سيڪيورٽي آفيسرن جي چواڻي آپگهاتي حملو ڪندڙ مسجد جي پھرين لائين ۾ موجود ھو. ڪيترن زخمي ٿيلن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ھئي. طاقتور ڌماڪي جو ڪاٿو انھيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ٻن محلن واري عمارت ڪري پئي پيئي ۽ ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي. بندش پيل “تحريڪ طالبان پاڪستان” ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آھي. پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال شھيد ۽ ڦٽجي پيلن جا انگ اکر به جاري ڪيا آھن ته شھيد ٿيلن ۾ ڊي ايس پي پي عرب نواز، پنج سب انسپيڪٽر، مسجد جو امام صاحبزادو نورالامين، ھڪ عورت ۽ ٻيا شامل آھن. سيڪيورٽي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پوليس لائنز ۾ ٿيڻ وارو ڌماڪو آپگهاتي ھو ۽ اھو شخص پھرين لائين ۾ موجود ھو جنھن نماز دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
وزيراعظم شھباز شريف ڌماڪي کي ننديو آھي. سندس چواڻي مسلمانن جو قتل، قرآن شريف جي تعليم خلاف آھي. رب سڳوري جي گھر کي نشانو بڻائڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته حملو ڪندڙن جو اسلام سان ڪو به واسطو ڪونھي.
ٻئي طرف اھا به خبر آھي ته پشاور ۽ مردان شھرن ۾ سوين اھلڪار، ڪي پي ڪي صوبي ۾ تازو ٿيل دھشگرديءَ خلاف رستن تي نڪري آيا آھن. انھن دھشتگرن کي سزائون نه ڏيڻ جي صورت ۾ گڏيل استعيفائن جو دڙڪو ڏنو آھي. ھنن سوين ماڻھن جي شھادت خلاف پشاور ۾ پريس ڪلب آڏو به مظاھرو ڪيو ۽ گڏيل استعيفائن ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي. اھلڪارن جو چوڻ ھو ته پوليس اھلڪارن کي ڇو ٿيون قربانيون ڏيڻون پون؟ سندن دعوا ھئي ته جيڪڏھن آپگھاتي حملي جي جاچ نه ڪئي وئي ۽ ٻيھر حملو ٿيو ته سڄي صوبي جا ھڪ لک وڌيڪ ملازم استعيفائون ڏيندا.
وزيراعظم شھباز شريف به اھم بيان ڏنو آھي ته دھشتگرديءَ خلاف خيبر پختونخوا (ڪي پي ڪي) کي 417 ارب ڏنا ويا ھئا سي ڪيڏانھن ويا. سندس چوڻ ھو ته ڏهه سال پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سرڪار رھي ۽ اڄ اھي چون ٿا ته اسان وٽ وسيلا ڪونھن.
ڪي پي ڪي صوبي ۾ عمران سرڪار جو قبضو به اٽڪل ڏھن ورھين کان موجود آھي پر اتي وڏي پيماني تي قتل باوجود پنھنجي ڪمزوري مڃڻ بدران گهڻو ڪري ٻٽاڪون ھڻندو رھندو آھي، ڇاڪاڻ ته عمران خان جو گذارو رڳو سکڻن بيانن تي ھوندو آھي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پشاور پوليس لائنز ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي بابت دعوى ڪئي ته ان کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
عمران خان جو عوام کي آن لائين تقرير ڪندي سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به خيبرپختونخوا پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ جڏهن ٻه هزار تيرهن ۾ پي ٽي آءِ سرڪار اقتدار ۾ آئي تيستائين ست سئو کان وڌيڪ صوبي جا پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا. افسوس جوڳي ڳالهه اِها آهي ته تازو ايڏو وڏو دکدائڪ واقعو ٿيو پر ان کي عمران خان رڳو سياسي بڻايو آھي. سندس اھا به دعوا آھي ته مان مُلڪ ۾ دهشتگردي ۽ مهانگائيءَ جو ذميوار نه آهيان، اڄ منهنجي حڪومت ئي نه آهي، مان ذميوار ڪيئن ٿي سگهان ٿو، خراب حالتن جي ذميواري منهنجي حڪومت کان پهريان ٽيهه سالن کان اقتدار ۾ رهڻ وارن تي آهي.
انھيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونھي ته عمران خان تازو نئون پر خطرناڪ ناٽڪ رچايو آھي. سندس اعتراض جوڳن بيانن مان ائين لڳي ٿو ته سندس اصل نيت ذاتي شھرت حاصل ڪري سڄي ملڪ کي ئي تباهه ڪرڻ ئي آھي. ھونئن به ڏسجي ته ويچاري جو گذرسفر رڳو سکڻن بيانن تي ھوندو ھو ۽ ھاڻي به ائين ئي آھي. اسان جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن پوڻن چئن ورھين دوران سندس ڪارڪردگي وزيراعظم طور بھتر ھجي ھا ته عام ماڻھو سندس پٺڀرائي ڪن ھا ۽ کيس رڳو بيانن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو ناٽڪ ڪونه ڪرڻو پوي ھا. سندس لاڳيتن بيانن مان ائين لڳي ٿو ته کيس خاطري ٿي وئي آھي ته ملڪ جي ڀلائي رڳو سکڻن بيانن تي ھوندي آھي پر ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ عملي طور جدوجھد ۾ بلڪل ڪونهي. سندس اھا سوچ بلڪل غلط آھي.
تازو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف به چيو ته ساڍا 4 لک افغاني قانوني دستاويز تي پاڪستان آيا ۽ اهي هاڻي پنهنجي ملڪ واپس نه ويندا. خبر نه آهي ته انهن ۾ ڪير معصوم ۽ ڪير دهشتگرد آهن؟ ٻه ٽي سال اڳ هن ئي ايوان ۾ اسان کي بريفنگ ڏني هئي ته هي ماڻهو امن جي واٽ تي اچي سگهن ٿا. تنهنڪري ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي. ان دوران هزارن جي انگ ۾ افغانستان مان ايندڙ ماڻهن کي ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو ھو.
اهڙي ڳالهه سينيٽ ۾ پ پ سينيٽر رضا رباني به ڪندي چيو ته پاڪستان ايندڙ طالبان بابت چيو ويو ھو ته اهي “گڊ طالبان” آهن. هو آئين ۽ قانون مطابق ڪم ڪندا. تنهنڪري انهن جي بحالي ڪئي وڃي. ان تي نه پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو ۽ نه وري عوام کي. اهو به غلط چيو پيو وڃي ته قومي سلامتيءَ کان اجازت ورتي وئي هئي. ان وقت طالبان سان ڳالهين تي پ پ پ ۽ اي اين پي سخت احتجاج ڏيکاريا هئا پر سندن هڪ به نه ٻڌي وئي. جيتوڻيڪ ان وقت افغانستان مان ايندڙ ماڻهن خلاف سوات ۽ وانا ۾ ماڻهن احتجاج به ڪيو هو پر تنهن باوجود به افغانستان جي ماڻهن کي ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو. جنهن جا نتيجا اڄ ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو ايئن ٿيو هجي. خواجا آصف صحيح پيو چوي ته جڏهن روسي فوج افغانستان ۾ داخل ٿي هئي ته اسان ضياءُ الحق جي دور ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ ٽپو ڏنو. روس واپس هليو ويو ۽ آمريڪا خوش ٿي ويو پر ان کي ڀوڳيو اسان. اهڙيءَ ريت پرويز مشرف جي دور ۾ نائن اليون وارن واقعن کان ٻيهر اسان ان جو حصو بڻجي وياسين. ان سموري جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان اسان جو ئي ٿيو. دهشتگرديءَ جو ٻچ اسان پاڻ ئي ڇٽيو ۽ وري وڏي فخر سان پيا چئون ته اسين اسلامي مملڪت آهيون. هن مملڪت جي مسجد ۾ عبادت دوران حملا پيا ٿين، جيڪي ڀارت ۽ اسرائيل ۾ به ناهن ٿيندا. ڏٺو وڃي ته دهشتگرديءَ جي جنگ پاڪستان جي جنگ نه هئي پر ضياءُ الحق جي دور ۾ آمريڪا جي ونگار وهي وئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پنهنجي ملڪ جون سرحدون افغانين لاءِ کوليون ويون. ان مان سبق سکڻ بدران ٻيھر اهڙي غلطي پرويز مشرف جي دور ۾ ورجائي وئي ۽ هن ڀيري به سپر پاور جي ونگار وهي وئي، جنهن جو نقصان هن وقت تائين ڀوڳي رهيا آهيون.
بھرحال، ملڪ جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ سڀني سياستدانن کي ھڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جنھن ۾ ملڪ جو ڀلو سمايل ھوندو. ملڪ اندر دهشتگردي هلندڙ آهي. جيڪو 40 سال اڳ دهشتگرديءَ جو ٻچ ڇٽيو ويو هو تنھن کي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ھر صورت ۾ ختم ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button