
ڪراچي: ايڇ بي ايل پي ايس ايل 8 جي فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي بالرن کي صحيح وقت تي استعمال ڪيو، جنهن جو اسان کي فائدو ٿيو. پي ايس ايل 8 جي افتتاحي ميچ کانپوءِ شاهين لاهور قلندرز جي حڪمت عملي بابت ڳالهائيندي پنهنجي بيٽسمينن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته اها طاهر جي پهرين ميچ هئي ۽ هن سٺي بيٽنگ ڪئي، جڏهن ته فخر زمان به سٺي بيٽنگ ڪئي آهي. شاهين آفريدي چيو ته اسان پنهنجي بالرن کي صحيح وقت تي استعمال ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو آهي.