ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ ۾ ڊٺل اسڪول مرمت ڪرايو

Editorial

گذريل سال آيل ٻوڏ سبب نه رڳو ماڻهن جا گهر ٻڏي ويا هئا پر ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون به پاڻي هيٺ اچي ويون هيون. جنهنڪري عوام کي وڏي تڪليف مان گذرڻو پيو هو. پر اسڪولن جون عمارتون پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ يا ڊهي پوڻ ڪري ٻارن جي پڙهائي جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ان ڪري ست مهينا گذرڻ کان پوءِ به ڊٺل اسڪولي عمارتون بحال نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه ئي انهن جو مرمتي ڪم ٿيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت به ڪيترائي اسڪول اهڙا آهن، جيڪي بنا عمارتن جي آهن ۽ اتي ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن. اهڙي ريت انهن لاءِ تعليم پرائڻ مشڪل ٿي وئي آهي. جڏهن ته اسڪولن جي مرمت ۽ بحالي تعليم کاتي جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي پر هتي حالت اها آهي جو تعليم کاتو ان پاسي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو اهڙُو ارادو پڻ نظر اچي ٿو. نتيجي ۾ کليل ميدان ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارڙا مجبوريءَ ۾ اسڪول ايندا آهن ۽ اتي بنا سهولتن واري اسڪول ۾ تعليم پرائي هليا ويندا آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي لاءِ برسات سبب ڊٺل اسڪولن کي ٺاهڻ ڪو اهڙو مسئلو ڪونهي. پيروسڻ ۾ به هڪ اهڙو اسڪول آهي، جتي ٻار تعليم پرائي رهيا آهن.
پيروسڻ برسات دوران ڊهي پٽُ پيل سرڪاري پرائمري اسڪول حبيب وانڍ جي سرڪار توڙي تعليم کاتي سار نه لڌي آهي، عمارت جي مرمت نه ٿيڻ سبب 150 کان وڌيڪ شاگرد توڙي شاگردياڻيون زمين تي ويهي علم پرائڻ لڳيون آهن. جڏھن ته ٿڌ سبب ڪيترائي ٻارڙا بيمار ٿي پيا. 5 هزار آبادي رکندڙ ڳوٺ جو واحد اسڪول برسات سبب چوديواري سميت ڊھي پٽ پئجي ويو هو. اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت واش روم جي ڪا سهولت ناهي. چوديواري ڊهڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول لنڪ روڊ ڀرسان ۽ آسپاس ۾ گھر هجڻ ڪري شاگردن کي پريشانين ٿيڻ لڳي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايم سي چيئرمين ۽ اسڪول ۾ مقرر استاد دانهيندي چيو ته اسڪول جي عمارت، فرنيچر، چوديواري، واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا سهولت ناهي، دانهون ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي جا آفيسر رڳو دورا ڪرڻ اچن ٿا ۽ تصويرون ٺاهي هليا وڃن ٿا، برساتن ۾ عمارت ڪرڻ سبب شاگرد جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. هنن سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته جلد عمارت جي مرمت ڪرائي فرنيچر سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن. اسڪولن لاءِ ايس ايم سي فنڊ هوندا آهن، جن وسيلي اسڪولن جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون آهن، پر هن وقت جيڪڏهن اسڪول لاءِ ايس ايم سي فنڊ نه به آهن ته اهو تعليم کاتي جو فرض بڻجي ٿو ته اهو اسڪول جي عمارت مرمت ڪرائڻ ۾ دير نه ڪري. پر هيستائين ڪابه چرپر نظر ڪونه آئي آهي. ان کان سواءِ ان ضلعي ۾ موجود ڊي اي او به پيروسڻ جي اسڪول جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سياري جي موسم ۾ کليل ميدان ۾ تعليم پرائڻ ڪيترو ڏکيو ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو شايد تعليم جي اعليٰ عملدارن کي نه هجي پر انهن ٻارن ۽ استادن کي ضرور هوندو جيڪي ميدان ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ تي مجبور آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي شهرن ۾ جتي به اسڪول ڊٺل آهن يا انهن جي حالت بهتر ناهي، اتي ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اتي اهي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جتي ڪا عمارت ناهي، اتي هنگامي بنيادن تي عمارت جوڙي وڃي ۽ جن اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي يا اڃا تائين پاڻي هيٺ آيل آهن، اتان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي ٻارن جي مستقبل جو معاملو آهي ۽ جيستائين ٻارن کي تعليم پرائڻ لاءِ بهتر ماحول ڪونه ملندو تيستائين اهي سٺي تعليم پرائڻ کان محروم رهندا. ان ڪري تعليم کاتو ان معاملي کي ترت حل ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button