محمد اجمل
گوتم ٻڌ کي ھندستان جي تاريخ جي عظيم ترين شخصيت جو اعزاز حاصل آهي. غور طلب ڳالھه اھا آھي ته سندس فڪري تعليم کي فلسفي جي حدن ۾ آڻجي يا مذهبي حوالي سان ڏسجي؟ اسان جڏهن نظر وجهون ٿا ته اسان کي ٻئي رويا ڏسڻ ۽ پڙهڻ وٽان ملن ٿا. اهو هڪ بحث آهي جيڪو اميد آهي ته هڪ ڏينهن حل ٿي ويندو.
ناول “عشق تمام برهه تمام” بنيادي طور ٻن حصن تي ٻڌل آهي، هڪ ٻڌ مت ۽ ٻيو عشق. ٻئي پنهنجي جوهر ۾ ڪمال رکندڙ آهن، جيڪي رياضت طلب آهن، چاهي اهي تن جي هجي يا من جي. ٻئي موضوع پنهنجي پر ۾ ڏکيا به آهن ته سولا به.
سو بهرحال اسان موضوع تي اچون ٿا، هن ناول جي ليکڪا سحر گل ڀٽي آهي. ناول جي موضوعن سان ليکڪا جي دلي وابستگي آهي. جيئن “سوفي جي دنيا” ناول ۾ خطن ذريعي سوفي کي فلسفي جي تعليم ڏني وئي آهي، تيئن هن ناول ۾ به خطن ذريعي ٻڌمت جي تاريخ، فڪري تعليم ۽ فلسفي کي بيان ڪيو ويو آهي.
هن ناول جا ٽي مکيه ڪردار آهن. جيڪي ٽئي هڪٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن تعلق جي حوالي سان ڳنڍيل آهن.
هتي اسين انهن ڪردارن جو مختصر تعارف پيش ڪريون ٿا.
(1) ڪبير: جيڪو بلوچستان واسي آهي. هو فوٽوگرافر ۽ اينٿروپالاجي جو شاگرد آهي، جيڪو يونيورسٽي مان پنهنجي تحقيقي ڪم سبب ٻڌمت تي ڪم ڪرڻ لاءِ لداخ ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ اچي ٿو، جتي ٻوڌي ناري جي عشق ۾ اڙجي ٻڌمت جي رستي تي هلي ٿو.
(2) جادم: جيڪو ٻوڌي بڻجڻ لاءِ پنهنجي وني ۽ محبت کي ڇڏي ٻڌمت جي رستي تي هلي ٿو.
(3) ميرا يا مينتوخ: هن ڪردار کي مرڪزي ڪردار چئون ته ڪجهھ غلط نه ٿيندو. هي ڪردار عشق ۽ ٻڌمت جو گڏيل ميلاپ آهي.
ٻڌمت عشق جو سفر آهي، اهو سفر جيڪو انسان کي ڪائنات جي رازن پروڙڻ جي سگھه ڏئي ٿو، اهو سفر جيڪو انسان کي همت ۽ حوصلو عطا ڪري ٿو، انسان کي آوي ۾ پچائي ڪندن بڻائي ٿو. اهي خواب ئي آهن، جيڪي زندگي کي حقيقي روپ عطا ڪن ٿا. ٻوڌي پنڌ اندر جو پنڌ آهي، هر انسان جيڪو ٻوڌي ٿيڻ جي تمنا رکي ٿو، اهو ان پنڌ جي چونڊ پاڻ ڪري ٿو.
عام طور تي چيو وڃي ٿو ته سنياسي ٿيڻ لاءِ زندگي جي خواهشن کان سوا ناري تياڳ به وٺڻو پوندو آهي، پر ائين نه آهي. توهان سماج ۾ رهي به ٻوڌي ٿي سگهو ٿا، سياست توڙي سماجيات سان واسطو رکي سگهجي ٿو.
ٻڌ جي فلسفي کي اپنائن لاءِ ضروري ناهي ته توهان پنهنجي مذهبن کي ڇڏيو پر توهان پنهنجي مذهب ۾ رهي به ٻڌ جا پوئلڳ ٿي سگهو ٿا، ڇو ته گوتم ٻڌ جو فڪر فلسفياڻو تسلسل آهي نه ڪي مذهب.
ناول جو ڪردار جادم جو ٻڌمت جي عشق ۾ لداخ توڙي ٻوڌي شالائن جو راهي بڻجي ٿو. عشق جو هر ڀيري نون نون روپن ۾سامهون اچي نروار ٿئي ٿو. جادم جو عشق به ڪڏهن ٻوڌي جي روپ ۾ نروار ٿو ٿئي ته ڪڏهن سندس سگني ميرا جو روپ ٿو ڌاري.
ميرا سسئي وانگر محبوب مان ڦري عاشق بڻجي، محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سفر ڪري ٿي. بقول سائين جي ايم سيد جي “عشق مجازي مان عاشق عشق حقيقي جي منزل تي پهچي ٿو.” ائين ئي ميرا جيڪا پنهنجي محبوب جي ڳولا ٻوڌي بڻجي مينتوخ جو روپ اختيار ڪري ٻوڌي بڻجي نرواڻ حاصل ڪري ٿي.
دلين جو ڳنڍجڻ فطري آهي، جيڪو انسان کي نئين سر جنم ڏي ٿو. ڪبير جيڪو تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ لداخ پهچي ٿو، اهو هڪ عاشق جي عشق ۾ گهايل ٿي وڃي ٿو. عام طور تي اسان وٽ عشق کي عقل تي فوقيت ڏني وڃي ٿي. سحر گل لکي ٿي ته “جڏهن عشق عقل بنان نروار ٿيندو آھي ته ان اهڙا جنوني ڏيک نظر ايندا آهن، ٻڌمت بحيثيت مذهب نه پر هڪ فڪر آهي. ٻڌمت کي عشق ۽ عقل ساڻ ڪري هلڻا پوندا آهن. پنهنجي ڳالهھ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿي ته اصل ۾ محبت عقليت جو هڪ مظهر آهي، جيڪو واقعي جسم توڙي روح ڇانگي ٿو.”
محبت ظلمت ۽ ڀورائپ مان ڪڍي ٿي، منطقيت، عقليت ۽ عشق ۾ ربط پيدا ڪري ٿو. عشق ئي ته آهي جيڪو روح جي پنڌ جو راهي بڻائي ٿو. گوتم ٻڌ انساني همدردي، رحم، محبت، ڄاڻ ۽ اهنسا جو درس ڏيندو هليو ويو.
چيو ويندو آهي ته جيون ڪٿا ئي اڳتي هلي ڏند ڪٿا جو روپ ڌاري ٿي، پر سڌارٿ جي جيون ڪٿا ۾ ڪيترين ئي هٿ ٺوڪين ڳالهين کي شامل ڪري عقيدي جو روپ ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌمت کي هڪ ڌرم/ مذهب جو لباس پارائي پيش ڪيو ويو آهي.
هڪ پاسي ارسطو عورت ۽ مرد کي ڪمتر سمجهندو هو ته ٻئي پاسي گوتم ٻڌ عورت ۽ مرد کي برابر جي حيثيت ڏئي ٿو.
عربن کان اڳ سنڌ ۾ چار سو ٻوڌي شالائون ۽ ڇويھه هزار ٻوڌي موجود هئا، عربن کان اڳ ٻوڌي در جو ذڪر اسان کي تاريخ ۾ ملي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت به ٻوڌي در موجود آهن، جنهن ۾ اروڙ، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ننگرپارڪر ۾ آهن. موهن دڙي جي اسٽوپا کي ٻوڌي دور جو يادگار سڏيو وڃي ٿو.
1965ع تائين ٿورا گهڻا ٻوڌي هئا، جن کي به پاڪستان – ڀارت جنگ جي بهاني لڏايو ويو.