ڏند ڪٿا ڇا آهي؟
ان ڪري ڏکائين کي حل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد لا ڏند ڪٿائن جو علم (mythology) جوڙيو ويو، جنهن ماڻهن کي دنيا ۾ پنهنجي حقيقي جا ۽ اصلي سڃاڻپ ڳولڻ ۾ مدد ڪئي. اسان سڀئي اهو ڄاڻڻ گهرون ٿا ته پاڻ ڪٿان آياسين، پر جيئن ته انسان جي شروعاتي تاريخ جو ڪو پيرائتو احوال نه ملي سگهيو آهي، ان ڪري اسان پنهنجن ابن ڏاڏن جي حوالي سان ڏند ڪٿائون جوڙي ورتيون، اهي ڪي تاريخي حقيقتون نه آهن، پر اهي اسان کي وايومنڊل، پاڙيسرين (سان لاڳاپن) ۽ ريتن رسمن جي حوالي سان موجوده روين جو خلاصو ڏين ٿيون. اسين اهو به ڄاڻڻ گهرون ٿا ته پاڻ ڪيڏانهن وينداسين، ان ڪري پاڻ اهڙيون ڪهاڻيون گهڙي ورتيون آهن، جيڪي انسان پڄاڻا (posthumous) وجود جي ڳالهه ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ پاڻ کي خبر پوندي ته ٿوريون ئي ڏند ڪٿائون (اهڙيون آهن) جيڪي امرتا جي ڳالهه ڪن ٿيون ۽ پاڻ انهن شاندار پلن کي بيان ڪرڻ گهرون ٿا، جڏهن پاڻ پنهنجن عام رواجي فڪرن کان اڳيان نڪري وڃون ٿا. خدائن (جي تصور) اسان جي انهي ماورائي تجربي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.
‘Perennial philosophy’ اسان جي ان خيال کي بيان ڪري ٿي ته انسانن ۽ هن مادي دنيا ۽ جيڪو ظاهر ظهور آهي، ان کانسوا به گهڻو ڪجهه آهي. اڄڪلهه لفظ “ڏند ڪٿا” رڳو ان ڳالهه جي سمجهاڻي طور استعمال ٿئي ٿو جيڪا سچ نه آهي. جيڪڏهن هڪ سياستدان تي هيرا ڦيريءَ جو ننڍڙو الزام به لڳي ٿو ته اهو ان لا چئي ٿو “ڏند ڪٿا” (ڪوڙ) آهي. جڏهن پاڻ ديوتائن جو ڌرتي تي هلڻ، مُئلن جو قبرن مان نڪري اچڻ يا دشمن کان بچڻ لا چونڊيل ماڻهن لا مُعجزاتي طور درياهه جو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ (جون ڳالهيون) ٻڌون ٿا ته هڪدم انهن ڪهاڻين کي افسانوي چئي رد ڪري ڇڏيون ٿا. 18هين صدي کان وٺي پاڻ تاريخ کي سائنسي اصولن تي پرکڻ لڳاسين. هر ڳالهه کي پاسيرو ڪري پاڻ رڳو ان تي پريشان هوندا آهيون ته نيٺ ٿيو ڇا هو؟ پر جدت کان اڳ واري دنيا ۾ جڏهن ماڻهو تاريخ بابت لکندا هئا ته اهي ان لا فڪرمند هوندا هئا ته انهن واقعن مان ڪهڙي مراد هئي؟ ڏند ڪٿا هڪ اهڙو واقعو هوندي آهي، جيڪو ڪنهن خاص معنى ۾ رڳو هڪ ڀيرو ٿيو هجي ۽ اهو وري وري به ٿيندو رهيو هجي. جيئن ته پاڻ تاريخ جي حوالي سان سختيءَ سان واقعن کي ترتيبوار ڏسندا آهيون، انهي ڪري پاڻ وٽ اهڙن واقعن لا ڪو لفظ نه هوندو آهي. پر ڏند ڪٿا تاريخ نويسيءَ کان مٿانهون فن آهي، جيڪو پاڻ کي حقيقت جي جوهر جي سراسري نظر ڏيندو آهي.
ماورائي تجربو سدائين انساني تجربي جو حصو رهيو آهي. پاڻ وجداني ڪيفيتن وارن پلن کي ڳوليندا آهيون، اهي پل اهي هوندا آهن، جڏهن پاڻ وقتي طور باطن مان متاثر ٿي پنهنجي ذات کان اڳيان نڪري ويندا آهيون. ان وقت لڳندو آهي ته پاڻ عام رواجي زندگي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت سان زندگي گهاري رهيا آهيون. وجد کي حاصل ڪرڻ لا مذهب روايتي طريقن مان هڪ رهيو آهي. جيڪڏهن اهو ماڻهن کي مندر، ڪليسا، synagogue (يهودين جي عبادت ڪرڻ واري جا) يا مسيت ۾ نه ملندو آهي ته اهي ان کي ٻين شين جهڙوڪ: آرٽ، موسيقي، شاعري، ناچ، نشي پتي، جنسي عمل يا راندين ۾ ڳولڻ لڳي ويندا آهن. شاعري ۽ موسيقي جيان ڏند ڪٿا به اسان کي بيخودي جي آگاهي ڏئي ٿي، ان وقت به جڏهن پاڻ موت جي منهن ۾ هوندا آهيون ۽ تڏهن به جڏهن فنا ٿيڻ جي خيال تي مايوسيءَ جو احساس ٿيندو هجي. جيڪڏهن ڏند ڪٿا ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته پو اها مري چڪي آهي ۽ پنهنجي هجڻ جو ڪارج وڃائي ويٺي آهي.
ان ڪري ڏند ڪٿا کي سمجهه (ڏاهپ) جو ڪريل حصو سمجهڻ ۽ انسان جي دليل واري زماني ۾ اچڻ کانپو ان کي پاسيرو ڪري ڇڏڻ (وارو عمل) بلڪل غلط آهي. ڏند ڪٿا تاريخ نويسيءَ جو اوائلي طريقو نه آهي ۽ اها به دعوا نٿي ڪري سگهجي ته ان جون آکاڻيون اڻٽر حقيقتون آهن. ڪنهن ناول، اوپيرا يا شاعري جيان ڏند ڪٿا “تصور ڪريو” واري اصول تي آڌاريل هوندي آهي. اها هڪ اهڙي راند آهي جيڪا پنهنجي ورهايل ۽ ڏکن سان ڀريل دنيا کي سهڻو بڻائي ٿي ۽ “جيڪڏهن ايئن هجي ته” وارو سوال پڇي نوان رخ ڏيکاري ٿي. اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن فلسفي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪجهه اهم کوجون ڪرڻ لا اسان کي اتساهيو. نينڊرٿل (Neanderthal) وارا پنهنجن مُئلن کي نئين زندگي لا تيار ڪندا هئا، ٿي سگهي ٿو اهي روحاني حوالي سان “تصور ڪريو” واري انهي ساڳي راند ۾ رُڌل هجن، جيڪا ڏند ڪٿائن جي هر تخليقڪار ۾ عام رهي آهي: “جيڪڏهن ايئن هجي جو هي دنيا ئي سڀ ڪجهه نه هجي ته پو؟ اها انساني زندگين تي نفسياتي، عملي ۽ سماجي طور ڪيئن اثرانداز ٿيندي؟ ڇا اسان الڳ ٿلڳ ۽ وڌيڪ پورا ٿي پونداسين؟ ۽ جيڪڏهن ان ڪري پاڻ اهو ڳولي لهون ته ڏاڍا مٽجي ويا آهيون ته ڇا پو اها ثابتي نه هوندي ته اسان جو ڏند ڪٿائي ويساهه سچو هو، ته اهو اسان کي پنهنجي انسانيت بابت ڪا اهم ڳالهه ٻڌائي رهيو هو، جيتوڻيڪ پاڻ ان کي منطقي طور ڀلي ثابت نه ڪري سگهون؟ انسان ذات راند ڪرڻ جي صلاحيت کي برقرار رکڻ جي حوالي سان نرالي (مخلوق) آهي. ٻيا جانور، جيڪڏهن اهي ڪنهن هٿرادو قيد ۾ نه رهيا هجن ته اهي مسرت جي شروعاتي نموني کي جهنگ جي ڏکين حقيقتن کي منهن ڏيندي ڏيندي وڃائي ويهندا آهن. بالغ انسان جيئن پو تيئن مختلف امڪانن سان کيڏندي مزو پيا ماڻيندا آهن، ٻارن جيان اسان (وڏا) به پيا تصوراتي دنيائون ٺاهيندا آهيون. دليل ۽ منطق جي پابندين کان آجا ٿي پاڻ آرٽ ۾ نوان روپ ڳولي لهندا آهيون، جيڪي پنهنجين زندگين کي مسرتن سان ڀري ڇڏيندا آهن ۽ اسان ويساهه ڪندا آهيون ته اهي پاڻ کي ڪو اهم ۽ وڏو سچ ٻڌائين پيا.
ڏند ڪٿا ۾ به اسين هڪ مفروضي کي اڳيان رکندا آهيون، ريتن رسمن ذريعي ان کي حياتي ڏيندا آهيون، ان تي عمل ڪندا آهيون، پنهنجين زندگين ۾ ان جي اثرن تي غور ڪندا آهيون ۽ اهو ڳولي وٺندا آهيون ته پنهنجي هن دنيا جي مونجهائيندڙ معمي لا ڪا نئين بصيرت حاصل ڪري ورتي آهي.
ڏند ڪٿا ان ڪري سچ آهي جو اها اسان کي حقيقي ڄاڻ ڏيڻ بدران (اسان تي) اثر ڪندڙ آهي، پر جيڪڏهن اها اسان کي زندگي جي ڳجهي معنا کي سمجهڻ لا ڪا نئين بصيرت نٿي ڏئي ته پو اها ناڪام ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اها اسان کي پنهنجو ذهن ۽ پنهنجي دل بدلائڻ لا راضي ڪري ٿي، اسان کي اميد ڏياري ٿي ۽ پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذارڻ تي زور ڀري ٿي ته پو اها صحيح ڏند ڪٿا آهي. ڏند ڪٿا اسان کي تڏهن ئي بدلائي سگهي ٿي جڏهن اسين ان جي هدايتن تي پوري نموني عمل ڪريون. پنهنجي جوهر ۾ ڏند ڪٿا رهبري ڪندي آهي، اها اسان کي ٻڌائيندي آهي ته ڀرپور زندگي گذارڻ لا پاڻ کي ڇا ڪرڻ کپي. جيتري تائين اسان ان کي پنهنجي حالت تي لاڳو نه ڪنداسين ۽ ان کي پنهنجي زندگي جي حقيقت نه بڻائينداسين، ايتري تائين اها board games جي قاعدن قانونن جيان سمجهه ۾ نه ايندڙ ئي لڳندي، (اهي قاعدا ۽ قانون) جيڪي ايتري تائين مونجهائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ لڳندا آهن جيتري تائين اسين پاڻ (انهن راندين کي) کيڏڻ شروع نٿا ڪريون.
ڏند ڪٿا کان پنهنجي هن جديد اوپرائيءَ جي ڪا ثابتي نٿي ملي. جدت کان اڳ واري دنيا ۾ ڏند ڪٿا اڻٽُٽ حصو هئي. ان رڳو انساني زندگين کي سمجهاڻي نٿي ڏني، پر ان ڪري انساني ذهن جا اهي حصا به نروار ٿيا جن تائين ٻئي ڪنهن نموني پهچڻ ممڪن نه هو. اها نفسيات جي علم جي شروعاتي شڪل هئي. ديوتائن يا سورمن جو پاتال ۾ وڃي ۽ انگڙ ونگڙ مان پار پئي راڪشسن کي ماري مات ڪرڻ وارين ڪهاڻين نفسيات جي ڳجهن کان روشناس ڪرايو ۽ ماڻهن کي اهو سيکاريو ته اهي پنهنجي من اندر متل ممڻ کي ڪيئن قابو ڪن. جڏهن فرائيڊ ۽ ينگ نفسيات کي سمجهڻ لا نئين انداز ۾ مهم شروع ڪئي ته انهن به پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ لا ڪلاسيڪي ڏند ڪٿائن جو سهارو ورتو ۽ انهن پراڻين ڏند ڪٿائن کي نئون تفسير ڏنو. ان ۾ ڪابه نئين ڳالهه نه هئي. ڏند ڪٿا جو ڪڏهن به ڪو هڪ ڪٽر (سچو) نسخو نه رهيو آهي. جيئن پنهنجون حالتون مٽجنديون آهن ته پاڻ کي نئين انداز سان ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي ضرورت پوندي آهي، جيئن انهن مان ابدي سچ کي نروار ڪري سگهون. ڏند ڪٿا جي هن مختصر تاريخ ۾ پاڻ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڪيئن هر ڀيري ماڻهن اهم وکون کڻي پنهنجن ڏند ڪٿائن تي نظرثاني ڪري انهن کي نئين حالتن بابت ڳالهائڻ جي لائق بڻايو. ان سان گڏ پاڻ اهو به ڏسنداسين ته انساني فطرت گهڻي ڀاڱي نه مٽجندي آهي ۽ مختلف سماجن جون ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون هڪ ٻئي کان مختلف نه آهن، اهي اڃا به اسان جي سڀني کان وڏن خوفن ۽ خواهشن جي ڳالهه ڪن ٿيون. (پورو ٿيو)